بلاگنئون

ڪرم پور جا شاعر

سهڻي سنڌ جنهن کي شاعرن سدائين شاعريءَ جي مختلف صنفن ۽ ڪهاڻيڪارن ڪهاڻين ۾ لکيو آهي ته وري راڳين کيس خوب ڳائي تاڙين ۽ واهه واهه جي صورت ۾ داد ڏنو آهي، انهيءَ سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ ڪي گمنام ته وري ڪي لاجواب ۽ بهترين شاعر رهن ٿا. انهن منجهان ڪنڌڪوٽ ڪشمور جو شهر ڪرم پور بجاراڻي به سچ ته سلجهيل شاعرن جو شهر آهي، هونئن ته هن شهر ۽ شهر جي شاعرن سان منهنجو ڪو واسطو نه هو، پر جڏهن هتي 45 هن ڏينهن لاءِ بيگاري ڪئنال تي ڪراچي کان نوڪريءَ سانگي آيس ته اتي منهنجو ڪافي شاعرن سان واسطو پيو، خوب ڪچهريون ٿيون، سچ ته اهي لمحا ڪڏهن به نه وسرندا (ڪجهھ دوستن سان ميسينجر ۽ واٽس اپ تي رابطو ڪيم ته جيئن انهن سان ڪي پل يادگار بڻائي سگهان، پر افسوس جو اهي اوڏڙا هوندي به ڏور رهيا ۽ ڪا مناسب موٽ نه ڏنائون جنهن جو ڏک رهندو) ايئن ويٺي ويٺي دل چيو ته انهن سهڻن، سلڇڻن ۽ سيبتن شاعرن جو صفا مختصر تعارف ۽ هڪڙو اسم ادب دوستن تائين پهچائي متعارف ڪرايان، اميد ته دوستن کي هي ننڍڙي ڪاوش ۽ ڪوشش ضرور پسند ايندي.
01: پورو نالو: شفي محمد
ادبي نالو : شفقت شيخ.
سوال: شاعري ڇو ڪندا آهيو ؟
جواب : روح جي راحت لاءِ.
سوال: شاعري ڪڏهن کان شروع ڪئي ؟
جواب: شاعري 2001ع کان وٺي.
سوال: شاعري نه ڪريو ها ته ڇا ڪريو ها ؟
جواب: ماستر ٿيان ھا.
غزل جا بند
پرين ڏي ھٿن کي چمڻ جي اجازت
ڏيو پاڻ ويجهو اچڻ جي اجازت
مٺا ڳالھه آهي ادب ۾ ڪبي سا
گھران ٿو پيو مان سڄڻ جي اجازت
ڪيو شيخ شفقت مٿان ڪا عنايت
کپي ڀر ۾ تنهنجي ويھڻ جي اجازت
02: پورو نالو: ميرحسن.
ادبي نالو: مير حسن مير ملڪ.
سوال: شاعري ڇو ڪندا آهيو؟
جواب: دل کي وندرائڻ جي ڪري.
سوال: شاعري ڪڏهن کان شروع ڪئي؟
جواب: شاعري 2012ع کان.
سوال: شاعري نه ڪريو ها ته ڇا ڪريو ها؟
ڪو جواب نه.
چوسٽو
بي رخي دلبر تنهنجي ڏاڍو ڪيو تنگ
ناهي ننڊ نيڻن کي ڏٺو راحت جو نه رنگ
مٺا “مير حسن” سان نه دلبر ڪيو دنگ
چوريو چاهت جو چنگ پرين پنهنجي پيار جو.
03: پورو نالو: صادق علي ملڪ.
ادبي نالو: صادق ملڪ.
سوال: شاعري ڇو ڪندا آھيو ؟
جواب: شاعري قدرت جي طرفان عطا ٿيل ڏات آھي.
سوال: شاعري ڪڏھن کان شروع ڪئي ؟
جواب: شاعري 1989ع کان شروع ڪئي.
لوڪ ادب سگهڙائپ سان سلهاڙيل آھيان.
منهنجو پهريون نعتيه ڪتاب سچا ٻول صادق جا شايع ٿي چڪو آهي.
