خاصنئون

مذهب مٽيندڙ ڇوڪري کي مڙس سان وڃڻ جي اجازت ملي وئي

عمرڪوٽ جي رهائشي مونيڪا ڪماري جنهن جو نئون اسلامي نالو مهوش رکيو ويو آهي جنهن کي عدالت پنهنجي مڙس سان وڃڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي آهي. مهوش جيڪا اڳ ۾ هندو هئي هاڻي مذهب مٽائي مسلمان ٿي آهي. عدالت ۾ جج آڏو بيان ڏيندي مهوش چيو ته هن پنهنجي رضا خوشيءَ سان پنهنجو مذهب مٽايو آهي ۽ عبدالرزاق سان پرڻو ڪيو آهي. هن عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته شادي کانپوءِ هن جو چاچو سنيل هن کي زور ڀري رهيو هو ته هوءَ عبدالرزاق کي ڇڏي گهر واپس اچي وڃي. انڪار ڪرڻ جي صورت ۾ هن قتل جي ڌمڪي پڻ ڏني هئي. جنهن بعد هن خلاف ايف آءِ  آر به داخل ڪرائي وئي هئي. هن وڌيڪ چيو ته پوليس عبدالرزاق کي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي، پوليس عبدالرزاق جي رشتيدارن کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي طرف جگديش ملاڻي ۽ وڪيل ڀڳوان داس عدالت کي ٻڌايو ته ڇوڪري کي پنهنجو گهر ڇڏڻ بعد هڪ مهيني تائين مئجسٽريٽ آڏو پيش نه ڪيو ويو هو.