بلاگنئون

ڊجيٽل دور ۾ پوسٽ آفيس جون يادون

پوسٽ آفيس، جيڪا هڪ وقت ۾ زندگي سان ڀرپور هوندي هئي، هاڻي اتي ٿورا ماڻهو اچن ٿا، پر ڪيترن لاءِ خط لکڻ يا حاصل ڪرڻ جي ياد اڃان تائين وسرڻ جهڙي ناهي. وقت بدلجي ويو آهي، پر پوسٽ آفيس اڄ به چپ چاپ ۽ ڀروسي مند طريقي سان بيٺل آهي. ياد ڏياريندي ته ڪي پيغام اڃان به انتظار لائق هوندا آهن. پوسٽ آفيس انسان جي تاريخ جي سڀ کان پراڻن ۽ اهم ادارن مان هڪ آهي، جيڪو ڏورانهن هنڌن تائين رابطو قائم ڪرڻ لاءِ اهم ذريعو رهيو آهي. منظم پوسٽل نظام جو تصور هزارين سال اڳ شروع ٿيو ۽ وقت سان گڏ اهو انساني ضرورتن مطابق بدلجندو رهيو. بعد ۾ اهو اهم نظام پاڪستان تائين به پهتو، جتي اهو ملڪ جي رابطن ۽ انتظامي ڍانچي جو لازمي حصو بڻيو.

دنيا جي پهرين پوسٽ آفيس: پهريون منظم پوسٽل نظام قديم مصر ۾ لڳ ڀڳ 2400 ق.م ۾ قائم ٿيو، جتي پيغام رسائڻ لاءِ قاصد حڪومت جي اهلڪارن وچ ۾ خط کڻي ويندا هئا، پر دنيا جي پهرين باضابطا پوسٽل سروس جو اعزاز عام طور تي فارس جي بادشاهه سائرس اعظم (Cyrus the Great) جي سلطنت کي ڏنو وڃي ٿو، جنهن تقريبن 550 ق.م ۾ هڪ منظم نظام قائم ڪيو، جتي قاصد تيز ترين طريقي سان حڪومتي پيغام پهچائيندا هئا. بعد ۾ رومين پهرين صدي قبل مسيح ۾ Cursus Publicus نالي هڪ جديد پوسٽل نظام جوڙيو، جنهن يورپ جي ايندڙ پوسٽل نظامن تي گهرو اثر ڇڏيو. ان ۾ هڪ مخصوص فاصلي تي اسٽيشنون هونديون هيون، جتي نوان گهوڙا ۽ قاصد تيار رهندا هئا ته جيئن پيغام تيزيءَ سان پهچائي سگهجن. جديد معنى ۾، پهريون قومي پوسٽل نظام انگلينڊ ۾ 1516ع ۾ بادشاهه هينري اٺين (Henry VIII) قائم ڪيو، جنهن بعد برطانوي Royal Mail جو بنياد پيو، جيڪو اڄ تائين هلندڙ آهي.

پاڪستان ۾ پوسٽل نظام: ننڍي کنڊ ۾ پوسٽل نظام جي شروعات برطانيا جي دور ۾ ٿي. اوائلي پوسٽ آفيس  British East India Companyطرفان سترهين صدي جي آخر ۾ قائم ڪئي وئي. آزادي کانپوءِ، 1947ع ۾ پاڪستان پنهنجي پوسٽل ڍانچي کي سنڀاليو ۽ نئين نظام جي شروعات ڪئي. پاڪستان پوسٽ هڪ سرڪاري اداري طور ڪم ڪرڻ لڳو، جيڪو نه رڳو خط ۽ پارسل پهچائڻ جو ذميوار هو، پر مالي خدمتون جهڙوڪ: مني آرڊر، بچت اڪائونٽ ۽ ٻيون عوامي سهولتون پڻ مهيا ڪندو رهيو. پوسٽ آفيس، خاص ڪري ڳوٺاڻن علائقن ۾، ماڻهن لاءِ زندگيءَ جي لڙهه جو اهم سهارو بڻجي وئي. اڄ به پاڪستان پوسٽ لکين ماڻهن کي ڳنڍي ٿي، پري پري جي آبادين کي رابطي ۽ واپار جي زنجير ۾ شامل ڪري ٿي. پوسٽ آفيس جي اهميت اڄ به قائم آهي. جيتوڻيڪ جديد ڊجيٽل رابطن جا طريقا جهڙوڪ: سوشل ميڊيا ۽ ميسيجنگ ايپس وڌي ويا آهن، پر پوسٽ آفيس ڪيترن لاءِ اڄ به اهم ادارو آهي۔ هڪ وقت هو، جڏهن هر ڳوٺ، شهر ۽ شهر جي ڪنڊ تي پوسٽ آفيس رابطن جو مرڪز هوندي هئي، جتي محبت، احساس ۽ اميد خط جي روپ ۾ سفر ڪندا هئا.

پوسٽ آفيس صرف هڪ عمارت ناهي، اهو هڪ اهم عوامي ادارو آهي جيڪو خط ۽ پارسل جي ترسيل، مالي سهولتن (جهڙوڪ بچت، مني آرڊر، بل ادائگي) ۽ ٻين خدمتن جو مرڪز رهيو آهي. ٿورو سوچيو، جڏهن موبائل ۽ انٽرنيٽ نه هئا، تڏهن ماڻهو پنهنجا احساس لفظن ۾ پگهريندا هئا. ڪو عاشق پنهنجي محبوب لاءِ پيار ڀريو خط لکندو هو، احتياط سان ڪاغذ کي ويڙهيندو ۽ ڳاڙهي پوسٽ باڪس ۾ اميد سان وجهندو هو يا وري ڪو نوجوان، جيڪو پري شهر ۾ ڪم ڪندو هو، پنهنجي ماءُ ۽ ڀينرن لاءِ خط سان گڏ مني آرڊر موڪليندو هو. ڪتابن جا واپاري ۽ شاگرد علم جي دنيا تائين پهچڻ لاءِ پوسٽ تي ڀروسو ڪندا هئا.

ڊجيٽل دور ۾ تبديلي: هاڻي سماجي ميڊيا، اسمارٽ فون ۽ آن لائين رابطن جي دنيا ۾ هر شيءَ فوري ٿي وئي آهي WhatsApp، Facebook،LinkedIn  ۽ ٻين پليٽفارمن تي پيغام، تصويرون ۽ وڊيوز سيڪنڊن ۾ پهچي وڃن ٿيون. آواز جي ڪالز کي وڊيو چيٽس بدلائي ڇڏيو آهي ۽ هٿ سان لکيل خطن جي جاءِ تي ٽائيپ ٿيل پيغام اچي ويا آهن. هاڻي ڪوبه ماڻهو در تي ايندڙ لفافي جو انتظار نٿو ڪري. سڀ ڪجهه هڪ ٽچ سان موجود آهي، پر هن رفتار سان گڏ، اسان هڪ اهم شيءَ وڃائي ويٺا آهيون. رابطي جي اها گرمجوشي ۽ انتظار جو اهو احساس، جيڪو انسانيت کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيندو هو.

پوسٽ آفيس ياد جو نشاني: پوسٽ آفيس، جيڪو هڪ وقت ۾ ماڻهن سان ڀرپور هوندو هو، هاڻي خاموش آهي، پر جن ماڻهن پنهنجي زندگيءَ ۾ خط لکيا يا وصول ڪيا آهن، انهن لاءِ اها ياد اڄ به امر آهي. اها محبت، صبر ۽ خلوص جي نشاني آهي، جيڪا وقت جي تيزيءَ ۾ به وسري نٿي سگهي. وقت بدلجي ويو آهي، پر پوسٽ آفيس اڄ به بيٺل آهي، خاموش، پر ڀروسي مند طريقي سان ياد ڏياري ٿي ته ڪي پيغام اڃان به انتظار لائق هوندا آهن.