خاص

ويڪسين لڳرائڻ کانپوءِ نيوز ڪاسٽر جو موت

ڪورونا وائرس ويڪسين لڳرائڻ کانپوءِ بي بي سي جي ميزبان فوت ٿي وئي. برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي جي ميزبان ليز شائو جو موت ڪورونا ويڪسين اسٽرازينيڪا جي ٻين خوراڪ لڳڻ کانپوءِ ٿيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ميزبان جو موت مئي ۾ ٿيو هو ۽ ٽن مهينن تائين ان جو سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن ويڪسين جي پهرين انجيڪشن لڳڻ کانپوءِ مٿي ۾ سور جي شڪايت ڪئي. محققن جو چوڻ آهي ته ويڪسين لڳرائڻ کانپوءِ ليز شائو جي دماغ ۾ رت جون ڳوڙهيون بڻجي ويون جنهن سبب اسٽروڪ ٿيو. هاڻوڪي تحقيق موجب، اسٽرازينيڪا جي ويڪسين سان رت ڄمڻ جا انتهائي گھٽ ڪيس ٿيندا آهن. برطانوي صحت کاتي کانپوءِ ايسٽرازينيڪا ويڪسين لڳرائيندڙ هڪ ڪروڙ 80 لک ماڻهن مان 300 ماڻهن کي رت ڄمڻ (بلڊ ڪلاٽنگ) جي شڪايت ٿي آهي جنهن سبب ست ڄڻا فوت ٿيا آهن. جنهن ۾ دماغي رڳن ۾ رت ڄمڻ شروع ٿي ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن رت ۾ پليٽيليٽس جو انگ به گھٽجي ويندو آهي. ميڊيسن اينڊ هيلٿ ڪيئر ريگيوليٽري ايجنسي جو چوڻ آهي ته ان ويڪسين مان حاصل ٿيندڙ فائدا ان سبب ٿيندڙ نقصانن کان گھڻا آهن. جرمني، فرانس، هالينڊ ۽ ڪئناڊا اسٽرازينيڪا ويڪسين جو استعمال رڳو وڏي عمر جي ماڻهن تائين محدود ڪري ڇڏيو هو.