افغانستان ۾ امن لاءِ ڪوششون جاري آهن: نيٽو

نيٽو جي سيڪريٽري جنرل جان اسٽولٽن برگ چيو آهي ته افغانستان ۾ صورتحال مشڪل آهي پر امن لاءِ ڪوششون جاري آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن برسلز ۾ نيٽو جي اڳواڻن جي هڪ ڪانفرنس کان اڳ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪا اسان سان رابطي ۾ آهي. آمريڪا جو افغانستان لاءِ عيوضي رمدي خليل زاد ان ئي حوالي سان ٽي ملاقاتون ڪري چڪو آهي.  پر اهو چوڻ قبل از وقت هوندو ته آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ معاهدو ٿي ويو آهي. جڏهن ته نيٽو اهڙي امن جي معاهدي لاءِ مددگار حالتون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو جنهن سان امن قائم ڪرڻ لاءِ معاهدي جي راهه کلي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اسان (آمريڪا ۽ اتحادي) افغانستان ۾ گڏوگڏ هئاسين ۽ واپسي جو فيصلو به گڏجي ڪنداسين.

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *