بيگم صاحبه تي نظر رکندڙ ايپ تيار

ابوظهبي جي ماهرن هڪ اهڙي اپيليڪيشن تيار ڪئي آهي جنهن سڄي دنيا جي عورتن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. هن ايپ جو نالو ابشر (Absher) رکيو ويو آهي ۽ هن ذريعي ڪنهن به عورت جو مڙس، والد، پٽ يا ڀاءُ نظر رکي سگهي ٿو ۽ معلوم ڪري سگهي ٿو ته اها ڪٿي موجود آهي. هن ايپ ذريعي اهو به معلوم ڪري سگهجي ٿو ته ڪابه عورت سڄي ڏينهن ۾ ڪٿي ڪٿي وڃي چڪي آهي، مطلب آفيس کانپوءِ بازار ۾ ڪيتري مهل گذاريائين ۽ بيوٽي پارلر ۾ ڪيترو وقت موجود رهي. هن ايپ ۾ گوگل ميپ ذريعي باقائدا انهن جڳهين جا نالا به ڏسي سگهجن ٿا. ان کان علاوه ڪو مرد پنهنجي گهر جي عورت کي جتي وڃڻ جي اجازت ڏيندو ته اها صرف ان جاءِ تي ئي وڃي سگهي ٿي. ان کان علاوه اها ڪنهن جاءِ تي ويندي ته مڙس جي موبائل ۾ گهنٽي وڄندي ۽ هو خبردار ٿي ويندو ۽ جهٽ ۾ معلوم ڪري وٺندو ته بيبي صاحبه ڪٿي آهي.  

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *