خاص

ڪارائي جو نئون سينسر جيڪو هارٽ اٽيڪ جي مريضن جي جان بچائي سگهي ٿو

دل جي دوري پوڻ کانپوءِ فوري طور تي سڀني کان ضروري ٽيسٽ ٽروپونِن ليول جو هوندو آهي، هاڻ ڪارائي تي پائجندڙ هڪ سينسر ايمرجنسي روم ۾ ان جو پتو لڳائي سگهي ٿو بلڪه مرض جي وڌيڪ پيچيدگين تي به نظر رکي ٿو. في الحال آمريڪي شهر سياٽل ۾ واقع هاربرويو ميڊيڪل سينٽر ۾ ان جي آزمائش جاري آهي، جنهن کي ”ٽروپ سينسر“ جو نالو ڏنو ويو آهي. ٽروپونن هڪ اهڙو پروٽين آهي جيڪو دل جي دوري کانپوءِ خارج ٿئي ٿو ۽ هڪ ٽيسٽ جي بدولت رت ۾ ان جي مقدار نوٽ ڪئي ويندي آهي. روايتي ٽيسٽ ۾ رت جا نمونا ورتا ويندا آهن ۽ ٽيسٽ اچڻ ۾ ڪيترائي ڪلاڪ لڳي ويندا آهن، پر هاڻ ”ٽروپ سينسر“ صرف ڪجهه (ٽن کان پنجن) منٽن ۾ نتيجو ڏئي ٿو.