خاصنئون

سعودي ولي عهد جي پاڪستاني دوري جون تياريون مڪمل

سعودي ولي عهد 16 فيبروري تي پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو آهي. هن دوري جي لاءِ اسلام آباد ۾ اهم تياريون ڪيون پيون وڃن. هن دوري جي لاءِ اسلام آباد جا ٻه وڏا پرائيويٽ هوٽل مڪمل ۽ ٻه هوٽل جزوي طور بڪ ڪرايا ويا آهن. سعودي ولي عهد جي ورزش جو سامان فرنيچر ۽ ٻيون ضروري شيون به پنجن ٽرڪن ۾ مقامي هوٽل تي پهچايون ويون آهن، جنهن کان علاوه سعودي ولي عهد جو ڊاڪٽر ۽ اهم سيڪيورٽي ٽيم به پاڪستان پهچي چڪي آهي. جنهن اسلام آباد جي مختلف هنڌن جا دورا ڪيا آهن. وزيراعظم خود ولي عهد جو استقبال ڪندو ۽ امڪان آهي ته ولي عهد وزيراعظم هائوس ۾ قيام ڪري.