ڪهاڻيونڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: موهن جو دڙو، سمبارا ۽ لُنڊا جو ماڻهو

جنوري مهيني جا مُهڙَ وارا ڏينهن هجن. ٻاهر ڪوهيڙو وِلهه وانگر ڪِريو پئي، ماڪَ جا قطرا ماڻهن جي مٿي تي برف جا ننڍڙا ذرڙا ٺاهي پاڻيءَ ۾ ڊَاهي رهيا هئا ۽ ماڻهن جي وات مان ٻاڦ ٻاهر نڪري رهي هئي..! ٿڌ پنهنجي ڦوهه جوڀن ۾ هئي ڇو جو ڪجهه ڏينهن کان جُهڙَ ۽ ڪوهيڙي جي ڪري سج نه نڪتو هو،  ڏوڪري شهر جي جاگرافيائي بيهڪ اهڙي آهي جو ڄڻ ٻارهوئي گرمي هجي، پر جيڪڏهن جنوريءَ ۾ رُڳو ٻه ڏهاڙا سج نه نڪرندو آهي ته ماڻھو ٿڌ ۾ ڏَئِي وَٺي بيهندا آهن..!

مان گلاب عرف گُلو ماڇي ويٺل ڳوٺ وَڪڙُو جو، اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ڏوڪريءَ جو ڪلارڪ! مان اهو ڪلارڪ نه آهيان جنهن جي مهڙ ۽ آخر ۾ ڪاف ڪُتو لڳل هوندو آهي.. مان ڪاف ڪم ۽ ڪاف ڪم وارو ڪلارڪ آهيان سو به ايمانداريءَ وارو ڪم…! جنهن جي ڪري مون کي گهر وارا، پاڙي وارا، ڳوٺ وارا ۽ ڏوڪريءَ وارا ڪنهن به ڪم ڪار وارو نه سمجهندا آهن… سڀ چوندا آهن گلو ڪم ڪار جو ماڻهو ئي ناهي…! ڇو جو روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ هوندي به هن وٽ ايترو به روينيو ڪونهي جو گلو ڪا ڪارِ وٺي سگهي…!

مان ڪجهه فائيل بغَل ۾ وجهي اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب جي ڪمري ۾ هليو ويس…! اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب جو اڄُ موڊ خراب هو. ڇاڪاڻ ته اڄ روزِِي ڪجهه گهٽ ٿي هئس..! هن صاحب جي جڏهن به روزي گهٽ ٿيندي آهي ته هن کي پيٽ ۾ وڪڙَ ۽ گهمرا مٿي ۾ سور ۽ وات خشڪ ٿي پوندو اٿس..! مان جيئن ئي اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس ۾ داخل ٿيس سيءَ ۾ هيٽر هلڻ جي ڪري ٿڌِ وارو احساس ئي ختم ٿي ويو..! هونئن به هتي امير ماڻهن جي لاءِ جنوري ۽ جونِ ۾ ڪو فرق ناهي رهيو..! اسسٽنٽ ڪمشنر جو موڊ اڳي ئي هيٽر تي لڳل هو سو مون کي ڏسي صفا تَپي باھ ٿي ويو…! اڙي گلو..! هي لُنڊي جو ڪوٽ پائي بغل ۾ هيڏا فائيل کڻي ڇو آيو آهين، مان اڄ تنهنجو ڪم ڪونه ڪندس..! ڇو ته تنهنجا سڀ ڪم مفت جا هوندا آهن. هل منهنجي آفيس مان لُنڊا ڪنهن جاءِ جا… سدائين لُنڊي جا لَٽا پائي پيو ٿو آفيس ۾ اچين… ڪيترو سمجهائيندو اٿماءِ  ته هن سسٽم جو حصو ٿي ته پوءِ تون به لُنڊي مان لاٽُ صاحب ٿي ويندين، پر تون آن جو ڳالھه سمجهين ئي ڪونه ٿو…!

مون کي اسسٽنٽ ڪمشنر تي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي، پر مان منهن تي ڪنهن کي به ڪجهه ڪونه چئي سگهندو آهيان، سو اسسٽنٽ ڪمشنر کي مان ڪيئن جواب ڏيان، متان منهنجي خلاف شوڪاز نوٽيس نه ڪڍي، ڇو جو صاحبن کان ڀئو به ٿيندو آهي، سو پوئين پيرِ ئي پنهنجي آفيس ڏي موٽيس..!

مان پنهنجي آفيس ۾ اچي پاڻ سان ڳالهائڻ لڳس لنڊي جي ڪوٽ پائڻ ۾ ڪهڙي برائي آهي.. لچائي آهي. خرابي آهي..! ڪپڙا ۽ ڪوٽَ ته صرف خاڪي بدن کي ڍڪڻ جي لاءِ هوندا آهن. بس بدن ڍَڪيو پيو آهي ٺيڪ آهي باقي پنهنجو اندر ته اُجرو، صاف ۽ بي داغ آهي نه..! باقي لُنڊي جي سوچ، لنڊي جو ڪردار، لنڊي جو  ضمير، لنڊي جو زَر، لنڊي جي شان شوڪت، لنڊي جي آڪڙ، لنڊي جي وڏائي، لنڊي جي غلامي، لنڊي جو ڪوڙ، لنڊي جي رشوت… هي سڀ حرامپائيون پاڻ سان گڏ کنيون گهمندڙ اسسٽنٽ ڪمشنر مون تي لنڊي جي ڪوٽ پائڻ جي ڪري چِٿرون ٿو ڪري.. وڏو ڪو اندر جو پليت آهي. وڏو ڪو بي نڪو آهي… وڏو ڪو ح…را… مي… آهي..! اهڙن لنڊي جي ڪردار ۽ سوچ رکندڙ ماڻهن اسان جي قوم کي سماجي، سياسي ۽ معاشي طور تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي..!

ٻاهر وِلهه ڏوڪريءَ کي ڪوهيڙي جي ڪوڙڪيءَ ۾ بند ڪيو ويٺي هئي، دڪاندار پنهنجي دڪان ۾ ڪڪڙ وانگر تغاريءَ ۾ ٻرندڙ ڪوئلن تي هٿ سيڪي رهيا هئا، سيارو به چوي پيو ته اڄ نه پَوان ته ڪڏھن پَوان..! پاري پوڻ واري ٿڌِ جي ڪري شهر ۾ ماڻهن جي رَش صفا ڪونه هئي..! اسسٽنٽ ڪمشنر جي لنڊي واري طعني مون کي بيچين ڪري ڇڏيو..! مان جڏهن بيچين ٿيندو آهيان ته پنهنجي گهر وَڪڙي ڪونه ويندو آهيان.. جڏهن به بيچيني ٿيندي آهي ته ان کي ختم ڪرڻ لاءِ مهين جي دڙي تي هليو ويندو آهيان..! مان دادو ڪينال تي اڏيل چَنا پُل ٽپي سڌو موهن جي دڙي تي هليو ويس..!

مان جڏهن به مهين جي دڙي  تي ويندو آهيان ته گيٽ تي بيٺل ٽڪيٽ وٺندڙ چوڪيدار مون کي وڪڙي جو ماڇي سمجهي بنا ٽڪيٽ جي اندر ڇڏيندا آهن، پر پوءِ به مان هنن کان ٽڪيٽ وٺي پوءِ اندر ويندو آهيان..! اڄ مون کان سواءِ موهن جو دڙو تي ڪوبه سياح ڪونه  آيو هو..! مان اڪيلو لنڊي جو ڪوٽُ پائي مهين جو دڙو گهمي ڦري رهيو هئس، مون کي لنڊي جو ڪوٽ ضرور پاتل هو، پر منهنجي سوچ ۽ منهنجو ڪردار لنڊي جو نه هو…! اڄ مهين جي دڙو مون کي پراسرار لڳي رهيو هو. سفا چپ.. خاموش.. جيئن ڪير هٿ وات تي ڏئي خاموش ڪرائيندو آهي…! اهڙي خاموشي..!

مان سوچي رهيو هئس ته هي کَنڊر بڻيل شهر  لڳ ڀڳ پنج هزار سال اڳ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جو مرڪزُ، وِچ، ماٿُو ۽ ٿانءُ هو، جيڪو پنهنجي وقت ۾ ٻي دنيا کان گهڻو اڳتي وڌيل، سُڌريل، اڳڀرو، سُجهرو ۽ بهتر حالتن وارو هو. موهن جو دڙو پڪين سرن سان اڏيل خوبصورت شهر هو. شهر جون گهٽيون سِڌيون ۽ ويڪريون  هيون، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته شهر باقاعدي ماهر ڪاريگرن جي منصوبابندي سان ٺاهيو ويو هو. هر گهٽيءَ سان نيڪاليءَ لاءِ  ڍڪيل نالا لڳل هئا، جيڪي گندگي کي شهر کان ٻاهر ڪڍندا هئا. اهڙو بهترين نيڪاليءَ وارو نظام ان دور ۾ دنيا جي ڪنهن به ٻي تهذيب ۽ تمدن وٽ نه هو.

شهر جا گهر به وڏي رٿابنديءَ، منصوبابنديءَ ۽ تدبير سازيءَ سان ٺهيل هئا. اڪثر گهرن ۾ غسل خانا، کوهه ۽ پاڻيءَ جا حوضَ موجود هئا. امير ۽ غريب جي رهائش ۾ گهڻو فرق نظر نٿو اچي، جنهن مان اندازو لڳائجي ٿو ته موهن جو دڙو هڪ سماجي برابري، صنفي برابري ۽ معاشي برابري تي ٻڌل سماج هو. جنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته هتي شايد راڄُ ڌَرمي يا گڏيل انتظام وارو نظام هو.

موهن جو دڙو واپار ۽ ڪاريگريءَ جو به وڏو مرڪز هو. هتي مهرون، زيور، رانديڪا، ٿانوَ ۽ ڪپڙي جا نشان مليا آهن. انهن شين مان ثابت ٿئي ٿو ته هتان جا ماڻهو هنر مند، جفاڪش، محنتي ۽ ڏورانهن علائقن سان واپار ڪندڙ هئا. ڪجهه مهرن تي لکيل نشان اڄ تائين پڙهيا ناهن ويا يا پڙهڻ جي سچي دل سان ڪوشش به نه ڪئي وئي آهي..!

مذهبي حوالي سان ماهرن جو خيال آهي ته موهن جو دڙو جا ماڻهو فطرت، پاڻي، زرخيزي ۽ رقص جي ديوي سمبارا ماءُ سان لاڳاپيل عقيدا رکندا هئا. وڏي غسل خاني (Great Bath)  کي پوڄيندا هئا! جيڪو هن تهذيب جي روحاني سوچ کي ظاهر ڪري ٿو. مختصر طور ماهرن جي راءِ مطابق موهن جو دڙو هڪ اهڙو شهر هو، جتي علم، دانائي ، صفائي، برابري، هنر ۽ امن کي وڏي اهميت حاصل هئي. اهو شهر اڄ به سنڌ جي تهذيب، سڃاڻپ ۽ فخر جي علامت آهي.

پر هي هيڏو خوبصورت شهر ڪيئن تباھ ٿيو…؟ اڄ تائين اسان کي اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ڇو..؟

مان انهن ئي ڳالهين ۾ گم سم هئس… ٿڌ به زور جي هئي رکي رکي اُتر جي هوا سيني کي ڇُهي ڏڪائي پئي وِجهي.. ڏڪڻيءَ ۾ کاڏي ۽ سيني ۾ هڪ عجيب حرارت  ههههههه.. ههههههه جو آواز بڻجي رهي هئي..!

مان هنن ئي ڳالهين ۾ گم سم اسٽوپا طرف وڌي رهيو هئس..! ڪوهيڙي، ولهه ۽ خاموشيءَ هڪ پراسراريت کي جنم ڏنو هو..! مان جڏهن اسٽوپا جي ويجهو آيس ته هڪ عجيب آواز آيو…. مان ڇرڪجي ويس… ٿڌڙي هوا جو جھوٽو منهنجي جسم مان سُرٻاٽ ڪري اسٽوپا طرف وڌي ويو… مان صفا هيسجي ويس..!

هيڏانهن ڏسو گلاب…!

مان هيڏي هوڏي نهارڻ لڳس، پر مون کي ڪوبه نظر نٿي آيو…! مان ويتر ڊڄي ويس..!

هيڏانهن… هيڏانهن مٿي اسٽوپا ڏانهن ڏسو…!

مان جيئن ئي مٿي اسٽوپا ڏانهن ڏٺو ته مون کي اسٽوپا تي سمبارا نظر آئي..! سمبارا جيڪا مون کي سياري جي شام جي لهرائيندڙ ٿڌڙي هوا جهڙي حَسين، پنهنجي ساهه ۾ صديون سموئي بيٺي هئي. سندس سنهڙي ڳچيءَ ۾ سون ۽ چانديءَ جو ٺهيل هار، جنهن ۾ نيلم، فيروزا ۽ لعل جُڙيل هئا، جيڪو چانڊوڪيءَ وانگر جرڪندو پئي رهيو، چمڪندو پئي رهيو. هر موتي ۾ ڄڻ موهن جي دڙي جي وِسريل تهذيب جو ساهه بند هجي. سندس ڪنن ۾ لڙڪندڙ جهومر ٿڌڙي هلڪي هوا سان گڏ ڌيمي سرگوشي ڪري رهيا هئا، ڄڻ ڌرتيءَ جون پراڻيون ڪهاڻيون ورجائي رهيا هئا. سمبارا جي پيشانيءَ تي ٺهيل ٽِڪو، سُنهري سج جي علامت هو ۽ سندس وارن ۾ پاتل گيندي جي گلن جي هار مان مٽيءَ جي کٿوري اچي رهي هئي. سندس ٻانهن ۾ پاتل ڪَنگڻ هر حرڪت سان ڇڻڪار ڪندا، ڄڻ وقت جي ڌڙڪن سان گڏ نچي جهومي رهيا هئا.

مان هيسيل هيسيل…  وچڙيل لفظن ۾ چيو سمبارا توهان..!

جي مان گلاب..!

هوءَ جڏهن اسٽوپا تان هيٺ لهي رهئي هئي، هُن جو لهڻ ۽ هلڻ ۽ مون ڏانهن اچڻ ايئن لڳي رهيو هو ڄڻو  سندس زيورن جي روشنيءَ ۽ حُسنَ گڏجي اهڙو منظر خلقي ڇڏيو آهي ڄڻ تاريخ پاڻ سينگارجي، سنوارجي زنده ٿي منهنجي سامهون اچي بيٺي هجي..!

سمبارا مون سان ڳالهايو..!

گلاب تون هتي ڇو آيو آهين؟

جڏهن ته اڄ هتي ڪير به ناهي..!

تون اڪيلو اواڪ.. ڇو..!

مان پاڻ سنڀالي سمبارا سان ڳالهايو..!

سمبارا،

مان جڏهن به بيچين ٿيندو آهيان نه، ته هتي ايندو آهيان.

پر هتي اچڻ کانپوءِ مون کي هڪڙو سوال اڃان وڌيڪ بيچين ڪري ڇڏيندو آهي ته هي اسان جو خوبصورت شهر موهن جو دڙو ڇو تباهه ٿي ويو..! هي موهَنَ بادشاھ جي نَگري جيڪا هزارين سال اڳ دنيا جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ ترقيافته ۽ جديد هئي. آخر هن خوبصورت نگريءَ کي ڪنهن حملا آور تباھ ڪيو، زلزلو آيو، ڌرتي ڌڏي، وڏي ٻوڏ آئي يا ٻيو اهڙو ڇا ٿيو..؟ هيءَ نگري جنهن سان اسان جو نينهن جو ناتو آهي ڇو تباهه ۽ برباد ٿي وئي…؟ آخر ڇا ٿيو…!؟

منهنجا هي سوال ٻڌي سمبارا پهريان مسڪرايو ۽ پوءِ سنجيده ٿي هن مون کان پڇيو..!

گلاب تون بيچين ڇو ٿيندو آهين…؟ ۽ اڄ اهڙي لِڱَ ساڙيندڙ ٿڌ ۾ به ڪهڙي شيءِ توکي بيچين ڪيو جو تون هتي آيو آهين…؟

سمبارا..! اڄ مان هتي ڏوڪريءَ جي اسسٽنٽ ڪمشنر جي اڍنگي رويي ۽ نامناسب ورتاءَ جي ڪري آيو آهيان.

هن منهنجي  سچائي!،  ايمانداري!،  همدردي!، رحم دلي!،  صبر!،  تحمل!، محبت!، اخلاص!،  وفاداري!،  انصاف!،  سخاوت!،  شڪرگذاري!، عاجزي!، برداشت! ۽  خدمتِ خلق جهڙين خصلتن ۽ خوبين تي ٽوڪ ۽ ٺٺول ڪئي آهي…! هُنَ انهن سڀني انساني سماج کي اڏيندڙ جبلتن کي لنڊي جهڙي بيڪار ۽ ردي لفظ سان پڪاريو آهي. هن مون کي لنڊي جو ماڻهو ڪوٺيو آهي، منهنجي تذليل ڪئي آهي..! حالانڪه منهنجي سوچ ۽ ڪردار لُنڊي جهڙو ناهي..! هو پاڻ لنڊي جو ماڻهو آهي لُنڊو آهي، هن جي سوچ لُنڊي آهي، هن جو ڪردار لُنڊو آهي..!

سمبارا! منهنجي هيءَ ڳالهه ٻُڌي گهري سوچ ۾ ٻُڏي وئي..! هن ٿڌو ساهه کنيو جيڪو ڪيترين ئي صدين جيڏو طويل هو..! هن مون سان مخاطب ٿي فڪرمند لهجي ۾ ڳالهايو..! تون مون کان پڇين ٿو نه موهن جو دڙو ڪيئن تباهه ٿيو ته پوءِ اڄ ٻڌ… جڏهن موهن بادشاھ هي جهان ڇڏي ويو ته ان جي جاءِ تي چندر موهن راڄُ ڌرمي ٿيو…! جڏھن موهن بادشاھ هو ته اتر ۽ اولهه جا ننڍا وڏا بادشاھ موهن بادشاھ سان ساڙُ ڪندا هئا.! هو موهن جي اَڏيل شاندار شهري ۽ فلاحي رياست کي ڪيرائڻ جون سٽون سَٽيندا هئا..! هنن ڪيترائي حربا هلايا، پر هنن کي ڪجهه به پلئه ڪونه پَيَن…! پر جڏهن چندر موهن حڪمران ٿيو ته اتر ۽ اولهه کان آيل ڪجهه سوداگر هن جي ويجهو اچي ويا..! انهن حِرفتي سوداگرن آهستي آهستي موهن جو دڙو اڏيندڙ هٿن کي سازشن ذريعي چندر موهن کان پري ڪري ڇڏيو…! سفارشن ذريعي لوڀي ۽ ٺوڳي قسم جا ماڻهو چندر موهن جي ويجهو اچي ويا…! جن وري پنهنجا نوازيءَ جي ذريعي ٻين ماڻهن کي حڪومت جي وهنوار ۾ شراڪتي ڪري ڇڏيو..! ايئن وقت گذرڻ سان ايمانداري، سچائي ۽ انصاف هن شهر مان موڪلائيندا ويا.

جڏهن ايمانداري، سچائي ۽ انصاف هن ڌرتيءَ تان پرتي ٿي ويا، تڏهن موهن جو دڙو به هڪ ڀيرو ساهه کڻي وري خاموش ٿي ويو. جنهن وسنديءَ ۾ ڪڏهن سچ ڳالهائڻ ساههُ کڻڻ برابر هو، ماپَ تورَ ۾ بي ايماني حرام سمجهي ويندي هئي ۽ انصاف هر  گهٽيءَ ۾ جيئرو هو، اُتي آهستي آهستي ڪوڙ جا ڪارا پاڇا لهي آيا ماڻھن جي من مان سچ جي ڏِياٽي وسامي وئي، ايمانداري اجنبي بڻجي وئي ۽ انصاف زور وارن جي مُٺ ۾ قيد ٿي ويو. پوءِ نه کوهن ۾ پاڻي رهيو، نه رستن ۾ رونق، نه ماڻهن جي اکين ۾ اوج. ڀِتيون ڀُري ڀُري ڪِري پيون، گهٽيون ويران ٿي ويون ۽ شهر جي ساهه سان گڏ تاريخ به مسخ ٿي وئي. موهن جو دڙو تڏهن کنڊر نه ٿيو، جڏهن وقت جا طوفان آيا، پر تڏهن ڀڄي ڀورا ٿيو، جڏهن انسان پنهنجي ضمير سان دغا بازي ڪئي. جڏهن سچ لڪائي ڇڏيو ويو، انصاف لتاڙيو ويو ۽ ايمانداري کي ڌِڪاريو ويو، تڏهن اها عظيم وسندي به مٽيءَ ۾ ملي وئي ۽ اڄ به کنڊرن مان اهوئي سڏ اچي ٿو:

“شهر بي ايماني، ناانصافيءَ نه، پر ايمانداري، انصاف ۽ سچائي واري قدرن سان جيئندا آهن.”

سمبارا! ايئن ڳالهائي منهنجي اکين کان اوجهل ٿي وئي..! مان گلاب ماڇي به واپس پنهنجي وٿاڻن ڏانهن وريس…!

***