لاڪ ڊائون بابت سڄي ملڪ ۾ گڏيل پاليسي اختيار ڪرڻ جو فيصلو

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي (اين سي سي) اجلاس ۾ لاڪ ڊائون بابت سڄي ملڪ ۾ گڏيل پاليسي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اڏاوتي سيڪٽر جو پهريون فيز 14 اپريل تي کولڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. ڪورونا وائرس جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن جو جائزو ورتو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه درخواست ڪئي ته ڪوبه فيصلو ڪرڻ کان اڳ سنڌ حڪومت سان ڳالهيون ڪيون وڃن، وزيراعظم سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي درخواست کي منظور ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حڪومت طرفان کنيل قدمن جو اعلان اڱاري جي ڏينهن ڪيو ويندو ۽ اڏاوتي سيڪٽر جو پهريون فيز 14 اپريل تي کوليو ويندو. اسد عمر جو چوڻ هو ته ڪورونا جي دفاع ۾ ذميواري رڳو حڪومت جي نه آهي، پر ان سان گڏ سڄي قوم جي آهي. پابندين تي 100 سيڪڙو عملدرآمد نه ڪيو ويو، پر گڏيل طور پاڪستاني قوم جي حيثيت سان ذميواري جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي
