پاڪستانخاصنيو‍‍ز

پاڪستان پاران غوري ويپن سسٽم جي تربيتي لانچنگ جو ڪامياب تجربو

پاڪستان پاران غوري ويپن سسٽم جي تربيتي لانچنگ جو ڪامياب تجربو، آرمي اسٽريٽجڪ فورس جي ڪمانڊر )اي ايس ايف سي( جي سينيئر اختيارين، سائنسدانن ۽ انجنيئرن تجربي جو مشاهدو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب ويپن سسٽم جي لانچنگ جو مقصد اي ايس ايف سِي جي آپريشنل ۽ ٽيڪنيڪل تيارين جو جائزو وٺڻ هو. صدر، وزيراعظم ۽ عسڪري قيادت پاران ڪامياب تجربي تي سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي واڌايون، ڪمانڊر اي ايس ايف سي آرمي اسٽريٽجڪ فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ تيارين جي واکاڻ ڪئي.