ادبڪهاڻيوننئون

ڪھاڻي: تهذيب جو درد

سنگهار رات جو حسبِ معمول ڪمري جون سڀ بتيون بند ڪري، سمهڻ جي لاءِ بستري تي گهڻا ئي هيڏانهن هوڏانهن پاسا ورايا، پر هُن کي ننڊ نه آئي. هُن جي ذهن تي بس روپا ئي سوار هئي، جنهن سان هُن گڏ جيئڻ ۽ گڏ مرڻ جا واعدا وچن ڪيا هئا. سنگھار پنهنجي ماءُ کي ھڪ ڀيري روپا جي رشتي لاءِ سندس مائٽن ڏانهن به موڪليو هو، پر اُهي روپا جو رشتو سنگھار سان ڪرڻ لاءِ ڪنھن به طرح تيار نه ھئا. شادي کان انڪار جو ڪارڻ بڻيو طبقاتي سماج. روپا سکئي ستابي گهر جي ڄائي هئي ۽ لاڏ ڪوڏ جي پليل ھُئي. هُن جا والدين ڪيئن ٿي سندس شادي هڪ معمولي ڪلارڪ سان ڪرڻ پسند ڪري سگهيا، جيڪو پنهنجي پگهار مان پنهنجو گهر به مشڪل سان هلائي ٿي سگهيو، سو روپا کي ڀلا ڇا پالي سگهندو؟ ھُو ڪيئن محدود آمدني مان روپا جي خواھشن جو پورائو ڪري کيس سُکي ۽ خوش رکي سگھندو؟ جيئن اسانجي سماج ۾ مروج آھي ته، خوشحال مٿيون ڪلاس ڪڏھن به بدحال مڊل ڪلاس کي سماج ۾ نه ته عزت ڏيڻ ۽ نه ئي وري اُن سان تعلق رکڻ پسند ڪندو آھي، تيئن ھتي به ائين ئي ٿيڻو ھو سو ٿيو ۽ سنگھار جو روپا سان رشتو نه ٿي سگھيو.
روپا ته سنگهار سان گهڻو ئي پيار ڪندي هئي ۽ هُن سان شادي ڪرڻ لاءِ راضي ۽ بي چين به هئي، پر هُوءَ سنگهار جي صلاح تي گهر ڇڏي ڀڄي وڃي شادي ڪرڻ لاءِ قطعي تيار نه هئي. سنگهار روپا جي پيار جي ميلاپ ۾ رڪاوٽ بنيل سماجي ديوار تي سوچيندي اڪثر اُداس ٿي ويندو هو. هُن جو ڏينهن ته وري به معمول جي هُل هنگامي ۾ مڙئي جيئن تيئن گذري ويندو هو، پر رات جو هُو گهڻو ئي ننڊ اچڻ لاءِ شعوري ڪوشش به ڪندو هو، پر ننڊ به ڄڻ روپا هئي، جيڪا هُن کان ڪوھين ڏور ٿيندي ٿي وئي. بهرحال وري به چوندا آهن ته، ننڊ ڦاسي جي تختي تي به اچي ويندي آهي، سو نه ڄاڻ ڪيڏي مهل پاسا ورائيندي هُن کي ننڊ اچي ئي ويندي هئي.
اُن رات به روپا کي ساريندي سنگهار کي بستري تي ڦٿڪندي ڦٿڪندي نيٺ گهري ننڊ وٺي ئي وئي هئي. نه ڄاڻ ڪيڏي مهل ڇير جي ڇم-ڇم-ڇم-ڇم جي آواز تي هُن کي گهري ننڊ مان اوچتو جاڳ ٿي پئي. هاڻي رڳو ڇير جي ڇمڪي جو آواز نه، پر چوڙين جي ڇڻ ڇڻ جو آواز به هُن جي ڪنن تائين پهچي رهيو هو. هُو اکيون مهٽي بستري تي اُٿي ويٺو. سڄو ڪمرو روشني سان ٻري اُٿيو هو.
هُن ته سمهڻ مهل ڪمري جون سڀ لائٽون وسائي ڇڏيون هيون، ته پوءِ هي هيڏي تجلي دار روشني ڇا جي هئي؟ ۽ ڪٿان اچي رهي هئي؟` سنگهار کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو، پر جيئن ئي هُن تان ننڊ جا خمار آهستي آهستي لهڻ شروع ٿيا ۽ دماغ ڪم ڪرڻ لڳو ته، هُن جي نظر هڪ سنهڙي، سڊول ۽ سندر نرتڪي تي پئي، جيڪا هُن جي ڪمري ۾ محو رقص هئي. اُها ساري جوت جنهن ڪمري کي مڪمل روشن ڪري ڇڏيو هو، سا سندري جي جوڀن جي جوالا مکي جسم مان ڦاٽ (اُڌما) کائي ٻاهر نڪري رهي هئي. سندريءَ جي انگن جي لاهن ۽ چاڙهن (ڊانس) جي ردم ۽ تال تي، سندريءَ جي پيرن ۾ پيل ڇير ۽ ٻانهن ۾ پاتل چوڙين مان مڌر سُر نڪري هُن (سنگهار) جي ڪنن کان ٿيندا هُن جي روح جي گهرائي ۾ لھندا ٿي ويا.
هُوءَ ڪير هئي جيڪا آڌي رات جو هُن جي ڪمري ۾ ائين رقص ڪري رهي هئي؟` سنگهار ذهن تي زور ڏيندي سوچيو ۽ سوچيندي سوچيندي هُو شعور کان لاشعور جي دنيا ۾ پهچي ويو. هاڻي هُن کي آهستي آهستي سمجهه ۾ اچڻ لڳو. هُو تاريخ جا پيرا کڻندي ماضي ۾ هليو ويو ۽ پوءِ هُن کي اُهي ڌنڌلا عڪس چٽا ٿيندي نظر اچڻ لڳا، جيڪي هن جي ماضي جو ورثو هئا. هاڻي هُن کي سڀ ڪجهه ياد اچڻ لڳو. اُهي منظر، اُهي چهرا، اُهو وقت سڀ ڪجهه هُن جي اڳيان ائين عيان ٿي بيٺو، جيئن سئنيما اسڪرين تي سلائڊ هلندي نظر ايندا آهن. ”اڙي! هيِ ناچڻي ته اسانجي ڌرتي جي عظيم تهذيبي ورثي جي سڃاڻپ، موهن جي دڙي جي سمبارا آهي.“
”سمبارا تون هتي!؟“ سنگهار بي اختيار حيرت مان پڇيو.
سمبارا ڪجهه وقت ته مستي ۾ رقص ڪندي رهي ۽ پوءِ پنهنجن قدمن جي چاپ کي روڪيندي چيو، ”ايترو جلدي سڃاڻين وئين! لڳي ٿو ته تو مونکي اڃان به وساريو ناهي؟“
”ڀلا آئون توکي ڪيئن وساري سگهان ٿو؟“ سنگهار سرهائي جو اظهار ڪندي جواب ڏنو، ”تون ته منهنجي ديس جي نِرت ڪلا جي علامت آهين. موهن جي دڙي جي سڀيتا جيڪا منهنجي ميراث آهي، پوري دنيا جنهن تي رشڪ ڪري ٿي ۽ جنهن جي عظمت سبب دنيا ۾ منهنجو ڳاٽ هميشه اوچو رهيو آهي، اُن کي ڀلا آئون ڪيئن من تان ميساري سگهان ٿو؟“
سنگهار ڏٺو ته سندس ان فخريه وراڻي تي سمبارا مُرڪي ڏنو ۽ هُوءَ خوشي مان نه ماپندي وري وجد ۾ اچي رقص ڪرڻ لڳي. سمبارا جي ناچ، سنگهار جي دل جا چار ئي طبق روشن ڪري ڇڏيا ھئا ۽ هُن کي لڳو ته ڄڻ وقت اُن ماضي کي ٻيهر موٽائي آيو آهي ۽ هُو پنهنجي ميراث ۽ تهذيب و تمدن سان ڀرپور شهر موهن جي دڙي ۾ گهمي ڦري ڀرپور جيون جو مزو ماڻي رهيو آهي. ڪجهه دير کانپوءِ جڏهن سمبارا رقص ختم ڪري سنگهار جي بستري تي سندس پاسي ۾ اچي ويٺي، ته هُن جي خيالن جو سلسلو جيڪو کيس ماضي ۾ وٺي ويو هو، سمبارا جي ڳالھائڻ تي ٽٽي پيو.
”آئون پنهنجو ڏيهه هڪ ڀيرو ٻيهر ڏسڻ چاهيان ٿي.“ سمبارا هاڻي بلڪل ڪچهري جي موڊ ۾ اچي وئي هئي. هُن سنگهار ڏانهن نهاري مٺڙي آواز ۾ سوال ڪندي پڇيو، ”ڇا تون مون کي سنڌ گهمائيندين؟“
”ڀلا آئون توکي ڪيئن انڪار ڪري سگهان ٿو؟“ سنگهار هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو، ”سمبارا! تون اِھو سوال پڇي مونکي شرمندہ نه ڪر. تون ته منھنجي لاءِ سنڌ جي ھستي ۽ وجود جي سڃاڻپ آھين، پوءِ توکي سنڌ گھمائڻ کان انڪار ڪري آئون ڇو گنھگار بنجڻ چاھيندس؟ پر مونکي سمجھ ۾ نٿو اچي ته تون ٻيهر ڇو ٿي سنڌ گهمڻ چاهين، جڏهن ته اُها تنهنجي اڳيئي ڏٺل آهي ۽ جنھن ۾ تون پنھنجو ڀرپور جيون گھاري چڪي آھين!؟“
”تنهنجي انھي ”ڇو“ جو مطلب مونکي سمجهه ۾ نه آيو!“ سمبارا حيران ٿيندي ورندي ڏني، ”سنڌ منهنجو وطن آهي، جنهن کي ڏٺي مون کي پنج هزار سالن کان مٿي ٿيا آهن. ڀلا پنهنجو ديس ڏسڻ ڪو ڏوهه آهي ڇا؟“ سمبارا جي جواب ۾ سوال به هو ته پنهنجائپ واري ميار به،
”نه سمبارا نه، تون ڀلي پنھنجو وطن ڏِس. منهنجي سوال ڪرڻ جو مقصد اهو قطعي ڪونه هو.“ سنگهار ورندي ڏيندي چيو، ”ڀلا تون ھِن وقت سنڌ ۾ ڇا ڏسڻ ٿي چاهين؟ سڀ ڪجهه ته هِتي هو اُن وقت ۾، جيڪو هڪ ترقي ۽ تهذيب يافته ملڪ ۾ هئڻ گهرجي. عاليشان منصوبه بندي سان اڏيل شهر، صاف سٿرا گهر، روڊ رستا، اعليٰ معيار جو ڊرينيج سسٽم، پيار محبت، ڀائيچارو، امن آشتي، آرٽ، سُر سنگيت ۽ نرت ڪلا جون محفلون….“
هوءِ پريشان ٿي وئي. سنگهار محسوس ڪيو ته سندس جواب سمبارا کي شايد نه وڻيو.
”ها! برابر گهڻو ڪجهه هو منهنجي ديس ۾، پر ان دور کي پنج هزار سالن کان به مٿي ٿي چڪا آهن.“ سمبارا سنگهار ڏانهن حسرت ڀرين اکين سان نهاريندي چيو، ”ڇا تون نٿو ڄاڻين ته پنهنجي ديس کان پنج هزار سالن کان به مٿي جو عرصو پري گذارڻ، ڪيڏو نه تڪليف ده آهي؟ پنهنجي مٽي کان پري رهڻ جي درد ۽ اُن کي پسڻ جي لاءِ ڪيل اوسيئڙي جي پيڙاءَ کي، ڀلا جي تون منهنجو ديس واسي ٿي ڪري به نٿو ڄاڻين سگهين ته پوءِ ڪير ٻيو ڇا ڄاڻي سگھندو؟“
سنگهار ڏٺو ته ائين ڳالهائيندي هُوءِ بنهه جذباتي ٿي ويئي ۽ هُن جي چهري تي تيزي سان بدلجندڙ رنگن جي ريکائن مان، هڪ اهڙي پيڙا ۽ ڀوڳنا جو احساس اُڀري رهيو هو، جهڙو هڪ ٻار کي پنهنجي جيجل ماءُ جي وڇوڙي تي ٿيندو آهي.
”ها ٺيڪ آهي، آئون توکي سنڌ ضرور گهمائيندس.“ سنگهار سمبارا کي تسلي ڏيندي چيو، ”پر تون اُتي هاڻي ڇا ڏسڻ چاهينديئين؟“
”آئون اهو ڏسڻ چاهينديس ته پنج هزار سال اڳ اسان جيڪو تهذيب ۽ تمدن جو ٻوٽو هنيو هو، اُهو ڪيترو وڌيو ۽ ويجهيو آهي ۽ اُن جي ڦل جو پنهنجي ديس جي ماڻهن ڪيترو مزو ماڻيو آهي!“ سمبارا بنا ڪنهن ساهيءَ جي لڳاتار ڳالهائيندي رهي،” اسان ته آگهي (ڄاڻ) جي فقط شروعات ڪئي هئي. اسان جي وڃڻ کانپوءِ واري پنج هزار سالن جي عرصي ۾ منهنجي ديس واسين ان شعوري لاٽ کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ڪيترو ڦهلايو هوندو؟ ۽ ڪھڙو خوشين ۽ سکن جو سندر سنسار جوڙيو هوندو؟ ان جو منھنجي ذھن ۾ ته ھن وقت بس ھڪ تصور (خاڪو) ئي آھي، پر ان خواب کي تعبير جي شڪل ڏئي منھنجي ديس واسين جيڪو روشنين سان جڳمڳائيندڙ نئون سنسار جوڙيو ھوندو، آئون اُھو سڀ ڪجھ پنھنجين اکين سان روبرو ڏسڻ چاهيان ٿي. آئون دنيا ۾ شعور ڦهلائڻ جي خوشي ۾ پنهنجي ديس واسين جي چهرن تي آيل اُها ابدي مرڪ به پسڻ چاهيان ٿي، جنهن لاءِ مون پنج هزار سال طويل انتظار ڪيو آهي.“
سنگهار ڏٺو ته ائين چوندي سمبارا جي اکين مان خوشي جا لڙڪ وهي هليا ۽ هيٺ ڪري مٽي ۾ جذب ٿي ويا ۽ پوءِ اُن مٽي مان اُٿندڙ عجيب خوشبوءِ جي احساس سنگهار جي من اندر کي واسي ڇڏيو ۽ پنهنجي ديس جي پنج هزار سال ُپراڻي سڀيتا ۽ ثقافت مٿان پيل وقت جو پردو هٽائي ڇڏيو. هاڻي اُها پنج هزار سال پراڻي تهذيب و تمدن جي وستي سنگهار کي نه صرف پنهنجين اکين آڏو محسوس ٿي رهي هئي، بلڪه هُو اُن ۾ پنهنجن وڏڙن کي گهمندي ڦرندي، ڪم ڪار ڪندي ۽ پيار محبت ۽ خوشيون ورهائيندي ڏسي به سگهيو ٿي. پنهنجا اُهي وڏڙا جيڪي ان عاليشان تهذيب جا معمار هئا ۽ اُنھن جي ڏاھپ، ڪلا ۽ ڪرت دنيا ۾ هُن جي سڃاڻپ ۽ فخر بنيل هئا.
سمبارا جي ڪجهه پل خاموش رهڻ کانپوءِ وري ڳالهائڻ تي، آئون پنهنجي من اندر جي دنيا مان ٻاهر نڪري آيس.
”مونکي جڏهن پنهنجي ڊگهي تپسيا سبب عالم ارواح مان پنهنجو ديس گهمڻ جي اجازت ملي، ته اُتي مون سان گڏ رهيل موهن جي دڙي جو پروهت به ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته، جڏهن واپس اچين ته مون سان منهنجي وطن جو حال اورجانءِ ۽ مون کي اچي ٻڌائجان ته اسانجي وڃڻ کانپوءِ اسان جي نسل پنهنجي ثقافتي ورثن ۽ تهذيبي قدرن کي ڪيترو مالامال ڪيو آهي؟ ۽ پنهنجي ڌرتي سميت پوري عالم جي سک، امن، آشتي ۽ خوشحالي لاءِ ڪيترو ڪم ڪيو آهي؟ پروھت مون کي جذباتي ٿيندي وڌيڪ چيو ته، جڏهن موٽين ته پاڻ سان گڏ موهن جي دڙي جي مٽي ضرور آڻجانءِ ته جيئن آئون اُن کي ماٿي لائي ابدي سڪون ماڻي سگهان…. چڱو هاڻ جلدي تيار ٿي مون کي پنهنجي جنم ڀومي سنڌ گهمائي، جو هاڻي مون کان اوسيئڙو برداشت نٿو ٿئي. هُتي عالم ارواح ۾ پروهت به پنهنجي ديس جي مٽي جي خوشبوءِ ماڻڻ ۽ پنهنجن ديس واسين جو احوال ڄاڻڻ لاءِ بيچيني سان انتظار ڪري رهيو آهي…“
پنهنجي ماءُ جي زوردار دانهن ۽ ڪيڪن تي سنگهار جي خوابن جو سلسلو اچانڪ ٽٽي پيو ۽ هُو ننڊ مان ڇرڪ ڀري اُٿي ويٺو. ”ڇورا توکي گهڻو ئي چيم ته ڇوريِ جو رشتو ڪري ڇڏ، هُنن گهريو به هو، پر تنهنجي هوڏ (ضد) ته، پاڻ کان گهٽ ذات وارن کي پنهنجي ڀيڻ جو رشتو ڏئي نڪ ٿوروئي ڪپائيندس.“
ماڻس اندر جي پيڙا مان اُڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندي ۽ روئندي چيو، ”هينئر عمران اچي ٻڌايو آهي ته ڀيڻين پنهنجي يار سان گڏ ڀڄي وئي آهي. ڇورِي نڪ ته ڪپي وئي، هاڻي ماڻهن کي ڪهڙو منهن ڏيکارينداسين؟“
سنگهار جو چهرو اھا خبر ٻڌي تپي باهه ٿي ويو ۽ شديد غصي ۽ غيرت جي احساس مان هُن جو رت ٽهڪڻ لڳو. هُن پنهنجي ماءُ کي ڪوبه جواب نه ڏنو. هُو جلدي ٽپ ڏئي بستري تان اُٿيو ۽ ڪمري جي ڪنڊ ۾ پيل ڪهاڙي کڻي تيزي سان دروازي مان ٻاهر نڪري ويو.
ائين لڳو ته ڄڻ ڪمري جي ديوار تي لڳل فريم مان سمبارا جون نظرون سنگهار جو پيڇو ڪندي چئي رهيون هجن:
”آئون جنهن سنڌ ۾ رهندي هُيس، گھٽ ۾ گھٽ اُها اهڙي ته نه هئي!!“
***