خاصنئون

وزير بلديات جي غير سنجيدگي سان بلدياتي معاملا متاثر، ايس بي سي اي آفيسرن تي دٻاءُ وڌي ويو

سنڌ جي وزير بلديات جي غير سنجيدگي ۽ دلچسپي نه هئڻ ڪري ڪراچي جا بلدياتي معاملا تمام گهڻا متاثر ٿي رهيا آهن. صوبائي وزير جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (SBCA) ۾ غير ضروري مداخلت ۽ آفيسرن تي دٻاءُ ۽ مبينا زباني حڪمن سان ايس بي سي اي جو انتظامي ڍانچو متاثر ٿي رهيو آهي. شهر ۾ وڏي پئماني تي نقشن جي منظوري کانسواءِ غير قانوني عمارتن جي تعمير عروج تي  آهي. ايس بي سي اي جا آفيسر ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي رهيا آهن. ناصر حسين شاهه پوري بلديات کاتي جو وزير هئڻ باجود فقط ايس بي سي اي ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي ۽ ائين لڳندو آهي ته باقي کاتن سان ان جو تعلق ئي نه آهي. ايس بي سي اي ۾ به سندس ڪارڪردگي فقط مبينا زباني حڪم آهن. وزير بلديات جي نااهلي سبب معاملا تيزي سان خراب ٿي رهيا آهن. غير ضروري حڪمن جي ڪري قانوني ڪم کٽاڻ جو شڪار ٿي ويا آهن.