بلاگخاص

ائٽم ۽ اسان

اعجاز منگي

ڀلي ڪري آيا ۽ توهان کي لک لک مبارڪون هجن. مون کي خوشي ٿي رهي آهي جو اوهان اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاريو. هتي پهچڻ آسان ڪم نه هو.

توهان کي انساني صورت ڏيڻ لاءِ کربين ائٽم انتهائي پيچيده پر خاص انداز ۾ مليا ۽ توهان کي جوڙيائون. ائٽمن جو اهڙي انداز ۾ ملڻ جو تجربو اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٿيو آهي ۽ نه ئي وري ڪڏهن ٿيندو. ايندڙ ڪيترن سالن تائين اهي ننڍڙا ذرڙا بنا ڪنهن شڪايت جي مهارت سان هڪٻئي سان تعاون ڪندي توهان کي زنده رکندا ۽ توهان کي پنهنجي وجود جو احساس ڏياريندا. سوال اهو آهي ته ائٽم اهو سڀ ڇو ٿا ڪن؟ اها هڪ ڳجهارت آهي. جيڪڏهن توهان پنهنجي وجود جو ڇيد ڪندي هڪ ائٽم تائين پهچو ٿا ته هڪ ائٽم ڪجهه به نه آهي. پنهنجي سڀني سچائين هئڻ باوجود به حقيقت ۾ ائٽمن کي توهان جي ڪا پرواهه ئي نه آهي. انهن کي ته اها به ڄاڻ نه آهي ته توهان آهيو. اهي بي جان ۽ بي عقل ذرڙا آهن.

هڪ بري خبر آهي ته ائٽم پنهنجي سڀني سچائين جي باوجود به بيوفا آهن، اهي توهان کي لا محدود وقت تائين زنده نه رکندا. انسان جي طويل زندگي به صرف 650,000 ڪلاڪ آهي، هڪ وقت، بنا ڪجهه ٻڌائڻ جي ائٽم ٽڙي پکڙي ويندا ۽ ٻين شين ۾ تبديل ٿي ويندا ۽ توهان توهان نه رهندوءَ.

ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته اهي ائٽم جيڪي زمين تي زندگي ٺاهين ٿا اهي ڪائنات ۾ ٻئي هنڌ اهڙو ڪوبه ڪم نٿا ڪن. جيڪڏهن زندگيءَ جو ڪيميائي ڇيد ڪيون ته اسان کي صرف ڪاربان، هائيڊروجن، آڪسيجن ۽ نائيٽروجن ٿوري گهڻي ڪيلشم، گندرف ۽ ڪجهه ٻيا عنصر ملي ڪري توهان کي ٺاهين ٿا. اهو زندگيءَ جو معجزو آهي.

ڪائنات جي ٻين ڪنڊن ۾ ائٽم زندگي ٺاهين ٿا يا نٿا ٺاهين، اهو ته معلوم نه آهي پر اهو ضرور معلوم آهي ته ائٽم ڪائنات جي هر شيءِ ٺاهين ٿا. انهن کانسواءِ نه هوا جو وجود آهي نه پاڻيءَ جو، نه پٿرن، ڪڪرن ۽ نه ستارن ۽ سيارن جو.

جڳن تائين ڪائنات جو وجود ئي نه هو جتي ڪٿي ڪجهه به نه هو پر ائٽم جي احسان مندي آهي جو ڌرتيءَ تي زندگيءَ جو وجود پيدا ٿيو جيڪا عجيب ڳالهه آهي. ڌرتيءَ تي هن وقت تائين کربين زندگيون مختلف شڪلين ۾ جنم وٺي چڪيون آهن ۽ انهن مان 99.99 سيڪڙو هميشه لاءِ فنا ٿي ويون. زمين تي زندگي نه صرف ٿوري آهي پر بي وقعت به آهي. ڌرتي زندگيءَ کي جيترو وڌائي ٿي، ان کان وڌيڪ ان کي فنا به ڪري ٿي. ڌرتيءَ تي ڪنهن به نسل جي سراسري عمر چاليهه لک سال آهي. جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته اربين سالن تائين زنده رهو ته پوءِ ڦرڻو گهرڻو ٿيڻو پوندو. پنهنجو رنگ، نسل، ذات، شڪل صورت هر شيءِ ۾ اهو عمل بار بار دهرائڻو پوندو پر چوڻ سولو آهي ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي.

گذريل 38 ارب سالن ۾ پهريائين توهان آڪسيجن خارج ڪندا رهيا پوءِ آڪسيجن جذب ڪندا رهيا توهان کي کنڀ ۽ کنڀڙاٽيون ڄايون، انڊا لاٿا، زمين ۾ رهيا، وڻن تي رهيا، غارن ۾ رهيا ۽ مختلف ارتقائي مرحلا طئي ڪندا موجوده شڪل صورت ۾ آيا. جيڪڏهن توهان پنهنجي ارتقائي عمل ۾ ٿوري به ڦير گهير جو شڪار ٿي وڃو ها ته توهان ڪنهن غار ۾ ويهي ڪنهن بي جان پٿر کي چٽيو ها يا ڪٿي ويٺا بي پاڙي ول کائو ها.

توهان خوشنصيب آهيو جو ارتقا جي هر عمل مان گذري موجوده انساني شڪل ۾ آيا. 38 ارب سال ايترو پراڻو عرصو آهي جو ان وقت نه جبل هئا، نه سمنڊ، نه نديون ۽ نه ئي ڪنارا. اسان جا ابا ڏاڏا مختلف ارتقائي عمل مان گذرندا، پاڻ بچائيندا مختلف تڪليفون سهندا، پنهنجو نسل وڌائيندا، انساني صورت ۾ اچي پهتا. ڪائنات جي شروعات کي اچو ته ٿورو سمجهون. جيڪو نقطو ج جي اندر آهي ان ۾ پنج لک سالن جيترا پروٽان اچي سگهن ٿا. پروٽان عام انساني اک سان نظر نٿو اچي سگهي، ان پروٽان کي توهان ايترو ننڍو ڪريو جو اهو پنهنجي موجوده سائز جو اربين حصو جيترو ٿي نظر اچي، ان ننڍڙي کان ننڍڙي نقطي ۾ پوري ڪائنات سمايل آهي، ان کي “سنگيولرٽي” چئجي ٿو. هڪ عظيم الشان لمحي ۾ تمام تيزيءَ سان ان نقطي مان ڦهلاءُ ٿيو ۽ ڪائنات ايتري تيزيءَ سان پکڙجي وئي جو لفظ ان کي بيان نٿا ڪري سگهن.

 هڪ نقطي مان انسان جي سوچ کان به وڏي ڪائنات وجود ۾ اچي وئي. هڪ منٽ کان به گهٽ ٽائيم ۾ ڪائنات جو اربين ميلن ۾ ڦهلاءُ ٿي چڪو هو. ان وقت 10 ارب ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد هو. اهو ايترو گرمي پد نيو ڪلائي ري ايڪشن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ڪافي هو. ان عمل مان هيليم، هائيڊروجن ۽ لٿيم ٺهيا. ٽن منٽن ۾ ڪائنات ۾ جيڪو مادو موجود آهي يا موجود رهڻ وارو هو اهو ٺهي ويو، اسان جي ڪائنات ٺهي وئي. انتهائي خوبصورت ۽ حيرت ۾ وجهندڙ.

ڪائنات نقطي مان ڪڏهن ٺهي، ان تي بحث مباحثو ٿي رهيو آهي پر گهڻا ان ڳالهه تي متفق آهن ته ڪائنات 13.7 ارب سال اڳ ۾ وجود ۾ آئي. ان کانپوءِ طبعي ۽ ڪيميائي عملن مان گذري موجوده شڪل ۾ پهتي ۽ اهو عمل اڃان تائين هلندڙ آهي. پر مبارڪون هجن توهان ۽ اسان کي جو پاڻ هتي آهيون ان شاندار ڪائنات ۾ جيڪا ائٽمن جي گڏجڻ جو مظهر آهي.

نوٽ: هن مضمون لکڻ لاءِ بل برائسن جي مضمون مان مدد ورتي وئي.