شاعري نه ڪريو ها ته ڇا ڪريو ها؟
شاعري ڪو هنر يا پورهيو ناهي جو شاعري نه ڪرڻ کانپوءِ ٻيو ڌنڌو ڪجي ها شاعري ڏات آھي، جيڪا ڪنهن ڪنهن جي پلئه پوندي آھي منهنجي شاعري جو ڪارڻ عشق رسول آھي.
04: پورو نالو: جلال.
ادبي نالو: جاني جلال شيخ.
سوال: شاعري ڇو ڪندا آهيو؟
جواب: روح جي راحت لئه.
سوال: شاعري ڪڏهن کان شروع ڪئي؟
جواب: شاعري سال 2010ع کان شروع ڪئي.
سوال: شاعري نه ڪريو ها ته ڇا ڪريو ها؟
جواب: ڪھاڻيڪار ٿيان ھا نت دل تي بار ٿي ھا.
غزل جا بند
اسان سان پرين تون ملڻ اچ
جــدائي ڪــيو آ تنــگ ڳــچ
سوا تو ھتي ڪو سڄڻ نه آ
پرين پت تون ڪر چيم سچ
ساھه تي ويساھه نه آهي
آءُ تون مٺا ڇا ايندو خرچ
جلالڻ جدائي گھاريم
وڇوڙي کان تون سڄڻ بچ
05: پورو نالو: نويد علي.
ادبي نالو: نماڻو نويد.
سوال: شاعري ڇو ڪندا آهيو؟
جواب: دل جو ڏک درد بار ھلڪو ڪرڻ لاءِ.
سوال: شاعري ڪڏهن کان شروع ڪئي ؟
جواب: شاعري 2019ع کان.
سوال: شاعري نه ڪريو ها ته ڇا ڪريو ها؟
جواب: ٽيلر ماسٽر جيڪو آھيان به سھي.
غــزل جا بند
مرڻ تي پيو ھان ڏسڻ يار اچجان
آخري تون ڀيرو ملڻ يار اچجان
وڃي دم نه نڪري ھلي آءَٔ ھاڻي
بيمار پيو ھان پڇڻ يار اچجان
منهنجي مرڻ کان پو قدر منھنجو ٿيندءِ
مٿان منهنجي اجرڪ وجهڻ يار اچجان
نماڻي نويد جو ٿجانءِ يار ڪانڌي
تڏي منهنجي دعا گھرڻ يار اچجان
06: پورو نالو: ارشاد علي شيخ.
ادبي نالو: وفا ارشاد علي شيخ.
سوال: شاعري ڇو ڪندا آهيو؟
جواب: شاعري روح جي ريجهائڻ لاءِ.
سوال: شاعري ڪڏهن کان شروع ڪئي ؟
جواب: شاعري 2022ع کان شروع ڪئي.
سوال: شاعري نه ڪريو ها ته ڇا ڪريو ها؟
جواب: صحافت ڪريان ھان.
گيت
محلن ۾ رھڻ وارا ڪيئن رھندين ڪکن ۾
ڪون نڀائي سگهندين مون سان ڏکن ۾
ھندورن ۾ لڏندو آھين پير نه لاهه پٽ تي
بيڊن تي سمھندو آھين ننڊ ڪين ايندءِ کٽ تي
نازن سان آھين پليو زندگي گذريئه سکن ۾
وفا ارشاد دعوا نه ڪر پيار جي ڏکي آ محبت
عشق ڪرڻ وارن جي اکن ساڻ ڏٺي ٿي حالت
شيخ عاشق ھوندا ٿئي سدائين ڌڪن ۾
07: پورو نالو: نثار علي چاچڙ.
ادبي نالو: نماڻو نثار چاچڙ.
سوال: شاعري ڇو ڪندا آهيو ؟
جواب: شاعري جو گهڻي ۾ گهڻو شوق اٿم.
سوال: شاعري ڪڏهن کان شروع ڪئي؟
جواب : شاعري جي شروعات 2016ع کان ڪئي اٿم، پر ٽائيم نہه هوندي سکيا نہه وٺي سگهيا هون، ٿوري ٿڪي شاعري ڪيون پيا.
سوال: شاعري نه ڪريو ها ته ڇا ڪريو ها ؟
جواب: ٿوري ٿڪي شاعري سان گڏ مزدوري ڪيون پيا.
گيت
منهن مونکان موڙي دل منهنجي ٽوڙيئي
ڪو ڪيئي نہه قدر ڇني جدا ڪيئي
دلبر نہه ڏوھه ڪو ڏسيئي
هئي غلطي ڪهڙي ڏسين ها مٺا تون
بيڏوھه مونکي ڪري وئين جدا تون
سبب ڪهڙي ڇڏيئي
ڇڏي وئين تون پيارا ڏئي ويس ڪارا
چاچڙ نثار کان ڪري وئين ڪنارا
سڪ سڳو کسيئي
08: پورو نالو: سراج احمد ٻپڙ.
ادبي نالو: سراج ٻپڙ.
سوال: شاعري ڇو ڪندا آهيو؟
جواب: مان ننڍي ھوندي کان جڏهن پنهنجي بابا کان شاھه لطيف، استاد بخاري، شيخ اياز ۽ ٻين شاعرن جون شاعريون ٻڌندو ھئس ته مون کي اھا شاعري بيحد پسندي ايندي ھئي، ايئئن محسوس ٿيندو ھو ته ھڪ شاعر ئٔي ھر دل جي سٺي نموني ترجماني ڪري سگھي ٿو، تڏهن ئٔي مون سوچيو ھئو تـه مان به شاعر ٿيندس ۽ جيئن ته ھر شاعر جي اھا خواھش ھوندي آھي ته ھو ھڪ غيرمعمولي شاعر ھجي، جنهن جو شيخ اياز ھنن لفظن ۾ رتبو بيان ڪري ٿو.
“ڇا ٿيو جو ھڪ شاعر فرشتو ناھي، ھڪ فرشتو به ته ھڪ شاعر ناھي” ٻيو ته منھنجو بنيادي طور ادب ڏانهن لاڙو سوشلسٽ ادب پڙھڻ کان ٿيو، خاص طور روسي ناول مون جيڪو پھريون ناول پڙھيو اھو ھو ميڪسم گورڪيءَ جو جڳ مشھور ناول “ماءُ” پوءِ “قافلا شھيدون ڪا”، “جب ڌرتي جاڳي” ۽ “خيالات اور دل” جھڙا ناول پڙھيا، جن منهنجي رويي کي ادب ۽ زندگي ڏانهن نھايت سنجيده ڪري ڇڏيو، پوءِ جڏھن سنجيدگيءَ سان ادب ۾ شاعرن جو گھرائٔيءَ سان مطالعو ڪيو ته معلوم ٿيو، جيڪي شاعر ٿيڻ جا منهنجي ذھن ۾ تصور آھن، انھن تي پورو لھڻ لاءِ تمام وڏي گھري ادراڪ ۽ مطالعي جي ضرورت آھي.
بقول لطيف سائين جي:
“سمنڊ جي سيوين تنين ماڻڪ ميڙيا،
چلر جي چوئين تن، سانگھوٽا ۽ سپيون”
سوال: شاعري ڪڏهن کان شروع ڪئي ؟
جواب: ماڻھو کي پڙھڻ سان گڏوگڏ سير و سفر به لکڻ لاءِ ڏاڍو اتساهيندو آھي، سو تقريبن ٻه اڍائٔي سال اڳ 04 مارچ تي سنڌي شاگرد تحريڪ جي ڪنوينشن ٿي ھئٔي حيدرآباد ۾ تنهن لاءِ مون کي سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪز ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئٔي تڏهن مان ھتان پنهنجي سنگتي “صدام ٻپڙ” سان ان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ روانو ٿيس، صدام پاڻ بـه آزاد نظم جو سٺو شاعر آھي، جيڪو علم، ادب ۽ آرٽ سان تمام گھرو لڳاءُ رکي ٿو.
ڪنوينشن اٽينڊ ڪرڻ بعد اسين گڏجي ڪراچي گھمڻ نڪري وياسين، ھفتو کن گھمي ڦري ۽ ڪتابن جون خريداريون ڪري جڏهن واپس ورياسين ته ان وقت پھريون ڀيرو مون ڪجھه ڪچيون ڦڪيون سٽون نظم جي صورت ۾ لکيون ھيون، باقي ائين ٻه سٽا وغيره مون ڪي ھيڪڙ ٻيڪڙ اسڪول پڙھڻ وقت به لکيا ھئٔا، جڏهن آئٔون ڇھين يا ستين ڪلاس ۾ ھئس.
سوال: شاعري نه ڪريو ها ته ڇا ڪريو ها ؟
جواب: شيخ اياز ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته “ھڪ شاعر جو بنيادي ڪم شاعري لکڻ آھي” سو پاڻ به ٻين سڀني ڪمن تي ان کي فوقيت ڏني آھي، پر ان کان علاوه به ڪم ڪار ڪندا آھيون. مثال طور پڙھڻ سان گڏوگڏ پڙھائڻ، منهنجي ٻن شعبن ۾ تمام گھڻي دلچسپي رھي آھي، ھڪ شاعري ۽ ٻيو پڙھائٔڻ يعني استاد ٿيڻ، ان ڳالھه ۾ منهنجو آئڊيل “استاد بخاري” آھي.
جيئن ھو ھڪ استاد ھجڻ سان گڏوگڏ تمام وڏو شاعر ھو، پر منهنجو خيال اھو ھوندو آھي ته ھڪ سوچيندڙ ذھن کي رڳو خواھشن ۽ دلچسپين مطابق ئٔي زندگي نه گذارڻ گھرجي بلڪه ھر اھو ڪم ڪرڻ گھرجي جنھن جي موجوده سماجي حالتن ۾ اشد ضرورت آھي.
مثال طور نظرياتي، سياسي ۽ انقلابي جدوجھد جنهن ذريعي ئٔي اسين پنهنجي ديس جي صورت پنهنجي خوابن جي تعبير جيان بڻائٔي سگھون ٿا، تڏهن رڳو خيالي دنيا ۾ رھڻ منهنجي خيال ۾ بيوقوفي ئٔي ھوندي، توھان جي سوال جي جواب ۾ مان اھو چوڻ چاھيندس ته اھي ڪم جيڪي آئون ڪرڻ چاھيان ٿو، سي حال آھر آئون شاعر ھجڻ بعد به ضرور ڪندس.
نظم/نه ته وطن ڏيندو ميار
ھن ڌرتيءَ لاءِ
اٿ کڻ ترار
سرخرو ٿي
منهنجا يار
نه ته وطن ڏيندو ميار.
پاڻ تـه آھيون
ساڳي دڳ جا راھي
ھي واٽ سڌي آزادي جي
پوءِ ڇو ٿيون ڌار او يار
نه ته وطن ڏيندو ميار.
ھي لنگھڻ تي
جو پيٽ بکيو
آھ ستو پورھيت جو ٻار
تنهن جي لھون ڪا سار او يار
نه ته وطن ڏيندو ميار.
اڌ رات جو ڌت نشي ۾
لوفر پٽ وڏيري جي
آھ کڻائي ڌيءَ ھاري جي
تنهن تي غيرت ڪيون او يار
نه ته وطن ڏيندو ميار.
روح ڀٽائي جو
ڀٽڪي ٿو سڏڪي ٿو
ڏسي اھڙا انياءِ
آءُ ڪيون تنهن جو ڪو خيال او يار
نه ته وطن ڏيندو ميار.
ڀلي لڳي ڪا جنگ وڏي
۽ رت سان وھنجي آزادي
ڪر تون ياد تاريخ سڄي
آءُ وڌون ڪفن ٻڌي او يار
نه ته وطن ڏيندو ميار.
نئون سوشلزم جو سج اڀري
اونداھين تي وار ڪري
ڪا دل ٺري ۽ چين ملي
ڪو نئون اوٿر اھڙو گھلي او يار
نه ته وطن ڏيندو ميار.