سنڌ ۾ تاجرن جو 15 رمضان کان ڪاروبار کولڻ جو اعلان

سپريم ڪائونسل آف ٽريڊرس 15 رمضان کان ڪاروبار کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي جي سمورن تجارتي مرڪزن جي نمائندگي ڪندڙ انجمنن ۽ تاجر تنظيمن جو اجتماعي اجلاس گذريل ڏينهن ڪراچي اليڪٽرانڪس ڊيلرز ايسوسئيشن جي آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سمورن اتحادن، الائنسن ۽ ايسوسئيشن جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ سمورن حاضرين جي اتفاق سان مشترڪه اعلاميي جي تحت مارڪيٽون کولڻ جو اعلان ڪيو ويو. اجلاس ۾ رضوان عرفان، جميل پراچا، شرجيل گوپلاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ئي صوبائي بلدياتي وزير ناصر حسين شاهه ٽيليفونڪ بيان ۾ فوري ايس او پين جي تياري جا حڪم جاري ڪيا
