مزاحمت جو ڪردار تانيا خاصخيلي

عورت جي وجود کي برابريءَ جي بنياد تي تسليم ڪرڻ لاءِ اسان جي سماج کي اڃان ڪيئي سال گهربل آهن. عورت پنهنجي هستيءَ ۾ ڪيترائي روپ ڌاري هن اپاهج ۽ کوکلي سماج کي زندگي عطا ٿي ڪري پر ساڻس موٽ ۾ اهو ورتاءُ ٿو ڪيو وڃي جنهن لاءِ شايد انسان کي احساس ئي نه آهي ته جانور وڌيڪ اعليٰ ظرف رکن ٿا.

            10 سيپٽمبر تي سنڌ جي شهر سيوهڻ لڳ جهانگارا باجارا ۾ هڪ ارڙهن سالن جي ميٽرڪ جي شاگردياڻي تانيا خاصخيلي کي سندس گهر اندر ساڍي ٽين وڳي مجرماڻي ذهنيت رکندڙ هڪ شخص پنهنجن ڪجهه ساٿين سان اغوا جي ڪوشش ۾ ناڪام ٿيندي قتل ڪري ڇڏيو. سندس ڏوهه اهو هو ته هوءَ ان آواره گرد ڇوڪري سان شادي نه پئي ڪرڻ چاهي. هوءَ هڪ ننڍڙي ۽ پٺتي پيل علائقي ۾ رهڻ جي باوجود به پنهنجين اکين ۾ خوبصورت مستقبل جا خواب سينگاري ويٺي هئي ۽ تعليم حاصل ڪري هن پنهنجي خاندان لاءِ عزت ۽ مان حاصل ڪرڻ پئي چاهيو. سندس ڏوهه صرف ايترو هو ته هوءَ عورت هوندي به هڪ مرد جي شاديءَ جي آڇ کان انڪاري هئي. سندس خانداني پسمنظر يا اثر رسوخ کان به متاثر نه هئي. اسان جي سماج ۾ عورت کي جتي تمام گهڻو مان ۽ مرتبو به مليل آهي ته ٻئي پاسي کيس جانورن کان به بدتر تصور ڪري ڪنهن رڍ يا ٻڪريءَ وانگر ذبح ڪرڻ ۾ ڪو ظالم ٿوريءَ دير لاءِ نٿو ڊڄي، ڇو ته ان قسم جي ذهنيت رکندڙ ڪردارن کي پنهنجي رياستي انصاف واري نظام ۽ انتظامي ڍانچي جي پوريءَ طرح آگاهي آهي، کين آئين جي انهن شقن جي به خبر آهي جتي اهو ظالم مرد جي حيثيت ۾ عورت جو خون ڪندي ڪيئن بچي نڪرندو. اسان وٽ هر مهيني ۾ ڪيترائي اهڙا واقعا ٿين ٿا جن ۾ عورت کي عورت هجڻ جي سزا ڏيندي هن ڌرتيءَ تان سندس وجود جو خاتمو ڪيو ويندو آهي. تانيا خاصخيلي جو قتل اسان سڀني لاءِ هڪ ڇرڪائيندڙ قتل هجڻ گهرجي. هوءَ هڪ اهڙي بهادر ڇوڪريءَ جي ڪردار ۾ اڀري آئي آهي جنهن پنهنجي انا جو سودو نه ڪيو، طاقتور جي اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو ۽ جارحيت جو مقابلو ڪندي سڀ کان قيمتي شيءِ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج کي شاباش هجي جنهن هن نوعيت جي ڪيس کي سمجهندي پاڻمرادو نوٽيس ورتو. اسان جو سنڌي سماج ڪيترين ئي اوڻاين جي باوجود، اڄ به پنهنجي ترقي پسندانه سوچ جو مظهر آهي. سوشل ميڊيا، پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا هن ڪيس کي ٻڏڻ نه ڏنو. ڇو ته جيڪڏهن اڄ تانيا جو ڪيس ٻڏي وڃي ها ته سڀاڻي ڪيترن ئي گهرن ۾ نياڻيون غير محفوظ ٿي وڃن ها. جنهن طاقتور کي جيئن کپي ها تيئن ڪري ها. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته نياڻين جي تعليم لاءِ بهتر منصوبا بندي ڪري ته جيئن هو تعليم جي زيور سان پاڻ کي آراسته ڪري هر ظلم ۽ ڏاڍ جو مقابلو ڪري سگهن.

            تانيا هن دور ۾ پنهنجي مضبوط ڪردار جو مظاهرو ڪري لطيف جي نگريءَ ۾ ثابت ڪري ڏيکاريو ته شاهه جون سورميون نوان جنم وٺي موٽي سگهن ٿيون. هوءَ پنهنجي خود داريءَ جو تحفظ ڪندي امر ٿي وئي آهي- هوءَ                     اڄ جي مارئي آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *