حافظ سعيد تي لڳايل پابندين جو جائزو وٺڻ لاءِ گڏيل قوم جي ٽيم ايندي
ڀارت ۽ آمريڪا جي مسلسل دٻاءُ کانپوءِ پاڪستان ۾ جماعت الدعوه جي سربراهه حافظ محمد سعيد تي لڳايل پابندين جو جائزو وٺڻ لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٽيم ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي رهي آهي. واضح رهي ته آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان هيٿرو نوريٽ جمعي ڏهاڙي پريس بريفنگ ۾ چيو هو ته آمريڪا پاران پاڪستان کان حافظ سعيد متعلق پنهنجي تحفظات جو اظهار ڪندي ڀرپور قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو هو.
حافظ سعيد جي حوالي سان آمريڪا جو رد عمل ان مهل سامهون آيو هو جڏهن پاڪستان جي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته حافظ سعيد خلاف ڪوبه ڪيس ڪونهي نه ته هن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ها. جاچ ڪميٽي جي مقصدن ۾ اهو به شامل آهي ته اها حافظ سعيد جي موجوده اثاثن ۽ ان کي دستياب وسيلن بابت به معلومات گڏ ڪندي پاڪستاني حڪومت پاران هن معاملي تي چيو ويو آهي ته اها ڪميٽي کي حڪومت جي کنيل قدمن جي باري ۾ معلومات فراهم ڪندي.