ڇا هن ڀيري سنڌ جو عوام ترقي پسند ۽ قومپرست اميدوارن کي سوڀارو ڪري اسيمبلي ۾ پهچائيندو؟
پاڪستان جي ورهاڱي ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ 1970 ۾ چونڊون ٿيون ۽ 2018 تائين 10 ڀيرا چونڊ عمل ٿي چڪو آهي. 2024 ۾ 11هون ڀيرو ملڪي سطح تي چونڊون ٿيڻ وڃي رهيون آهن. انهن چونڊن ۾ ساڄي ڌر جون پارٽيون، کاٻي ڌر جون پارٽيون، مذهبي پارٽيون ۽ قومپرست پارٽيون حصو وٺي رهيون آهن. ساڄي ڌر پارٽين مان اسانجي مراد اهي پارٽيون آهن، جيڪي بظاهر ته مذهبي پارٽيون نه آهن، پر انهن جو گهڻو رجحان مذهبي هوندو آهي. ائين سمجهو ته مسلم ليگ جا سڀئي ڌڙا ساڄي ڌر جي سوچ جي نمائندگي ڪن ٿا. جڏهن ته کاٻي ڌر مان مراد ترقي پسند سوچ وارين پارٽين کي سمجهيو وڃي ٿو. جيڪو اعزاز ڪنهن وقت ۾ پيپلز پارٽي کي هوندو هو، پر هن وقت پيپلز پارٽي به ساڄي ڌر طرف لاڙو ڪندي نظر اچي ٿي، مذهبي پارٽين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي اهي ته سياست کي مذهب ۾ استعمال ڪري ووٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. باقي رهن ٿيون قومپرست سياسي پارٽيون جن جي ٽن صوبن ۾ موجودگي رهي آهي. پنجاب کي قومپرستي جي ضرورت ئي نه رهي آهي، البته هڪ دفعو ميان نواز شريف به پيپلز پارٽي جي سامهون قومپرستي جو نعرو ڏنو هو (جاگ پنجابي جاگ تيري پگ نو لگ گئي آگ). باقي ٽن صوبن اندر مختلف سياسي پارٽين کان علاوه قومپرستي واري سوچ رکندڙ سياسي پارٽيون پڻ متحرڪ سياست ڪاميابي سان ڪري رهيون آهن. ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ته اهي پارٽيون کٽينديون به رهيون آهن ۽ انهن ٻنهي صوبن ۾ قومپرست ڌريون حڪومتون به ٺاهينديون رهيون آهن. عوامي نيشنل پارٽي ڪي پي ڪي صوبي اندر حڪومت ٺاهي چڪي آهي. اختر جان مينگل ۽ عبدالمالڪ بلوچ جهڙا قومپرست اڳواڻ بلوچستان جا وزيراعليٰ بڻجي چڪا آهن. سنڌ صوبي اندر قومپرست ڌرين کي اڄ تائين اهڙي قسم جي ڪابه سياسي ڪاميابي نه ملي آهي. جيتوڻيڪ سنڌ اندر قومپرست ڌريون سياسي طور تمام گهڻيون متحرڪ رهيون آهن. 1988 ۾ سنڌ اندر (ايس اين اي) جي پليٽفارم تي قومپرستن سياسي اتحاد ٺاهي چونڊون وڙهيون، پر هنن کي هڪ به سيٽ ملي نه سگهي، سواءِ سيد امداد محمد شاهه جي جنهن جي سامهون پيپلز پارٽي ڪوبه اميدوار نه بيهاريو هو. انهيءَ ڪري 1988 جي چونڊن ۾ سيد امداد محمد شاهه سڪرنڊ جي سيٽ تان چونڊ کٽي آيو هو. جيڪو حلقو هن وقت سيد زين شاهه جو آهي، جتان هو 2024 جي چونڊن جي چونڊ مهم هلائي رهيو آهي. سنڌ اندر قومپرست سياست اڳواڻن جي ناڪامين جا ڪارڻ ڪهڙا ٿي سگهن ٿا. اهو جواب ته سنڌ جو عوام ڏئي سگهي ٿو. بظاهر جڏهن به ملڪ اندر سنڌ سان ناجائزي جو ڪوبه مسئلو ٿئي ٿو، اهو ٻٽي نظام جو هجي، ڪالا باغ ڊيم جو هجي، ڌارين جي