خاص

پي آءِ اي جهاز حادثي جي رپورٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش.

 وفاقي وزير غلام سرور خان پي آءِ اي جهاز حادثي جي رپورٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي وزير غلام سرور خان پي آءِ اي جهاز حادثي واري رپورٽ پيش ڪندي چيو آهي ته صاف شفاف ۽ اڻ ڌري جاچ ٿي رهي آهي ۽ ان جي عبوري رپورٽ اڄ ايوان ۾ پيش ڪري رهيا آهيون. مڪمل رپورٽ به هن ايوان جي سامهون پيش ڪئي ويندي. جنهن ۾ سمورا سبب ۽ معاوضي جا تفصيل شامل هوندا. غلام سرور خان چيو ته بدقسمتي سان هي پهريون واقعو ناهي. 72 سالن ۾ جهازن جي حادثن جا 12 واقعا ٿي چڪا آهن ۽ انهن 12 واقعن جي فوري طور تي جاچ نه ٿي سگهي. نه ئي وري رپورٽ سامهون آهي، جڏهن ته ذميوارن کي سزا به نه ملي سگهي. اڄ تائين عوام ۽ فوت ٿي ويلن جي وارثن کي اها به خبر نه پئجي سگهي ته ان واقعن جو ذميوار ڪير آهي. غلام سرور خان چيو ته جهاز حادثي ۾ 97 ڄڻا شهيد ٿيا. ان ئي رات هڪ ٽيم جوڙي وئي. ان رات هي بورڊ ڪراچي پهتو ۽ ان پنهنجي جاچ جي شروعات ڪئي. جاچ بورڊ ذميواري سان پنهنجا فرض ادا ڪيا. غلام سرور خان چيو ته 29 گهر هن حادثي ۾ مڪمل تباهه ٿيا جن جو ازالو به ڪيو ويندو. متاثر ماڻهن کي متبادل رهائش گاهون به فراهم ڪيون وينديون. جيڪي ماڻهو فوت ٿيا ان ۾ 19 ماڻهن کي في ماڻهو 10 لک رپيه ڏنا ويا آهن. هڪ گهر جي ٻارڙي به فوت ٿي ان کي به معاوضو ڏنو ويو آهي.