ادبڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: آرسيءَ ۾ عڪس

هوءَ بستري تي ليٽل ھئي. ڪمري جا سڀ بلب بند ھئڻ سبب اونداهي پکڙيل ھئي. ڪمري ۾ ايتري ماٺار ڇانيل هئي جو ڀت تي لڳل گهڙيال جي سيڪنڊ واري ڪانٽي جي چُرپُر جو آواز به ڪمري ۾ ٻڌڻ ۾ پئي آيو. سندس دل جو ڌڙڪو ۽ گهڙيال جي ڪانٽي جو آواز پاڻ ۾ گڏجي ويا هئا.
ھن ننڊ ڪرڻ لاءِ اکيون بند ڪري ڇڏيون. ٿوري دير کانپوءِ ھن کي منھن تي اھڙو تاءُ محسوس ٿيو جو کيس لڳو تـه منھن جي سامهون سج اچي بيٺو آھي ۽ شايد اس منھن ساڙيندي ھجي، پر ھن کي ٿوري دير کانپوءِ اھو احساس ٿيو تـه ھي رات جو پهر آهي. ھوءَ اي سي ڪمري ۾ ستل آهي. ھن وقت سج تـه ناممڪن آهي. ٻئي پل ھن جلدي اکيون کوليون. اونداهي ھئڻ باوجود ھن جي منھن تي ساڳيو اس جھڙو تاءُ محسوس پئي ٿيو.
سندس ڪمرو سهڻي نموني سينگاريل هو. ڀتين تي آسماني رنگ ٿيل هو. فالس سيلنگ سبب ڇت تي جيڪا گلڪاري ٿيل هئي سا وڻندڙ هئي. هن جي سينگار ميز تي قسمين قسمين لپ اسٽڪون، نيل ڪلر، آءِ شيڊ کان وٺي لوشن ۽ ميڪ اپ جو ٻيو سامان پيو هو. ڪمري جي ڀتين تي سندس شاديءَ جي ڳاڙهي جوڙي ۾ نڪتل تصور فريم ٿيل ٽنگيل هئي، جنهن ۾ هوءَ ڪنوار جي روپ ۾ مرڪي رهي هئي. ان جي ڀرسان ئي هڪ ٻي تصوير سندس مڙس سان هئي. بيڊ جي سائيڊ ٽيبل تي سندس يونيورسٽي واري دور ۾ نڪتل اها تصور هئي، جنهن ۾ کيس گلابي وڳو پاتل هو ۽ وار ڪلهن تائين سنواريل هئس. اها تصوير هن کي جام وڻندي هئي، جنهن ۾ هوءَ ٽهڪ ڏيئي رهي هئي. زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ. ائين ٿي لڳو اهو ٽهڪ تصوير ۾ محفوظ ٿي ويل پل ڪونهي، پر زندگيءَ جي علامت آهي. ڪڏهن ڪڏهن هوءَ يونيورسٽيءَ جا ٽهڪ ياد ڪندي هئي، جيڪي هن وڏي وقت تائين پنهنجين سهيلين سان ڏنا هئا، پر ڪمرو ڪيترو به سهڻو ڇو نه هجي اڪيلائي وري به بدصورت هوندي آهي.
ھن اي سي جي نيري رنگ سان لکيل ڪولنگ ظاھر ڪندڙ انگن ڏانهن ڏٺو “18” ھوءَ چپن ۾ ڀڻڪي. ڀرسان رکيل ميز تان ھن ريموٽ کڻي 16 جو بٽڻ دٻايو. ھن پاڻ سان ڳالهائيندي چيو “ھاڻي ٺيڪ آهي.” وري ھن اکيون بند ڪري ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اي سي جي ٿڌ سبب سڄو ڪمرو ٿڌو يخ ٿي چڪو ھو. ھن جي جسم کي تمام گهڻي ٿڌاڻ محسوس ٿيڻ لڳي، پر ھن جي منھن تي ساڳيو اُس جو تاءُ برقرار رھيو. ھن اکيون کوليون ڪمري ۾ ڏٺو ساڳي اونداهي سندس گهيرو ڪيو پنهنجي هجڻ جو احساس ڏياري رهي هئي. کيس لڳو تيز ساڙيندڙ اس ۽ اونداهيءَ سان ھن کي ٺاهه ڪرڻو پوندو، ھن پاڻ سان مخاطب ٿيندي چيو “مان غلط صورتحال سان ڪڏهن ٺاهه ناهي ڪيو پوءِ ھاڻي ٺاهه ڇو ڪيان. مون کي ڪمري مان نڪرڻ کپي. جيئن اھو اونداهي ۽ اس جو تاءُ ختم ٿي سگهي.” ھوءَ بيڊ تان اٿي ڪمري کان ٻاهر نڪرڻ لڳي. ھن کي پٺيان ڄڻ آواز آيو ڀڄڻ جو ڪو فائدو ناهي. ھـن کي پڪ ھئي ته ڪمري ۾ ڪوبه ناهي ان ڪري ھوءَ بلڪل نـه ڇرڪي، ھن کي اھا بـه پڪ ٿي چڪي ھئي تـه سندس زندگَيءَ ۾ ڪوبه ناهي.
ھن پاڻ سان مخاطب ٿيندي چيو انسان ڪيڏو بيوقوف آهي، ھن کي اھو يقيـن ھوندو آهي ته سندس زندگيءَ ۾ گهڻا ئي رشتا آهن، رت جا رشتا، دوستيءَ جا رشتا، محبتن جا رشتا. دوستيءَ جو لفظ سندس ذھن ۾ ايندي کيس پنهنجي پٺيءَ ۾ خنجر لڳڻ جو احساس ٿيو. ھن کي پٺيءَ کان وٺي اڳيان سيني ۾ سور محسوس ٿيڻ لڳو. بروٽس به سيزر جو دوست هو، پر هن ئي کيس پٺيءَ ۾ خنجر کُپايو هو. جڏهن سيزر مڙي ڏٺو ته هن جي پويان بروٽس بيٺل هو. جنهن جو تيز ڌار وارو خنجر آهستي آهستي هن جي زندگي کسي رهيو هو. کيس خيال آيو ته هتي هر دوست جي هٿ ۾ خنجر آهي، هر دوست جو چهرو ڀلي ڪهڙو به هجي، پر ان جي اندر ۾ بروٽس جو وجود سمايل آهي.
ھن زھر ڀريل مرڪ سان “دوستي” لفظ ورجايو. ھن پاڻ کي چيو “منهنجي جان پريشان نـه ٿي اڄڪلھ دوستي خنجر کپائڻ لاءِ تـه رکي ويندي آهي.” ھوءَ پنهنجي سهيلين کي ڪڏهڪو وساري چڪي هئي. ننڍپڻ جون، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي ۽ آفيس جون سڀ جو سڀ دوستيون ھاڻ ھن کي ڪنهن جو نالو ياد نه هو، پر اھو لفظ ڪيئن وساريان “دوستي”.
هن کي ننڍي هوندي واريون سهيليون ياد آيون. ڳوٺ جو اهو منظر جڏهن ٽاڪ منجهند جو گهاٽي نم جي ڇانوءَ ۾ لوڏ ٻڌي واري واري سان سڀئي لڏنديون هيون. ڪانءُ جي اک پئي نڪرندي هئي، پر هنن کي رڳو مستي هوندي هئي. نم جو اهو وڻ سڀني سهيلين جو ساٿي هو. تڏهن ماءُ دڙڪو ڏيندي چوندي هئس، “ڇوري ڪجهه ته خيال ڪيو، هرڪو پنهنجي گهر ۾ پيو آهي ۽ اوهين آهيو جو ٽاڪ منجهند گهران نڪتيون کلڪو لايون ويٺيون آهيون.” تڏهن سڀئي هڪ آواز ٿي کلنديون هيون. نم جي ٿلهي ٽار ۾ ٻڌل لوڏ اڃان به تيز تيز لڏڻ لڳندي هئي. ماءُ پنهنجي منهن ڀڻ ڀڻ ڪندي هلي ويندي هئي، پر پوءِ آهستي آهستي ان لوڏ ۾ لڏندڙ هرهڪ سهيلي کٽندي وئي. هڪ ڏينهن بس هوءَ اڪيلي ان لوڏ ۾ لڏي رهي هئي. تڏهن سندس ماءُ نه هن کي دڙڪو ڏنو ۽ نه ئي گهر هلڻ لاءِ چيو. ڇو ته هوءَ ان وقت اڪيلي ٿي پئي ۽ هڪ ڏينهن نم جي ان وڻ هيٺان اها ڪاٺيءَ جي تختي واري لوڏ رهجي وئي.
ھن پاڻ وري پاڻ سان مخاطب ٿيندي چيو “وسري ويندو اھو دوستيءَ وارو لفظ بـه ۽ پوءِ وري اھو احساس بـه ختم ٿي ويندو.” اھو چوندي ھن تان ڄڻ ھڪ وڏو بار لھي ويو، ھن محبت جو لفظ ورجايو ته ھن کي ٻـه ماڻهو ياد آيا، هڪ ھن جو محبوب ۽ ٻيو سندس مڙس. ھن زور سان اکيون بند ڪيون. ڳوڙها ھن جي اکين جي پڇڙين مان وھڻ لڳا. “ڇڏ مرد ھوندا ئي پٿر دل آهن. انهن کي ياد ڪرڻ جو ڪھڙو فائدو، پر مان ھنن کي ڪيئن وساريان.”
هن بتي ٻاري ته ڪمرو جرڪي پيو. اڃان به هن کي چهري تي تاءُ محسوس پئي ٿيو. هوءَ آرسيءَ ڏانهن وڌي. آرسيءَ سامهون پاڻ کي تڪڻ لڳي. گلابي چپ سڪل هئس. اکيون بنا ڪجل جي رکيون هئس. وار وکريل هئس. هن کي سندس محبوب ياد آيو، جيڪو اڪثر خاموش رھندو ھو، پر ان جون اکيون ڳالهائينديون هيون، هوءَ اڪثر ھن جي اکين ۾ ڏسي چوندي هئي “تنهنجي اکين ۾ اھڙو ڇا آهي، جو مان تنهنجي اکين ۾ ڏسان ٿي ته ٻڏڻ ٿي لڳان، مون کي ڪو ڪنارو ھٿ نٿو اچي” اھو ٻڌي هو وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندو ھو. ھڪ ڏينهن ھن پنهنجي محبوب کي چيو “تون مون کي ھن دنيا جي ڪرب کان بچائڻ لاءِ آخر ڪجهه ڇو نٿو ڪرين” ھن جو محبوب عادت مطابق ڪافي دير خاموش رھيو پوءِ ھن ڳيت ڏيندي چيو، “تو ٽائيٽانڪ فلم ڏٺي آهي نه، ان ۾ ڪيترا ڪردار ھڪ ٻئي سان محبت ڪندا آهن ۽ ھڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ چاھيندا آهن، پر حالتن جي ستم ظريفي جو شڪار ھوندا آهن جو ھڪ ٻئي جي ڪابه مدد نه ڪري سگهندا آهن، مٺي پاڻ ٻئي ان ٻڏندڙ جھاز جا سوار آھيون.” ھوءَ جڏهن ريسٽورينٽ مان نڪري ٻاھر آئي ته ھن پنهنجي فون تان پنهنجي محبوب ڏي ميسج ڪيو “مٺا تون ھن پوري دنيا ۾ منهنجو اڪيلو دوست آهين” ۽ ان کانپوءِ ھن پنهنجي فون آف ڪري ڇڏي. هن وري پاڻ کي آرسيءَ ۾ غور سان ڏٺو. کيس لڳو ته آرسيءَ مان سندس محبوب جهاتي پائيندو هجي. ائين محسوس ٿيس هو آرسي مان ٻانهون ڪڍي هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندو. پوءِ هوءَ آرسيءَ جي ان دنيا ۾ هلي ويندي، جنهن جو کيس به پتو ناهي ته اتي ڇا آهي. سندس محبوب جي مرڪڻ تي هوءَ به مرڪي پئي. هاڻ هن جي چهري تي ڪو اُس جو تاءُ نه هو. هوءَ آهستي آهستي محبوب جي ڀاڪر ۾ سمائجڻ لڳي.
***