بلاگنئون

سنڌ ۾ روڊ حادثا، وڌندڙ مسئلو، گهٽجندڙ ذميواري

سنڌ ۾ روڊ حادثا هاڻي رڳو خبرن جو حصو ناهن رهيا، ھڪ اھڙي حقيقت بڻجي ويا آھن، جيڪا حقيقت غفلتن جي ڪري روز ورجائجي پئي ۽ روڊ حادثا ۽ انھن ۾ ماڻھن جا موت هڪ سنگين سماجي سانحو بڻجي چڪا آهن. هر هفتي ڪيتريون ئي قيمتي زندگيون ضايع ٿين ٿيون، ڪيترائي گهر اُجڙي وڃن ٿا ۽ ڪيترائي نوجوان عمر ڀر جي معذوري جو شڪار ٿين ٿا. سوال اهو آهي ته آخر هي سلسلو ڪڏهن بيهندو، ان کي بريڪ ڪيئن لڳندو؟ روڊ حادثن جا اهم سبب واضح آهن: تيز رفتاري، ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي، ڊرائيونگ لائسنس بنا تربيت، ٻارن طرفان گاڏيون ھلائڻ، اوورلوڊنگ، ون ويلنگ ۽ نشي جي حالت ۾ گاڏي هلائڻ. ان سان گڏ روڊن جي خراب حالت، مناسب سائن بورڊن ۽ اسٽريٽ لائيٽن جي کوٽ به حادثن کي جنم ڏئي رھي آھي. ڳوٺاڻن علائقن ۾ ته ايمرجنسي سهولتن جي دير سان پهچڻ سبب معمولي زخمي به جان وڃائي ويهن ٿا. قانون موجود آهن، پر عملدرآمد ڪمزور آهي. ڪيترائي ڊرائيور ڏنڊ ڀري ٻيهر ساڳي لاپرواهي ڪن ٿا. ٽرانسپورٽ ڪمپنين تي به ذميواري لاڳو ٿيڻ گهرجي ته هو پنهنجي ڊرائيورن کي باقاعده تربيت ۽ آرام جا مناسب وقفا ڏين، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ روڊ سيفٽي بابت آگاهي مهمون هلائڻ وقت جي ضرورت آهي.

حڪومت لاءِ ضروري آهي ته شاهراهن ۽ شهري روڊن جي مرمت ۽ جديد سائن بورڊ سسٽم کي يقيني بڻائي، اسپيڊ ڪئميرائن ۽ خودڪار چالان سسٽم کي وڌائي، ايمرجنسي ريسڪيو ۽ ٽراما سينٽرن کي ضلعي سطح تائين مضبوط ڪري، ڪافي ذميداريون حڪومت تي آھن، پر سڀ ذميواريون رڳو حڪومت تي ناهن. ھن ڳنڀير معاملي هر شهري کي ٽريفڪ قانونن جو احترام ڪرڻو پوندو، تيز رفتاري، لاپرواھي کان پاسو ڪرڻو پوندو، روڊن جي چوراھن تي احتياط ڪرڻو پوندو، سيٽ بيلٽ ٻڌڻ، هيلمٽ پائڻ، رفتار تي ضابطو رکڻ، صبر ۽ شعور سان گاڏيون هلائڻ زندگي بچائڻ جا سادا ۽ ضروري قدم آهن، انھن جو خيال ڪرڻو پوندو. روڊ حادثا قسمت جو نه، پر غفلت جو نتيجو آهن. جيڪڏهن اڄ به سنجيدگي اختيار نه ڪئي وئي ته سڀاڻي هر گهر هن سانحي جي لپيٽ ۾ اچي سگهي ٿو.

هاڻي وقت آهي ته لفظن کان اڳتي وڌي عملي قدم کنيا وڃن، ڇو ته روڊن تي ۽ شھرن ۾ گاڏين جو تعداد تيزي سان وڌي پيو. ايئن بي ڌياني، حادثن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندي ۽ انساني جانيون وڌيڪ ذيان ٿينديون وينديون. سرڪار جي به ذميداري آھي ته مجاز ادارن کي سختي سان پابند بڻائين، ڊرائيونگ لائسنس اھڙن ماڻھن کي ھرگز نه ڏين جن جا ڊرائيونگ ۾ ھٿ ڪچا ھجن، لائسنس رينيو ڪرڻ وقت رڳو فارملٽيون پوريون نه ڪيون وڃن، پر ڊرائيورن جي ھر اھا ٽيسٽ لازمي ڪرائي وڃي جيڪا پرفيڪٽ ڊرائيونگ لاءِ لازمي ٿئي ٿي، يا جن جي نظر ڪمزور آھي، يا جن کي اھڙيون بيماريون آھن جن جي ڪري اھي اوچتو انھن بيمارين سبب متاثر ٿي سگھن ٿا ۽ ھلندڙ گاڏيون انھن جي ڪنٽرول مان نڪري حادثا ڪري سگھن ٿيون. جھڙوڪ: مرگھي جي بيماري، دل جي بيماري، بلڊپريشر ۽ شگر جون بيماريون وغيره جن ۾ ڊرائيور ڪنھن به وقت اثر انداز ٿي سگھن ٿا، گاڏين جي فٽنيس به اھم مسئلا ٿين ٿا، اور لوڊنگ به خطرناڪ ٿئي ٿي، بسن، ٽرڪن، رڪشائن ۽ ٻين گاڏين تان اوور لوڊنگ کي به ختم ڪرايو وڃي، موٽر وهيڪلز ۾ لائوڊ اسپيڪر ۽ موسيقي تي به پابندين کي وڌايو وڃي، نشي آوار دوائون يا منشيات استعمال ڪندڙ ڊرائيورن کي روڪيو وڃي، ايئن ھر اھو قدم کنيو وڃي جنھن سان روڊ حادثن ۾ گھٽتائي اچي سگھي. روڊن تي چٽا ۽ چمڪندڙ سائن بورڊ لڳايا وڃن، جتي گھٽ رفتار سان گاڏيون ھلائڻ کپن اتي سائنسي بنيادن تي ٺھيل اسپيڊ بريڪر لڳايا وڃن.