بلاگنئون

سنڌ جي ڀلوڙ شاعر مهر فقير کان ورتل انٽرويو

علي محمد: نانءُ ولديت سميت ؟
مهر فقير: اختر نواز عرف بادشاهه ولد غلام نبي مهر .
علي محمد: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
مهر فقير: 26:11:1966 ڳوٺ کاهي، تعلقو ڳڙهي ياسين، ضلعو شڪارپور سنڌ.
علي محمد: ادبي نانءُ ؟
مهر فقير : مهر فقير.
علي محمد: تعليم/نوڪري/پيشو ؟
مهر فقير : ايم.اي ايڪانامڪس، سرڪاري نوڪر .
علي محمد: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو ؟
مهر فقير : سال 1986ع مهينو ياد ناهي.
علي محمد: ادبي استاد ؟
مهر فقير : باقاعده ڪو به استاد ناهي.
علي محمد: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو ؟
مهر فقير: متاثر ٿي ڪري نه، پر دل لڳيءَ بعد دل ڀڳيءَ سبب لکڻ شروع ڪيم.
علي محمد: ڪهڙيون شيون/ڳالهيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن ؟
مهر فقير : سماج ۾ ٿيندڙ ظلم، درد ۽ ناانصافي لکڻ تي اتساهيندي آهي.
علي محمد: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي ؟
مهر فقير : پهرين تخليق ماهوار هزار داستان حيدرآباد سنڌ ۾ شايد 1990ع ۾ شايع ٿي.
علي محمد: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو ؟
مهر فقير : رسالا / مئگزين : مومل، سارس، پره ڦٽي، پورب، عقيق، رچنا، غزل، مهاڏو، امرتا، سرتيون، ادب، پرهه، سنڌ دوست، ساڃاهه، پرک، سرت، ديبل، ينگ جنريشن، لهرون، دوستي، ڪلاڪار، گلستان، نئون چنڊ، عبرت مئگزين، باک، سوجهرو، هزار داستان، نئين زندگي، نئين سوچ، نئون نياپو، ساڻيھه، رهاڻ، پيپلز ٽائيمز، ڪنول، ڪينجهر، سنڌ سجاڳ، همسري، سڦلتا، چانڊوڪي، احساس، سويرا، هفتيوار مئگزين دي هند واسي، جواب عرض (اردو لاهور)، همدرد نونهال ڪراچي وغيره.
اخبارون: عوامي آواز، هلال پاڪستان، جاڳو، پاڪ ڪراچي (جنهن ۾ منهنجو هڪ ڊگهو نظم پيار ٿو گهرجي جيڪو لڳاتار 50 ڏينهن شايع ٿيو هو)، سنڌ سجاڳ، تعمير سنڌ، سمبارا، سوال، ايڪتا، آجيان، چنڊ نيوز، ڪاوش دنيا، صداقت، سنڌ، هلچل، واڪا، پنهنجي اخبار، سوڀ، پڪار، سنڌيار، سنڌ راڻي، عبرت، ڪاوش، آغاز (اردو )، هفتيوار همدرد ميرپورخاص وغيره.
عورتن ۽ ٻارن جا رسالا : عورتن ۽ ٻارن جي رسالن ۽ مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ هفتيوار صفحن منجھه پڻ دل کولي لکيو آهي جهڙوڪ گل ڦل، گلڙا، پوپٽ، رانديڪو، روشن تارا، سنڌي ٻارڙا، گل، ٻارڙن جي ٻاري ۽ حوصلو وغيره.
علي محمد: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي ؟
مهر فقير: ٿوريون ٿوريون تقريبن سڀ صنفون لکيون اٿم، پر غزل ۽ بيت پسند اٿم.
علي محمد: ڪهاڻين جو تعداد ۽ ڪيتريون ڇپيل آهن ؟
مهر فقير: ڪهاڻين جو تعداد ياد ناهي، پر تمام ٿورڙيون لکيون اٿم جيڪي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهن.
علي محمد: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال ؟
مهر فقير: ڇپيل ڪتاب
( گڏيل شاعريءَ جا ڪتاب )
01 ڪوتائن ڪر موڙيا، مرتب حبيب متو، سال 2021ع
02 اجريل اندر جو عڪس، مرتب الفقراءَ محمد رحيم مهر ۽ ساقي عالم جان ڪنڀر، سال 2021ع
03 شهيد روبينه اڄڻ جي خون سان انصاف وارو سوال، مرتب مشتاق بخاري ۽ مبين اڄڻ، سال 2022ع
04 گيڙو رنگ شاعري، مرتب وفا غلام عباس خاصخيلي ۽ مبين اڄڻ، سال جون 2022ع
05 نظمن جا نيڻ، مرتب مشتاق بخاري ۽ مبين اڄڻ، سال آڪٽوبر 2022ع
06 بيت جي صنف تي گڏيل ڪتاب، مرتب نويد ناز اڄڻ
07 زنگجي ويل خواب، مرتب ظهير لاڙڪ ۽ مبين اڄڻ، سال فيبروري 2023ع
علي محمد: پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هو ؟
مهر فقير: حيرت زده خوشيءَ جو اظهار ڪيو هيائون.
علي محمد: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي ؟
مهر فقير : ان وقت جي سپاهي عبدالستار ميربحر جيڪو هاڻي ماستر ۽ سگهڙ آهي.
علي محمد: شاعري اوهان جي نظر ۾ ؟
مهر فقير : شهرت جي ختم نه ٿيندڙ بک.
علي محمد: محبت اوهان جي نظر ۾ ؟
مهر فقير : نوي سيڪڙو دوکو ڏهه سيڪڙو سچائي ۽ حقيقت.
علي محمد: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب/اديبائون ؟
مهر فقير : لطيف سرڪار کان بعد شاعر ۽ شاعري سنڌ ۽ سنڌي قوم خاطر عذاب آهن، ڪاش لطيف بعد ڪنهن شاعر يا شاعره جو جنم ئي نه ٿئي ها.
علي محمد: پسنديده شخصيت ؟
مهر فقير : نبي آخر زمان ۽ والدين.
علي محمد: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پهر؟
مهر فقير : ڪتاب قرآن مجيد ۽ شاهه جو رسالو، گل ڪپهھ جو گل، رنگ ڪارو، موسم برسات واري ۽ پهر جيڪو پهر گهر ۾ اولاد سان هوندو آهيان.
علي محمد: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
مهر فقير : سالن بعد نياڻيءَ جو جنم ٿيڻ، ان کان وڌ ٻي ڪا خوشي نه.
علي محمد: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو ؟
مهر فقير: نياڻيءَ جي جنم جي ڪجھه سالن بعد پٽ ڄائو، جيڪو 29 ڏينهن بعد گذاري ويو .
علي محمد: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي ؟
مهر فقير : آزاديءَ کان اڳتي واري ڇڙواڳي طلبي ٿي اڄ جي نوي پرسنٽ عورت.
علي محمد: اڄ ڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ ؟
مهر فقير : نالو وڏو ديھه ويران.
علي محمد: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
مهر فقير : سنڌي ادب جي مارڪيٽ وسيع ناهي، سنڌيءَ کي سنڌي به گهٽ ٿا پڙهن جڏهن ته اردو ادب کي هر ڪو ٿو پڙهي ۽ ان جي مارڪيٽ وسيع آهي.
علي محمد: تنقيد ڇا آهي ؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي ؟
مهر فقير : تنقيد اها باهه آهي جيڪا ڪنهن به تحرير کي نج بڻائي ٿي، پر کيس برداشت نٿو ڪيو وڃي ڇو ته اڪثر تنقيد براءِ تنقيد تحت آهي.
علي محمد: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
مهر فقير : ڪنهن به تنظيم سان پري پري جو به واسطو ناهي .
علي محمد: زندگي اوهان جي نظر ۾ ؟
مهر فقير : خدا طرفان عطا ڪيل انعام سو زندگيءَ جو قدر ڪريو .
علي محمد: موت اوهان جي نظر ۾ ؟
مهر فقير : موت اڻٽر، ڪڙو سچ، هڪ حقيقت، ڪير ڪيترو به ڀڄي، پر وري به آخر مرندو.
علي محمد: نفرت ڇا آهي ؟
مهر فقير : اها باهه جيڪا نفرت ڪندڙ انسان کي ساڙي ڀسم ٿي ڪري .
علي محمد: دل اوهان جي نظر ۾ ؟
مهر فقير : الله پاڪ جو گهر تنهن ڪري کيس پاڪ ۽ صاف رکو .
علي محمد: ايندڙ ڪتاب/سهيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا ؟
مهر فقير : هڪ چُميءَ جو سوال آ، جي ساهه سلامت رهيا ته شايع ڪرائبو.
علي محمد: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو ؟
مهر فقير : وقت ۽ حالتن تحت هلندڙ طبيعت آهي .
علي محمد: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اٿو ؟
مهر فقير : ڪو ڪوڙ ڳالهائي، منهنجي سچ کي تسليم نه ڪري يا ڪو اجائي ۽ بي فائدي ضد ڪري .
علي محمد: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ ؟
مهر فقير : ڪجهھ به نه، هڪ به نه.
علي محمد: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي ؟ اوهان ڇا محسوس ڪندا آهيو ؟
مهر فقير: اندر ۾ اداسي هوندي آهي، ڪنهن به ٿيل واقعي تي من ماتم ڪده هوندو آهي، ڏک ٿيندو آهي، ان ويل ماني ناهي وڻندي.
علي محمد: درد ڇا آهي ؟
مهر فقير : جيون جو ساٿي.
علي محمد: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪجهھ لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو ؟
مهر فقير : ها بلڪل مطمئن آهيان پنهنجي هر تحرير سان، جنهن منجهان مطمئن نه ٿيندو آهيان سا ختم ڪري ڇڏيندو آهيان .
علي محمد: اوهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي ؟
مهر فقير : شاهد جبار جوڻيجو، معشوق علي کوکر، ماهين هيسباڻي، ڪومل نور، مشڪور حيدر راهو، عاشق علي سولنگي، جاويد علي سولنگي، سنگر پريم ساگر ڀيل، احمد خان کوسو، ارشد نهڙيو، سجاد علي آريجو، نياز احمد ڳاهو، وفا غلام مصطفيٰ شر، مختيار لغاري، فقير امداد علي جروار، شاد يونس لغاري، گل حسن ملڪ، نجم ناز سومرو، برڪت علي ڏيٿو، مظهر علي ميربحر، آزاد اظهر جوڻيجو، حقير اسد ۽ عبدالصمد گبول .
علي محمد: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي ؟ انهن جا مسئلا ڪهڙا آهن ؟
مهر فقير : غريب ۽ بي پهچ عورت کي بليڪ ميل ڪيو ٿو وڃي ڇو ته انهن جو وڏو مسئلو غريبي سبب نوڪري ڪري گهر هلائڻ آهي .
علي محمد: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي ؟
مهر فقير : هيل تائين عورت ليکڪائن جو هڪڙو به مسئلو سامهون ناهي آيو، ها مگر مرد شاعرن کي گهرجي ته جنهن مشاعري ۾ عورت شاعرائون هجن اتي اگهاڙي شاعري پڙهڻ کان پرهيز ۽ پاسو ڪن .
علي محمد: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري ؟
مهر فقير : شروع شروع ۾ شوق، پر هاڻي شهرت جي بک .
علي محمد: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي ؟
مهر فقير : خوشي ٿيندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته شهرت سبب تڪبر ۽ انا به رونما ٿيندي آهي.
علي محمد: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت ؟
مهر فقير : ڪنهن کان به ڪا شڪايت ناهي ها پاڻ کان اها شڪايت اٿم ته مٽن مائٽن سان ۽ يارن دوستن سان وس ڪري نڀائي نه سگهيو آهيان.