خاصنئون

انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي وزيراعظم جو اقوام متحده ۽ عالمي برادري کان ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي ختم ڪرائڻ جو مطالبو

وزيراعظم عمران خان انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مسلمانن کي ياد رکڻ گهرجي ته مساوات، انصاف ۽ سڀني جي لاءِ انساني حقن جي تحفظ جو پيغام اسان جي نبي اڪرم صلي الله عليه و آلهي وسلم 1400 سال پهرين ڏنو هو. انساني حقن ۽ وقار جي احترام جي بنيادي اصولن جو درس ان جو حصو آهي. وزيراعظم چيو ته جيڪي فرض اسان جي آئين ۾ درج آهن، ان حوالي سان منهنجي حڪومت پنهنجي شهرين جي انساني حقن جي بنا فرق تحفظ جي لاءِ پر عزم آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته انساني حقن جي ڏينهن تي عالمي ضمير سان، بين الاقوامي قانون جي حامين ۽ اقوام متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل کي اپيل ٿو ڪريان ته اهي مقبوضه ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت جي غير قانوني قبضي جي خلاف ايڪشن وٺن. اسان چئن مهينن کان جاري محاصري جي شديد مذمت ڪندي ان کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا.