سپريم ڪورٽ اي ڊي خواجه کي پنهنجي عهدي برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جي تبديلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف صوبائي حڪومت جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس ايڪٽ 2011 کي آئيني قرار ڏنو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي پوليس کي اداري ۾ ٽرانسفر جو حق ڏئي ڇڏيو آهي. جنهن تي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته اهو تمام سٺو فيصلو ڪيو آهي جيڪو فيصلو ٽي چار دفعا پڙهڻ جهڙو آهي. سپريم ڪورٽ پاران هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سنڌ حڪومت جي درخواست جي ٻڌڻي ڪندي اي ڊي خواجه کي آءِ جي جي عهدي تي برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ آءِ جي جي تقرري جو معاملو عدالتي فيصلي سان مشروط هوندو، تقرري جي معاملي وفاقي حڪومت جي کنيل ڪنهن به قدم جي ڪابه حيثيت نه هوندي.