بلاگنئون

پاڪستان ۾ لائبريرين اندر جديد سهولتن جي کوٽ

لائبريري هميشه صرف ڪتابن سان ڀريل عمارتون نه رهيون آهن. اهي علم جو ذخيرو، تخليق جو مرڪز ۽ تجسس، سکيا ۽ ذاتي واڌاري لاءِ پليٽ فارم آهن. تاريخ شاهد آهي ته لائبريرين انساني تهذيب ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سڀ کان پراڻيون ڄاتل لائبريريون قديم ميسوپوٽيميا ۾ تقريبن  2600 قبل مسيح ۾ موجود هيون، جتي مٽي جا تختا محفوظ، درجا بند ۽ رڪارڊ ڪيا ويا. اليگزينڊريا جي لائبريري، جيڪا مصر ۾ ٽئين صدي قبل مسيح ۾ قائم ٿي، منظم علم ۽ فڪري خواهش جي علامت طور مشهور ٿي. تنهن هوندي، جديد معنى ۾ پهرين عوامي لائبريري بعد ۾ 1608 ۾ نورويچ، انگلينڊ ۾ قائم ڪئي وئي، جنهن عام ماڻهن لاءِ علم تائين پهچ کي ممڪن بڻايو. اڄ آمريڪا ۾ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ لائبريريون آهن، 116,000 کان وڌيڪ عوامي، اڪيڊمي، اسڪول ۽ خاص ڪيٽيگرين ۾، جيڪو ڏيکاري ٿو ته لائبريريون تعليم، تحقيق ۽ ڪميونٽي زندگي ۾ ڪيترو اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. پاڪستان، جيڪو 240 ملين کان وڌيڪ ماڻهن جو ملڪ آهي، لائبريرين کي سکيا، تحقيق ۽ ذاتي واڌاري لاءِ اهم اوزار طور تسليم ڪري ٿو. جڏهن ته ملڪ ۾ قومي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي ڪيتريون ئي لائبريريون موجود آهن، انهن جي ورڇ، انفرااسٽرڪچر، ۽ ڊجيٽل پهچ اڻ برابري واري آهي. لاهور، ڪراچي، ۽ اسلام آباد جهڙن وڏن شهرن ۾ ڪجهه سٺي طرح ترتيب ڏنل ادارا موجود آهن، پر اڪثر ضلعي سطح تي مڪمل فعال لائبريريون نظر نٿيون اچن. شهرن ۾ به جتي لائبريري موجود آهي، ڊجيٽل وسيلن، انٽرنيٽ ۽ اي-ڪتابن تائين رسائي اڃان تائين محدود آهي، جيڪو نوجوانن جي سکيا جي ذريعن کي محدود ڪري ٿو.  لائبريري صرف ڪتابن رکڻ لاءِ ڪا جاءِ ناهي، پر اها سکيا، جدت ۽ سماجي رابطن جو مرڪز به هوندي آهي. پاڪستان ۾، لائبريريون ڪيترن ئي مقصدن لاءِ ڪم ڪن ٿيون. اهي شاگردن ۽ محققن کي اهم ڪتابن ۽ وسيلن کي مهيا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿيون. مطالعي لاءِ پر سڪون ۽ محفوظ جڳهه فراهم ڪن ٿيون ۽ وڌندڙ طور تي ڊجيٽل خواندگي ۽ ٽيڪنالاجي جي تربيت جا مرڪز بڻجي رهيون آهن. جڏهن دنيا تيزيءَ سان علمي معيشت ڏانهن وڌي رهي آهي، اهڙي وقت ۾ اعتبار جوڳي معلومات ۽ ڊجيٽل ٽولز تائين رسائي نوجوانن لاءِ لازمي ٿي وئي آهي.

لائبريريون ڪميونٽي جي شموليت کي پڻ يقيني بڻائين ٿيون. ٻاهرين ملڪن ۾ لائبريرين ۾ ڪهاڻين ٻڌائڻ جا سيشن، پڙهائي ڪلب، ورڪشاپس ۽ ثقافتي تقريبون پڻ منعقد ڪيون وينديون آهن. اهي اهڙو ماحول مهيا ڪن ٿيون جتي تخليق، تنقيدي سوچ ۽ تعاون فروغ وٺي سگهي. ڏورانهن ۽ گهٽ ترقي يافته علائقن ۾، جتي تعليمي وسيلن جي کوٽ ٿي سگهي ٿي، لائبريريون اڪثر علم تائين پهچ جو پهريون دروازو بڻجن ٿيون، ڪميونٽي ۽ جديد تعليمي موقعن جي وچ ۾ پل جو ڪم ڪن ٿيون. پاڪستان جو لائبريري نيٽورڪ ملڪ جي صلاحيت ۽ چئلينجن کي ظاهر ڪري ٿو. وڏن شهري علائقن ۾ بهتر ترتيب ڏنل ادارا موجود آهن، جڏهن ته ڏورانهن ضلعن اڪثر گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ ڪتابن ۽ سهولتن جي کوٽ نظر اچي ٿي.

پنجاب ۾ تقريبن 1,200 لائبريريون موجود آهن، جنهن ۾ نمايان ادارا جهڙوڪ پنجاب پبلڪ لائبريري ۽ قائداعظم لائبريري، لاهور شامل آهن. شهري لائبريرين ۾ ڪٿي ڪٿي ڊجيٽل وسيلا مهيا ڪيا وڃن ٿا، پر ڪيترن ئي ضلعي سطح جي لائبريرين ۾ ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ جهڙيون سهولتون نظر نٿيون اچن. نوجوانن لاءِ پڙهائي ڪلب، ڊجيٽل خواندگي ورڪشاپس ۽ تحقيقاتي مقابلا ترتيب ڏيڻ ضروري آهن. سنڌ ۾ تقريبن 900 لائبريون جهڙوڪ لياقت ميموريل لائبريري، ڪراچي ۽ سنڌ پبلڪ لائبريري، حيدرآباد ۾ ڊجيٽل رسائي جهڙيون سهولتون تمام محدود آهن. ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ اي-ڪتابن سان اپ گريڊ ڪرڻ سان شاگردن ۽ نوجوان محققن لاءِ سکيا جا موقعا وڌيڪ بهتر ٿي سگهن ٿا. خيبر پختونخواهه ۾ تقريبن 450 لائبريريون موجود آهن، جنهن ۾ پشاور پبلڪ لائبريري ۽ يونيورسٽي لائبريري شامل آهن. اڪثر ضلعي لائبريرين ۾ ڪمپيوٽر، آن لائين ڊيٽابيس ۽ ڊجيٽل وسيلن جي کوٽ آهي. بلوچستان ۾ تقريبن 200 لائبريريون موجود آهن، هتي پڻ ڊجيٽل وسيلن جي کوٽ نظر اچي ٿي ۽ اڪثر ضلعن ۾ انٽرنيٽ موجود نه آهي. موبائل لائبريري هجڻ، آن لائين لرننگ ماڊلز  ۽ ڪميونٽي بنياد تي خواندگي مهمون فائديمند ٿي سگهن ٿيون. اسلام آباد ۾ تقريبن 50 لائبريريون موجود آهن، جنهن ۾ نيشنل لائبريري شامل آهي. ڊجيٽل وسيلن تائين رسائي گهڻو ڪري محققن ۽ شاگردن تائين محدود آهي. عوام لاءِ انهن سهولتن جي رسائي اڃان وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ هر ضلعي سطح تي ڊجيٽل هب قائم ڪري نوجوانن کي ان قسم جون سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي اولين ذميداري آهي.  آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تقريبن 60 لائبريريون موجود آهن، اتي گهڻين لائبريرين ۾ ڊجيٽل سهولتن سان ڪميونٽي جي تربيت لاءِ بندوبست ڪري سگهجي ٿو.

گلگت بلتستان ۾ تقريبن 40 لائبريريون موجود آهن، جن جو انفرااسٽرڪچر تمام محدود آهي، اتي به انٽرنيٽ جا وسيلا مهيا ڪري انهن لائبريرين کي وڌيڪ ڪارآمد بڻائي سگهجي ٿو. پاڪستان ۾ لائبريرين اندر سهولتن جي گهٽتائي سبب نه صرف عوام بلڪه لائبريريون به چئلينجن کي منهن ڏئي رهيون آهن. هن وقت ڪيتريون ئي لائبريريون تمام غير مناسب جاين تي ڪم ڪري رهيون آهن. روشني، ويهڪ ۽ هوا جي فراهمي گهٽ آهي. جتي جديد ڪتابن، جرنلن يا ڊجيٽل مواد تائين محدود رسائي آهي. ڊجيٽل فرق واضح آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن سڀني لائبريرين کي اپگريڊ ڪري ڪمپيوٽر جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ اِي بڪ پڙهڻ لاءِ بندوبست ٿيل هجن. هن وقت ڪيتريون ئي لائبريريون اسٽاف جي کوٽ ۽ ماهرن جي ڪمي سبب پنهنجون سرگرميون صحيح طريقي سان جاري نه پيون رکي سگهن.  ٽيڪنالاجي جي ترقي جي باوجود، پاڪستان ضلعي سطح تي ڊجيٽل لائبريرين جو مڪمل ته ڇا، پر ڪوبه ڄار وڇائي نه سگهيو آهي. هن وقت لائبريرين جي افاديت کي سمجهڻ ۽ انهن جي اندر جديد سهولتون ڏئي نوجوان شاگردن ۽ محققن کي اهڙيون لائبريريون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح هجڻ گهرجي.