سياري مشتري جا وڌيڪ 12 چنڊ دريافت

آمريڪي خلائي ماهرن اعلان ڪيو آهي ته سياري مشتري جا وڌيڪ 12 چنڊ دريافت ٿيا آهن جنهن کانپوءِ انهن چنڊن جو تعداد 79 ٿي ويو آهي ۽ هاڻي اهو سڀ کان وڌيڪ چنڊن وارو سيارو بڻجي ويو آهي. واشنگٽن ۾ موجود ڪارنيگي انسٽيٽيوٽ آف سائنس جي ماهر اسڪاٽ ايس شيپرڊ زميني دوربينين سان نظام شمسي جي پري مقامن جي ڳولا ۾ هو جنهن اهي 12 چنڊ دريافت ڪيا. هيءَ ڳولا گذريل سال ٿي هئي. جڏهن ته ان جو باقاعدا اعلان ٿيڻ ۾ هڪ سال جو وقت لڳي ويو. هي 12 ئي چنڊ مشتري سان گڏ گردش ڪري رهيا هئا جيڪي دوربينين سان ننڍن نقطن جيان نظر اچي سگهن ٿا. اسڪاٽ شيپرڊ جو چوڻ آهي ته هن پاران دريافت ڪيل چنڊن کي ماهرن هڪ سال تائين مشاهدن مان گذاريو آهي ۽ هڪ سال جي مشاهدن بعد انهن کي چنڊ قرار ڏنو ويو آهي. هنن مان 9 چنڊ مشتري کان پري آهن ۽ 3 چنڊ مشتري جي چوڌاري چڪر مڪمل ڪرڻ ۾ 730 ڏينهن لڳائين ٿا. ماهرن جو چوڻ آهي ته هي چنڊ به ساڳي مادي مان ٺهيل آهن جنهن مان مشتري ٺهيل آهي. ڪنهن سبب جي ڪري اهي مشتري سان جڙڻ کان رهجي ويا آهن ۽ ان جي چوڌاري گهمي رهيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published.