ٽيڪنالاجي

 سائنسدانن پاران سوچ جي تصوير ڏيکاريندڙ ٽيڪنالاجي تيار

جاپان جي سائنسدانن اهڙي ٽيڪنالاجي ايجاد ڪري ڇڏي آهي جيڪا انسان جي دماغ ۾ موجود سوچن کي پڙهي انهن جون مناسب تصويرون اسڪرين تي ڏيکاريندي. ان کي دماغ جي اک جي نالي سان تشبيهه ڏني پئي وڃي. ان عمل کي سائنسي فلمن يا ڪهاڻين وانگر چٽو ڪري سگهجي ٿو. جنهن ۾ ماڻهو پنهنجن يادن کي اسڪرين تي ڏسي وري انهن کي تازو ڪري سگهندو. ڪيوٽو يونيورسٽي جي ڪاميٽاني ليبارٽري جي پروفيسر يوڪائي ياسوڪا ڪاميٽاني پنهنجي ٽيم سان گڏجي اهو ڪارنامون سرانجام ڏنو آهي. هن طريقي ۾ ايف ايم آر آءِ جي ذريعي دما غ جو اسڪين وٺي هڪ نيورل نيٽ ورڪ استعمال ڪيو ويندو. جيڪو دماغ کي اسڪين ڪري دماغ ۾ رت جي تبديلي سان ٿيڻ واري بجلي جي سگنل کي پڙهندو. هن وقت هن طريقي سان ڏسجندڙ تصويرون ڌنڌليون آهن پر اهو هن طرح جو پهريون قدم آهي، جنهن کي ايندڙ وقت ۾ بهتر ڪيو ويندو. هي ڪم پوليس کي تفتيش جي ڪم ۾ به وڏي مدد ڪندو.