نئون ديرو لڳ فائرنگ ٽي ڄڻا قتل

نئون ديرو لڳ باءِ پاس روڊ تي هٿياربندن هڪ چنگچي رڪشا تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا وحيد گل ۽ رئيس خان قتل ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. پوليس اطلاع ملڻ شرط ئي واقعي واري هنڌ پهتي لاشن ۽ زخمي کي اسپتال پهچايو ويو. اسپتال پهچڻ شرط زخمي رب گل به فوت ٿي ويو. چنگچي جي ڊرائيور صحافين کي ٻڌايو ته هو لاڙڪاڻي کان سواري کڻي نئون ديرو وڃي رهيو هو ته موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن چنگچي کي روڪي فائرنگ شروع ڪري ڏني. ياد رهي ته اجل جو شڪار ٿيندڙ ٽئي ڄڻا ٿانو وڪرو ڪندا هئا ۽ ٽنهي جو تعلق باجوڙ ضلعي جي خار واري علائقي سان ٻڌايو وڃي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *