جهل مگسي ۾ ٻيهر آپگهاتي حملو
گذريل ڏينهن بلوچستان جي ضلعي جهل مگسي ۾ درگاهه فتح پور جي صوفي بزرگن رکيل شاهه ۽ چيزل شاهه جي درگاهه جي مکيه دروازي تي خودڪش حملا آور ڌماڪو ڪري هڪ دفعو وري صوفي ڪلچر کي للڪاريو آهي. ڌماڪي سبب ڊيوٽي تي مقرر 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ 17 عقيدتمند به فوت ٿي ويا. 16 مارچ 2005ع تي به هن درگاهه تي ميلي دوران آپگهاتي حملو ٿي چڪو آهي. اسان جي انٽيليجنس ايجنسين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اهڙن ميلن ۽ خاص پروگرامن دوران سيڪيورٽيءَ کي وڌيڪ سخت بنائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن عوام ۽ عقيدتمند پرسڪون ماحول ۾ انهن جاين تي وڃي پنهنجي عقيدت جو نذرانو پيش ڪري سگهن.