خاصنئون

سنڌ جي ينگ ڊاڪٽرن هڪ دفعو ٻيهر هڙتال ڪري ڇڏي

سنڌ اندر ينگ ڊاڪٽرن او پي ڊين جي هڙتال ڪري ڇڏي، جنهن سبب صوبي جي اسپتالن ۾ مريض پريشاني کي منهن ڏيئي رهيا آهن. ينگ ڊاڪٽرن جو مطالبو آهي ته سندن پگهارون پنجاب جي ڊاڪٽرن برابر ڪيون وڃن. ڪرپشن ختم ڪئي وڃي ۽ الائونسز به وڌايا وڃن. ٻئي طرف جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جو چوڻ آهي ته حڪومت دلاسا ڏيڻ بجاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري. هڙتال دوران سنڌ جي مختلف شهرن سکر، بدين، ٿرپارڪر، گولاڙچي، ماتلي، ٽنڊو باگو، تلهار سميت ٻين شهرن ۾ او پي ڊين جو بائيڪاٽ ڪيو پيو وڃي. ان هوندي به ايمرجنسي وارڊن ۾ ڪم هلي رهيو آهي. ينگ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته مطالبا نه مڃڻ جي ڪري هڙتال ڪئي وئي آهي.