ادبڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: ادا- ادي

ٻڌ!
همم!
تون مون کي ادا ڇو چوندين آھين؟ جڏھن ته پنهنجو هڪ سٺو تعلق آھي.
تون يونيورسٽيءَ ۾ ناهين پڙھيو ڇا؟.
نه! هن سان يونيورسٽي جو ڪهڙو تعلق؟
يونيورسٽي ۾ ڇوڪريون ڇوڪرن کي ادا چون توڙي جو انهن سان سٺا تعلق هجن
اڇا ايئن ڀلا ڇو؟
ڇو ته انهن وٽ ادا لفظ جي وصف ٻي آھي!
ٻي وصف ڪيئن ڀلا سمجهائي؟
(بينچ تي اسان ٻنهي جي وچ ۾ ديوار چين بڻيل ٿيلهيءَ مان پنهنجي سرد ڳوري ڪاپي ڪڍي لکندي چيائين)
ڏس!
ADA لفظ جو مخفف ايئن اٿئي
A مان مراد اڇا
D مان مراد دوست
A مان مراد اپنا
يعني پنهنجو سٺو دوست.
(مون حيرانگيءَ ۽ سرهائيءَ مان هن ڏي ڏٺو ھوءَ گورک هل جيان خوبصورت لڳي رهي هئي.)
اڇا! اها تشريح آھي، پوءِ جواب ۾ ڇوڪرا، ڇوڪرين کي ڇا چون؟.
ڇوڪرا ادا جي جواب ۾ ظاهر آھي ادي ئي چوندا.!
پوءِ انهيءَ ادي جي معنيٰ ڇا آھي؟
هوءَ کل ۾ ويڙھجي وئي، چيائين صفا ڄٺ آھين يا واقعي ايڏو معصوم پيو ٿئين
مون حيرانگيءَ مان هن کي ڏٺو ۽ چيم واقعي مون کي ناهي خبر ٻڌايو.
چيائين ڪنهن به عام ماڻهو کي گهرائي پڇ ته ادي جي معنيٰ ڇا آھي
ماڻهن کي ڇڏيو اوهان ٻڌايو.
بس ڇڏيوس، اوهان کي تڪليف ٿيندي.
هن سجنيدگيءَ سان وراڻيو
تڪليف ته هاڻ به ٿي رھي آھي
اڇا ٻڌ کڻي
هوڏانهن ريل گاڏي وڃڻ لاءِ سائرن تي سائرن وڄائي رهي هئي. مون ٿيلهو هٿ ۾ کنيو، منهنجي اٿندي ئي هن جواب ڏنو.
ادي معنيٰ ڀيڻ.