آبادڪاري جو هجي، مرڪز ۾ نوڪرين جي ڪوٽا جو هجي ته سڀئي قومپرست ڌريون انهيءَ مسئلي کي کڻڻ ۾ پيش پيش هونديون آهن، پر جڏهن چونڊ عمل ٿئي ٿو ته سنڌ اندر خاص طور تي سنڌ جي ٻهراڙين جي علائقن ۾ پيپلز پارٽي کانسواءِ جيڪڏهن ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ اميدوار ڪامياب به ٿئي ٿو ته اهو به هڪ پير يا جاگيردار جي روپ ۾. اڄ تائين قومپرست ڌريون چونڊن ۾ ڪا به خاص ڪاميابي حاصل ڪري نه سگهيون آهن. انهن جا انيڪ سبب ٿي سگهن ٿا. حڪومت ۾ نه هجڻ، چونڊ مهم هلائڻ جي لاءِ تمام گهڻي روڪ رقم نه هجڻ، چونڊ ورڪرن جو گهربل تعداد نه هجڻ، انهيءَ سان گڏ عام ماڻهوءَ تائين پنهنجو پيغام نه پهچائڻ، اهي ڪجهه سبب سمجهه ۾ اچن ٿا، پر هن وقت جڏهن سوشل ميڊيا جو دور آهي، هر ماڻهو جي هٿ ۾ موبائل فون آهي، جنهن جي ذريعي نه صرف پيغام ٻڌي سگهجي ٿو، پر پنهنجو پيغام ٻين تائين پهچائي به سگهجي ٿو ته ڇا 2024 ۾ سنڌ جي عوام مان اميد ڪجي ته هن دفعي هو پنهنجو ووٽ قومپرست يا ترقي پسند سنڌ دوست پارٽين جي بيلٽ باڪس ۾ وجهندو؟ ۽ ايتري تعداد ۾ وجهندو ته جيئن اهي اميدوار کٽي سگهن. يقينن اهڙا اميدوار اسان کي چند نظر اچن ٿا، جن جي کٽڻ سان قومپرست ڌرين جي سنڌ اندر حڪومت بنهه نه ٺهندي، پر اسين اهو سمجهون ٿا ته انهن جو سگهارو آواز سنڌ جي قانوني، آئيني، جائز حقن جي لاءِ اسيمبلي جي ايوانن ۾ پڙاڏو بڻجي ضرور گونجندو. اهو آواز سنڌ جي روڊن تي، ميڊيا ۾ گذريل 50 سالن کان اچي رهيو آهي، پر مؤثر انهيءَ ڪري نه آهي ڇو ته ايوان جو آواز روڊ جي آواز کان وڌيڪ سگهارو هوندو آهي، پاليسي سازي ۽ قانونسازي اسيمبلين ۾ ٿيندي آهي، سنڌ جي ڀلائي جي لاءِ قانونسازي سنڌ اسيمبلي مان ئي ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن هي چند قومپرست اميدوار کٽي ايوان اندر پهچي ويندا ته ان سان گڏ سنڌ جي حقن جو آواز پڻ ايوانن اندر پهچندو ۽ حڪومتي پاليسين ۾ انهي آواز جو خيال پڻ ضرور رکيو ويندو. پيپلز پارٽي جيڪا هميشه هنن تي ٺٺول ڪندي رهندي آهي ته اوهان کي سنڌ جو عوام ووٽ ڪونه ٿو ڏئي، سندس اها ٺٺول به ختم ٿي ويندي، هاڻي اهو سڄو وزن سنڌ جي ساڃاهه وند عوام جي مٿان آهي ته سنڌ دوست ڌريون جيڪي پنهنجي پوري ڪوشش سان چونڊ مهم ۾ حصو وٺي رهيون آهن، هڪ دفعو انهن کي ڪامياب ڪري. سنڌ جي عوام مان اميد ڪريون ٿا ته ڪي پي ڪي وانگر، بلوچستان وانگر اوهين به پنهنجي قومپرستن کي ووٽ ڏئي چونڊن ۾ سوڀارو ڪري سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ موڪليو ته جيئن سنڌ جو آواز اسيمبلي جي اندر گونجندو رهي ته جيئن اسيمبلي مان سنڌ دوست پاليسيون جڙنديون رهن ۽ صوبي لاءِ مرڪز کان قانوني ۽ آئيني حق حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ملي سگهي.

