Twitter تان وڌيڪ ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو امڪان
ايلن مسڪ مسلسل ڪمپني جي ملازمن کي برطرف ڪري رهيو آهي ۽ هيسيتائين ڪمپني جي اڌ عملي کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايلن مسڪ هاڻي Twitter جي سيلز ڊپارٽمينٽ جي عملي کي نشانو بڻائي سگهي ٿو. جڏهن هن ڪجهه مينيجرز کي پنهنجن ٽيمن مان ملازمن کي برطرف ڪرڻ لاءِ چيو ۽ مئنيجرز انڪار ڪيو ته ايلن انهن کي برطرف ڪيو. واضح رهي ته هو هيسيتائين لڳ ڀڳ 8500 ملازمن مان اڌ کي اڳ ئي برطرف ڪري چڪو آهي. اندازي مطابق لڳ ڀڳ 2,000 کان 3,000 برطرفيون ٿي سگهن ٿيون.