ٻارن سان ڳالهيون ڪرڻ سندن دماغ لاءِ فائديمند قرار

هڪ تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته وڏي عمر جي ماڻهن جو ٻارن سان سندن شروعاتي عمر ۾ وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سندن دماغ جي سانچي کي شڪل ڏيڻ مدد ڏئي سگهي ٿو. ماضي ۾ ڪيل مطالعن ۾ اها ڳالهه سامهون آئي هئي ته ننڍن ٻارن سان ڳالهيون ڪرڻ جا فائدا ٿين ٿا، جيئن ته ان سان ٻارن جي زبان جي استعمال ۾ بهتري اچي سگهي ٿي ۽ گهڻن الفاظن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. هاڻ محققن جو چوڻ آهي ته هنن ٻارن سان ڪئي ويندڙ وڏن جي ڳالهه ٻولهه جي مقدار ۽ ٻارن جي دماغ ۾ موجود مائيلن نالي هڪ مرڪب جي وچ ۾ تعلق دريافت ڪيو آهي جيڪو اعصاب کي گهيري ٿو ۽ اشارن کي وڌيڪ موثر بڻائي ٿو. يونيورسٽي آف ايسٽ اينگليا سان تعلق رکندڙ تحقيق جي سربراهه مصنف پروفيسر جان اسپينسر جو چوڻ هو ته ان سان اهو پيغام ملي ٿو ته پنهنجي ٻارن سان ڳالهيون ڪريو، اهو اهم هوندو آهي، دلچسپي ڳالهه اها آهي ته اهو عمل دماغ جي ڍانچي کي شڪل ڏيئي ٿو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments