نئون

فاٽا جي آءِ ڊي پيز کي واپس گهر موڪلڻ لاءِ 75 لک ڊالرن جي امداد

گڏيل قومن هيٺ ڪم ڪندڙ اداري Office of the Humanitarian Assistance پاران پاڪستان هيومينيٽيرين پولڊ فنڊ PHPF  Pakistan Humanitarian Pooled Fund کي 75 لک ڊالرن جي امداد مهيا ڪندو ته جيئن فاٽا جي آءِ جي ڊي پيز کي واپس گهر موڪلي سگهجي. فاٽا جي آءِ ڊي پيز مان 93 سيڪڙو کي واپس گهر موڪليو ويو آهي جڏهن ته اڃان به 29000 جي واپسي کي ممڪن بنائڻو آهي. هن قسم جي مالي امداد لاءِ درخواست ڪئي وئي هئي ته جيئن ٽن سالن ۾ اهو عمل پورو ڪري سگهجي. هن ڏس ۾ PHPF جو مقصد اهو آهي ته هنن خاندانن کي صحت، اجهي، پاڻي جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن جيئن اهي حفاظت سان پنهنجي گهر وڃي سگهن.