ڇا پارٽيون نوجوانن جي جذبن کي سمجهن ٿيون؟
گڏيل قومن جي پاپوليشن ڊويزن جي گذريل سال جاري ڪيل انگن اکرن موجب پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جن وٽ 20 کان 40 سالن جي وچين عمر جي ووٽرن جو تعداد تمام گهڻو آهي، جنهن تحت پاڪستان 46 هون ملڪ بڻجي ٿو، پر افغانستان کانپوءِ جيڪڏهن ايران کي به شامل ڪيو وڃي ته ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ پاڪستان ٻئي نمبر تي ايندو، جنهن ۾ نوجوان سرگرم ووٽرن جو تعداد وڌندو رهي ٿو. 2017 ۽ 2022 واري آدم شماري موجب ملڪ جي 64 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر وارن ماڻهن تي ٻڌل آهي جيڪا 80 ملين کان وڌيڪ آهي جنهن ۾ ڪل آباديءَ جو 39 سيڪڙو 20 کان 30 سالن جي عمرين سان تعلق رکندڙ نوجوانن جو آهي، جنهن تحت آدم شماريءَ جي درجه بندي ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جي انگن اکرن موجب رجسٽرڊ ووٽرن جو تعداد جيڪو ڊسمبر 2023 جي آخر ۾ جاري ڪيو ويو آهي ان ۾ سڀ کان وڏو تعداد 18 کان 30 سالن جي رجسٽرڊ ووٽرن جو آهي ان ۾ ڪل رجسٽرڊ ووٽرن جو تعداد 40.57 ملين معنيٰ 35.4 سيڪڙو آهي. حقيقت ۾ نوجوان ووٽرن جي ان غيرمعمولي تعداد جيڪو چونڊن جي نتيجن کي ڪنهن به رخ ۾ ڦيرائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پر بدقسمتيءَ سان پاڪستان ۾ سياسي پارٽين انهن جي اهميت ۽ طاقت کي سڃاڻڻ ۽ نوجوانن کي پولنگ اسٽيشنن تائين آڻڻ ۾ تمام گهٽ ڪردار ادا ڪيو آهي.
1973 ۾ پاڪستان کي اسلامي جمهوريه پاڪستان سڏيو ويو، پر هيل تائين ڪو مذهبي ماڻهو ان رياست جو علمبردار ناهي ٿي سگهيو. وري رياست ۽ عام ماڻهو وٽ مذهب، لبرل سوچ ۽ غيرمذهب پڻي جي هڪ واضح لڪير نڪتل آهي، پاڪستان هاڻي سرمائيدارن جي هٿ وس وڃي رهيو آهي، ڇو ته هڪ هڪ ڪري رياست سڀ جا سڀ ادارا کپائي ڇڏيا آهن ۽ اهي ادارا ٽيڪس ڏيندا ته رياست جو ڪاروهنوار هلي سگهندو.
پاڪستان ايگزٽ پول جا نتيجا ظاهر ڪن ٿا ته گذريل 8 چونڊن ۾ پاڪستان ۾ نوجوان ووٽرن جو سراسري ٽرن آئوٽ 31 سيڪڙو رهيو آهي، جيڪو هر عمر جي ووٽرن جي 44 سيڪڙو سراسري ٽرن آئوٽ کانپوءِ به 13 سيڪڙو پوئتي آهي. 2018 جي اليڪشن ۾ نوجوان ووٽرن جو ٽرن آئوٽ 2013 جي 26 سيڪڙو جي مقابلي ۾ 37 سيڪڙو تائين وڌي ويو. ان کان به وڌيڪ نوجوان ووٽرن جو ٽرن آئوٽ 51.5 سيڪڙو جي مجموعي ووٽر ٽرن آئوٽ کان 14.5 سيڪڙو پوئتي رهيو. پاڙيسري هندوستان ۾ نوجوان ووٽرن جو ٽرن آئوٽ لڳ ڀڳ ساڳئي سماجي اقتصادي حالتن جي باوجود به اسان کان تمام گهڻو وڌيڪ آهي. جيتوڻيڪ هندوستان جي گذريل پنجن چونڊن ۾ انهن جو مجموعي ووٽرن جو ٽرن آئوٽ پڻ پاڪستان جي انگن اکرن کان وڌيڪ به آهي، جيڪو گذريل 8 عام چونڊن ۾ 44.5 سيڪڙو رهيو، پر هندوستان ۾ نوجوان ووٽرن جو ٽرن آئوٽ تر جيترو به پوئتي ناهي هٽيو ۽ اهو 64.6 رهيو. حقيقت ۾ 2014 ۽ 2019 جي گذريل ٻن عام چونڊن ۾ ڀارتي نوجوان ووٽرن جو ٽرن آئوٽ مجموعي طور تي عام ووٽرن جي ٽرن آئوٽ کان وڌي ويو هو. ٻنهي ملڪن ۾ نوجوانن جي ووٽرن جي ان ٽرن آئوٽ جي وچ ۾ اهو واضح فرق اسان جي سماجي مونجهارن، رياستي ادارن جي موڳائپ، يڪطرفي جانبداري ۽ سڀ کان وڌيڪ سياسي پارٽيون جيڪي ووٽرن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ موبلائيز ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن، ان جو بنيادي ڪارڻ سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري انهن سياسي پارٽين کي هڪ سنجيده سياسي خودمختاري جي ضرورت آهي.
عام چونڊن ۾ نوجوانن جي ووٽرن جو موضوع سياسي پارٽين جي بحث جو تمام گهڻو حصو رهي ٿو، پر ايگزٽ پولز واحد ٽول آهي جيڪو عام چونڊن ۾ نوجوانن جي سياسي پارٽين جي حمايت جو صحيح اندازو لڳائي سگهي ٿو. 2013 ۽ 2018 جي چونڊن دوران ڪيل گيلپ ايگزٽ پولز ۾ نوجوان ووٽرن جي حمايت جو وڏو انگ مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ جي ويجهو رهيو، جن مسلم ليگ نون کي 30.5 سيڪڙو تائين حمايت ڪئي. 2013 جي چونڊن ۾ 18 کان 30 سالن جي عمر جا ووٽر جيڪي 2018 ۾ گهٽجي 22 سيڪڙو ٿي ويا، ان عمر جي ووٽرن جي حمايت 2013 ۾ پي ٽي آءِ جي لاءِ 23.5 سيڪڙو کان وڌي 2018 ۾ 34 سيڪڙو ٿي وئي هئي. پيپلزپارٽي جي لاءِ حمايت انهن چونڊن ۾ 13 سيڪڙو تي هئي. 2018 جي عام چونڊن ۾ مسلم ليگ نون جو مجموعي ووٽ 23.66 سيڪڙو هو ۽ نوجوانن ۾ انهن جي حمايت مجموعي حمايت کان ٿورو گهٽ ٿي وئي هئي. پي ٽي آءِ جي لاءِ نوجوانن جي ووٽرن جي حمايت مجموعي پارٽي جي ووٽرن جي 31 سيڪڙو کان به وڌيڪ هئي. پر پيپلزپارٽيءَ جي نوجوانن جو ووٽ شيئر ان جي مجموعي ووٽن جي 12.67 سيڪڙو کان ٿورو وڌيڪ هو. ان ڪري اهي انگ اکر ظاهر ٿا ڪن ته 2018 ۾ پي ٽي آءِ وٽ نوجوان ووٽرن جي حمايت نون ليگ ۽ پيپلزپارٽيءَ کان وڌيڪ هئي.
سياسي پارٽين ۾ نوجوانن جي شموليت جو هڪ ٻيو دلچسپ پهلو اهو به آهي ته هر پارٽيءَ انهن نوجوانن کي پنهنجي اميدوارن جي لسٽ ۾ شامل ته ڪري ٿي، پر انهن جي قدرداني نه ٿي ڪري، ائين ئي 2018 جي عام چونڊن ۾ مختلف پارٽين جي اميدوارن جو تجزيو به ڪافي سبق آموز آهي. پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ، نون ليگ سميت ڏھن وڏين سياسي پارٽين جيڪي اليڪشن ڪميشن وٽ رجسٽرڊ آهن جن ۾ ايم ايم اي، ايم ڪيو ايم (پاڪستان)، اي اين پي، اين پي (بلوچستان)، بي اين پي (بلوچستان) ۽ ٽي ايل پي وغيره وغيره انهن پارٽين قومي ۽ چئن صوبائي تڪن جي 841 تڪن لاءِ 3606 اميدوار ميدان ۾ لاٿا، جن مان 686 معنيٰ 19 سيڪڙو نوجوان جيڪي 35 سالن ۽ ان کان گهٽ عمر وارا هئا. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ان جو مقابلو 35 سالن وارن سان ۽ ان کان گهٽ عمر وارن نوجوان اميدوارن سان هو، جيڪي مجموعي ووٽن جو 46 سيڪڙو هئا. ان جو مطلب اهو آهي ته مجموعي طور تي نوجوان اميدوارن جو سيڪڙو سياسي پارٽين جي دائري ۾ نوجوان ووٽرن جي فيصد جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي. وري سياسي پارٽين ۾ نوجوان اميدوارن جي سيڪڙي جي فرق جو تجزيو به دلچسپ آهي. مثال طور: پي ٽي آءِ جنهن کي عام طور تي نوجوانن جي پارٽي سمجهيو ويندو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ نوجوانن جي حامي پارٽي آهي، انهن 35 سالن ۽ ان کان گهٽ عمر وارن 129 اميدوارن کي ميدان ۾ لاٿو، جنهن جو مطلب رڳو 16.58 سيڪڙو ۽ قومي سيٽن تي 778 اميدوار جيڪي چئن صوبائي اسيمبلين جي نوجوان اميدوارن جي سراسري سيڪڙو کان گهٽ هو. جيڪڏهن ڏهن سياسي پارٽين جو موازنو ڪيو وڃي جن ۾ نوجوان ووٽرن جو اڌ حصو 34 سيڪڙو هو، جيڪو پي ٽي آءِ 2018 ۾ حاصل ڪيو جن ۾ نوجوان اميدوارن جو تعداد صرف 13 سيڪڙو هو جن ۾ مسلم ليگ نون قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا اميدوار بيهاريا، جڏهن ته پيپلزپارٽي 16.78 سيڪڙو نوجوان اميدوار بيهاريا. حيرت جي ڳالھ اها به آهي ته 2018 جي چونڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ 36 سيڪڙو نوجوان اميدوارن کي ٽي ايل پي پاران بيهاريو. بلوچستان ۾ جوڙيل نيشنل پارٽي واحد ٻي پارٽي هئي، جنهن اليڪشن ۾ سراسري 19.57 سيڪڙو کان مٿي نوجوان اميدوارن کي آڏو آندو، پر گڏيل طور سڀني پارٽين جي رينڪنگ ڪئي وڃي جن 2018 ۾ نوجوان اميدوارن جو وڏو تعداد ميدان ۾ لاٿو، تن ۾ سڀ کان مٿي ٽي ايل پي هئي. ان کانپوءِ اين پي (بلوچستان)، ايم ڪيو ايم (پاڪستان)، ايم ايم اي، پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ نوجوان اميدوارن جي سيڪڙي جي لحاظ کان ڇهين نمبر تي هيون جيڪو تمام گهٽ هو، پر مسلم ليگ نون اٺين نمبر تي هئي. حيرت جي ڳالهھ اها به آهي ته پاڪستان ۾ سياسي پارٽين ۾ نوجوان ووٽرن جو وڏو تعداد وڏي گرم جوشيءَ سان سوشل ميڊيا تي سرگرم هجڻ جي باوجود به سياسي پارٽيون عام طور تي نوجوان سرگرم ووٽرن ۽ اميدوارن تي ڪو خاص ڌيان نه ٿيون ڏين. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا هاڻي واري اليڪشن ۾ اهي شيون ڪا وڏي تبديلي آڻينديون ۽ ڪهڙي سياسي پارٽي نوجوان ووٽرن جي وڏي حصي کي متحرڪ ۽ راغب ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي، پر هڪڙي ڳالهھ واضح آهي ته نوجوان جيڪڏهن ڪاميابيءَ سان متحرڪ ٿي ويا ته اهي عام چونڊن ۾ ڪنهن اهڙي پارٽيءَ کي سوڀارو ڪندا جيڪا ملڪي تقدير کي بدلائي سگهي، جيڪو چونڊن جو سڀ کان وڏو عنصر هوندو.