خاص

مخالف ڌرين جي اتحاد پي ڊي ايم جو اڄ گوجرانوالا ۾ پهريون جلسو ٿيندو

گوجرانوالا جي جناح اسٽيڊيم ۾ مخالف ڌرين جي اتحاد جو اڄ جلسو ٿيندو. متحده اپوزيشن پي ڊي ايم جو اڄ گوجرانوالا جي جناح اسٽيڊيم ۾ پهريون جلسو ٿيندو جنهن جون تياريون زور شور سان جاري آهن، جلسي بابت جلسي جي انتظاميه ۽ حڪومتي انتظاميه ۾ معاهدو ٿي ويو آهي، ماسڪ کانسواءِ ڪوبه ماڻهو جلسي ۾ شامل نه ٿيندو ۽ شرڪت ڪندڙن جي وچ ۾ 3 کان 6 فوٽ جو فاصلو هوندو جڏهن ته 7 هزار سيڪيورٽي اهلڪار پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا. ٻئي طرف جلسي ۾ شرڪت لاءِ (ن) ليگ جي اڳواڻ مريم نواز ۽ جميعت علماءِ اسلام (ف) جو اڳواڻ مولانا فضل الرحمان لاهور کان پهچندو جڏهن ته پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو لالا موسيٰ ۾ موجود آهي.