خاصسوشل ميڊيا ڊيسڪ

شوڪت اڄڻ ڇهين سالگره جي موقعي تي ميگزين بابت تاثرات

همسري: ڇا همسري اِي-مئگزين جي حيثيت ۾ مڃتا ماڻيندو؟

شوڪت اڄڻ: ڪنهن به مئگزين جو بنيادي مقصد، ڪم ۽ ڪارج، اهو آهي ته اهو مئگزين پڙهندڙ ۽ لکندڙ پيدا ڪري، سماج ۽ قومن وچ ۾ تاريخ، تنقيد، سماجيات، سائنس، وندر، ادب ۽ ماڻهو وديا کان آگاهه ۽ روشناس ڪري. تحقيق ۽ تنقيد کي ترويج ڏئي. اهڙي آگاهي جي ضرورت تاريخ جي هر دور ۾ رهندي پئي آئي آهي ۽ هر دور ۾ رهندي، پوءِ اهو دور ڊجيٽل هجي يا نان ڊجيٽل هجي. جيئن ته مٿي بيان ڪيل مئگزين جا بنيادي ڪارج ئي اهم مقصد آهن، جيڪي هن وقت به سماج جي اڻٽر ضرورت آهن. پبلشڊ مئگزين هجي يا اِي-مئگزين، جيڪڏهن اهي مٿي بيان ڪيل مقصد ادا ڪن ٿا ته پوءِ انهن جي انتهائي وڏي ۽ اڻٽر اهميت آھي. مٿي بيان ڪيل مقصدن سان سينگاريل مئگزين ۽ اِي-مئگزين، ٻنهي جي هن وقت به تمام گهڻي اهميت آهي، انهن کي سماج کي اڪيلو ۽ اڻپڙهيل نه ڇڏڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اسان جو سماج، تقريبن، ڄاڻ جي سڀني مضمونن ۾ اڃا بانبڙا پائڻ به شروع نه ڪيا آهن. کوڙ سارا مضمون ته اڃان وقت جي ڪک ۾ پيا آهن، جن جو وياء اڃان ٿيڻو آهي. باقي هن وقت اڪثر مئگزين ۽ اِي-مئگزين، بي مقصد ۽ غير ضروري پيا ڇپجن ۽ شايع ٿين، جن کي با مقصد ٿيڻ جي بنا دير سخت ضرورت آهي.

همسري: ڇا همسري اِي-مئگزين پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪاميابي ماڻي سگهي ٿو؟

شوڪت اڄڻ: بلڪل همسري، اِي-مئگزين طور سوشل ميڊيا تي پنهنجي مخصوص جاءِ ٺاهي پيو ۽ ضرور ٺاهيندو. اڄڪلھ ان جي سخت ضرورت به هئي ۽ آهي به. ڇو ته تمام گهڻي تيزيءَ سان سماج سوشل ميڊيا ڏانهن وڌي رهيو آهي. همسري معياري ڄاڻ ۽ ادب کي ترجيح ڏئي رهيو آهي ۽ اڃان وڌيڪ ڏيندو ته ضرور سوشل ميڊيا تي پنهنجي انفرادي جڳهه ٺاهيندو. همسري پڙهندڙ جيڪڏهن ان معياري مئگزين طرف ڌيان ڏيندا ۽ پڙهڻ جو لاڙو برقرار رکندا ته ڪيترائي ٻيا اِي-مئگزين به انهن کي ملي سگهن ٿا.