ڪهاڻيوننئون

فليش ڪهاڻي: ٽهڪ

هن ويگن ۾ اچانڪ ٽهڪ ڏنو، ويگن ۾ ويٺل ماڻهن هن تي نظر ڊوڙائي. هو ويگن جي شيشي ٻاهران نظر ڊوڙائي، سوچڻ لڳو، ماڻھن جو دماغ خراب آھي، الائي ڇو مون کي گھوري رھيا آھن؟ شيشي جي ٻاھران ڪوھيڙي جي ڪري ھن کي ڪجھه نظر نه آيو. ويگن ۾ ويٺل عورت ھن سان ڳالھائيندي چيو، “ڪيڏانھن وڃي رهيو آهين ارباب؟”

“ماسي يونيورسٽي ڊيوٽي تي ٿو وڃان،” هن ورندي ڏنس.

“توکي ڪڏھن نوڪري ملي سا به يونيورسٽي ۾” پوڙھي پڇيس؟

“امان مان گذريل پنجن سالن کان يونيورسٽي ۾ تاريخ پڙھائيندو آھيان.”

“ڏاڍو سٺو، مون سمجھيو تون بيروزگار آھين، پاڳل ٿي ويو آھين ۽ پنھنجي لئه ٿو ٽھڪ ڏئين،” پوڙھي چيس.

ھن کي ڏاڍو برو لڳو، پر ڪجھه نه چيائينس ۽ ماسي ڏانھن ڏسي مسڪرايائين.

“ارباب ڪالھه تنھنجي امڙ ملي ۽ ان ٻڌايو ته ارباب گم ٿي ويو آھي؟ ڇا تنھنجي ماءُ کي خبر آھي ته تون يونيورسٽي ۾ پڙھائيندو آھين؟”

“منھنجي ماءُ توسان ڪٿي ملي ماسي؟” ھن پڇيس. “ھوءَ مون سان پير گھڙيال بابا جي درگاھه تي ملي ھئي.”

 پوڙھي چيس.

“گھڙيال بابا! اھا مزار وري ڪٿي آھي ماسي؟”

“توکي خبر ناھي!” پوڙھيءَ وراڻيو.

“نه ۽ اھو گھڙيال وارو مرشد وري ڪڏھن ظاھر ٿيو؟” ھن پڇيو.

پوڙھي مائي پنھنجي ڪنن تي ھٿ ڦيريا ۽ دل ۾ سوچيائين مولا معاف ڪجانءِ، ھن جا نٽ بُلٽ ڍلا آھن ۽ چيائينس ته:

“پير بابا گھڙيال ڪجھه سال پھريان وفات ڪري ويو ۽ ھن پوري زندگي ڪنڌ ۾ واچون پائي ماڻھن کي وقت جو قدر ڪرڻ جو درس پئي ڏنو ۽ ھن جي مزار لاڙڪاڻو سکر روڊ تي ڳوٺ ڳاھيجا اسٽاپ تي تعلقو ڳڙھي ياسين ضلعو شڪارپور ۾ آھي.”

“ھونئن وري شڪارپور ۾ ڪھڙا سائنسدان پيدا ٿيندا!” ھن طنز وچان آھستي چيو،

“۽ امان ته ٽي سال پھريان گذاري وئي ھئي نه ماسي حياتان؟” هن پڇيس.

پوڙھي جو حيرت مان وات پٽجي ويو شايد ھي ارباب پاڳل ٿي ويو آھي، ماڻس ھن لاءِ باسون باسي ٿڪجي پئي آھي، ھي بي عقل سمجھي ٿو ته ماڻس مري وئي آھي ۽ پاڻ کي پروفيسر ٿو سمجھي، وڃ! يونيورسٽي ۾ لڳي ٿو پاڳل ٿا پڙھائين! پوڙھيءَ سوچيو ۽ خاموشيءَ ۾ ئي ڀلائي سمجھي. لڳي ٿو مھانگائيءَ پوڙھيءَ جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آھن، ھن اهو سوچي وري ٽھڪ ڏنو.

***