بلاگنئون

محبوبن جو سدا بهار وطن دوست شاعر سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي

سنڌ جي ناميارن شاعرن وطن جي حب ڌرتيءَ سان پيار، وفاداري، ان جدوجهد، ننگن توڙي دنگن جي حفاظت ترقي ۽ خوشحالي سجاڳي ڏيارڻ ۾ يادگار ۽ مثالي خدمتون سرانجام ڏئي سنڌ امڙ سان پنھنجو نينھن جو ناتو خوب نڀائڻ جا وس ڪيا آھن ته جيئن سنڌ جيجل جي پاڪ ٿڃ جو ڀرم رھجي اچي ائين وطن جي مٽي شاھد رھي ته ڪنھن ڪنھن  پنھنجي ٻوليءَ، ماروئڙن ۽ ڌرتي سان ڪيتري قدر نڀايو.

اھڙن وطن دوست شاعرن ۾ ٻھڳڻو سدا بهار شاعر ۽ محبوب انسان  سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي پنھنجي مٺڙي وڻندڙ شاعريءَ سان وڏن توڙي ھمعصر شاعرن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺل ڏسجن ٿا. جيتوڻيڪ ھتي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ خلاف وڏيون نفرتون تعصب بازيون ٿينديون رھيون آھن، پر عوامي شاعرن جي شاعريءَ، خلوص ڀرين روين ۽ پيغامن سبب سمورين دغابازين کي مٽيءَ ۾ ملائي ثقافتي قدرن جو ڳاٽ اوچو رکي ناپاڪ  لساني ذھنن کي شڪست فاش ڏني آھي.

انھن قومي خدمتگارن ۾ مقبول، محبوب ۽ منظور شاعر توڙي ساڃاھ وند سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي به پنھنجن قومي خدمتن عيوض اوچي ڳاٽ سان بيٺل ڏسجي ٿو. جنھن پنھنجي وس آھر سنڌي ٻوليءَ سان پاڻ ملهائيندي  ان جي بي بھا  علمي خزانن کي گھڻو شاھڪار ڪيو آھي. شاھ صاحب جو جنم 26 نومبر 1939 ۾  ٽنڊوباگو جي ديھه ڏاڏاھ ۾ ٿيو. سندن والد امام الله شاهه خود به راڄ ڀاڳ جو ساڃاھ وند، علم،  فن ۽ فنڪار جو قدردان ھو. سندن نيڪ ڪم ۽ ڪچھرين جو نالو روشن رھڻ رھيو. اھڙن محبوبي رنگن ۽ وڻندڙ ماحول جو اثر سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي مٿان به چڱيءَ ريت پيو جنھنڪري پاڻ شاعريءَ جي گلدان جي خوشبوءِ وارن رنگن سان شاعريءَ جي شروعات ڪري بيٺل درياءَ ۾ ڄڻ ته پٿر اڇليو. شاعري به اھا جيڪا پوري طرح سان بحر وزن ڪافيون رديف جي اعلا معيار مطابق خاص ڪري ٺيٺ سنڌي اکرن تي ٻڌل ھئي.

زھر کي به زم زم ڪري پي ڏٺوسين،

مرڻ کان اڳيئي مري جي ڏٺوسين.

مرتضيٰ ڏاڏاھي جي شاعري ۾ نعت، حمد، سلام، غزل ۽ ڪافيون، پڙھي يا فنڪارن کان ٻڌي اھو چئي سگھجي ٿو ته سندس ڏات ۾ اھي سمورا رنگ ۽ ھنر شامل ڏسجن ٿا جيڪي ڪنھن وڏي شاعر جي شاعريءَ ۾ ھجن. ڏاڏاھي صاحب جي شاعريءَ ۾ رب تعالي جي ثنا، محبت و عشق جو مشاھدو، انتظار، درگذري، وفا، دوستي، جدوجھد، وطن سان پيار، خوشحالي، ڏوراپن ۽ التجائن جي مختلف ڪيفيتن ۽ روپن جي لطيف جذبن سان اظھار ڪيل ملن ٿا. تنھنڪري عام و خاص شاھ صاحب جي ڪلامن کي جھونگاريندي يا سر سنگيت جي مٺڙن آوازن سان ڳائيندي ڏسڻ ۾ ايندا.

قرب واري ڪئي ڪچھري سا مٺا وسري نٿي،

دلربا توکان سوا ھت ڪا گھڙي گذري نٿي.

کيس اھو به اعزاز حاصل آھي ته سندس ڪلامن کي وڏن فنڪارن سر سنگيت جي بخملي رنگن سان ڳائي خوب داد وٺي شاعر سميت  پنھنجي مقبوليت ۾ به واڌارو ڪيو.  سنڌ جو وڏي مرتبي وارو شاعر سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي نه فقط شاعري، پر ادب جي ٻين صنفن تي به وڻندڙ انداز ۾ لکيو جنھن ۾ ڪھاڻي، مزاح جا ڪالم “اربع خطا” ۽ ريڊيو لاءِ فيچر سرفھرست ڏسجن ٿا.

جن تي سندن نيڪ نامي ٿي وڏا لکاري اديب ۽ قدآور شاعر توڙي مشھور فنڪار ۽ مداح سائين جو وڏو احترام ڪندي عزت جي نگاهن سان ڏسندا ھئا. سائين مرتضيٰ کي شھرت ڏيارڻ ۾ بنيادي طور ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اھم ڪارنامو ڄاڻايو وڃي ٿو. جتي شاعر سان گڏوگڏ ان جو ڪلام گائيندڙ فنڪارن کي به شھرت جا چار چنڊ لڳي ويا. انھن راڳين ۾ استاد عبدالقادر، ڍول فقير، اسحاق فقير، ڪارو مڱڻهار، ٻڍو فقير، ڦوٽو زرداري، استاد فيروز گل، قمر سومرو، قاسم اوٺو، ممتاز لاشاري، راڳ جي راڻي، عابده پروين، روبينا قريشي، فوزيه سومرو، تاج مستاني ۽ ٻيا ڪيترائي سريلا فنڪار شامل آھن جن مرتضيٰ جي شاعريءَ کي پنھنجي محبوبي آواز سان جھر جھنگ پهچائي ان کي عام ۽ مقبول ڪيو.

پون ياد پل پل پنھوارن جون ڳالهيون ،

عمر ڪين وسرن ڳنوارن جون ڳالھيون.

شاعر سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي مختلف ادبي گڏجاڻين، ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي مشاعرن ۾ حصو ورتو ان حوالي سان ريڊيو حيدرآباد  تان باقاعدگي سان ماھوار ٿيندڙ Live  مشاعرن ۾ خصوصي دعوت تي شريڪ ڪيو ويندو ھو. اھڙي ريت پاڻ وڏي شخصيت مخدوم طالب الموليٰ جن وٽ سندن ميزباني ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ به وڏي چاھ سان حصو ورتائون. خاص ڳالھه سنڌ جي علمي ادبي بلند مرتبي واري شخصيت مولانا غلام محمد گرامي صاحب طرفان ڪيترن مشاعرن ۾ فرمائش ڪندي کيس ترنم سان شاعري پڙھڻ لاءِ چوندو ھو ۽ ٻڌندي کيس وڏي آواز سان داد ڏيندو ھو. ياد رھي ته مرتضيٰ ڏاڏاھي پنھنجي شاھڪار شاعريءَ کي تمام سھڻي ترنم جي انداز سان پڙھندڙ شاعرن جي صف ۾ اڳڀرو رھيو آھي.

ليکڪ ۽ شاعر مرتضيٰ ڏاڏاھي جيئن ته پنھنجي مزاج ۾ نفيس انسان ھئا تنھنڪري پنھنجي شوق سان ڪجھه عرصو صحافت ڪئي جيئن مظلوم طبقي جي داد رسي واسطي صحافت جي ميدان تان ڀرپور آواز اٿارڻ ۾ مدد ڪري سگھجي. ھن ھمدرديءَ واري جذبي ۾ پاڻ ڪامياب ويا جو گھڻن جي مدد ٿي سگھي.

سائين جن پنھنجي خاص اثاثي ۾ لکيل ۽ ڇپايل ڪتاب (شاعري ۽ نثر) اسان لاءِ ڇڏي ويا آھن جن مان رھنمائي واسطي بهرحال پڙھڻ يا عمل ڪرڻ جي ھر زماني ۾ ضرورت پوندي رھندي. ڏاڏاھي صاحب جي مداحن جو وڏو انگ اڄ به سندس ڏکوئيندڙ وڇوڙي بعد کيس محبتن سان ياد ڪندو رھي ٿو. سنڌ جي ھن محبوب عوامي شاعر سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي جي شاندار خدمتن عيوض کيس “صدارتي ايوارڊ” سان نوازيو ويو.

15 فيبروري، ورسي جي موقعي تي کيس سلامن ۽ دعائن جا نذرانا پيش ڪندي کيس دل جي گهرائين سان سارجي ٿو. پاڻ پنھنجي سدا بھار شاعريءَ سان ھميشه حيات  رھندو.

ٿياسين نه محبوب ڪنھن جا ته ڇا ٿيو،

محبت ۾ ڪنھن تان فدا ٿي ڏٺوسين.

سوين ھن دنيا مان سڪندر ھليا ويا،

ڇڏي محل ماڙيون مسافر ھليا ويا. (م.ڏ)