نئون ديرو ۾ ٽن بيگناهه مزدورن جي قتل تي سنڌ اداس آهي

زاهده ابڙو

اڄ صبح جو ڪنهن دوست فون ڪري ٻڌايو ته نئون ديرو ۾ ٽن پورهيتن کي گوليون هڻي ماريو ويو آهي جيڪي مزدور هئا ۽ ٿانوَ وڪڻي پيٽ گذر ڪندا هئا. مون کي هڪدم خيال آيو ته سنڌ ۾ اهڙي روايت ڪڏهن کان پئي آهي جو اسان وٽ ڪنهن بي ڏوهيءَ کي ايتري بيدرديءَ سان قتل ڪيو وڃي. تاريخ ۾ ذاتي رنجشن تحت بي رحماڻه خون ۽ قتل ته ٿيندا رهيا آهن پر ان کان علاوه مون کي اهڙا واقعا ذهن ۾ نٿا اچن.

سنڌ صدين کان امن جي ڌرتي رهي آهي ۽ ڪيترن ئي ڏاڍاين تي مزاحمت ڪري پنهنجي وجود جي بقا لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي تاريخ سنڌ جي مٿي تي هڪ جهومر جيان سينگاريل رهيو آهي، پر سنڌ جي ماڻهن ڪڏهن به خون ناحق ناهي وهايو. ڪراچي جي علائقي ملير جي ڀينس ڪالونيءَ ۾ ٿيل ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف سڄي سنڌ به ان ڪري متحد ٿي ويئي ته هڪ انسان کي ايتري بيدرديءَ سان گوليون هڻي ماريو ويو ۽ قاتل هڪ يوسي چيئرمين جي سياسي عهدي تي ويٺل آهي، جنهن جو ڪم اهو آهي ته هو ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪري، پر ان جي ابتڙ هن هڪ شهري کي ماڻهن جي هجوم اڳيان قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندس بنيادي حق کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته ڪوبه کيس ويجهو نٿو اچي سگهي ۽ نه ئي کيس اسپتال کڻي وڃي سگهي ٿو. ان واقعي جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ هر دردمند دل رکندڙ انسان تڪليف محسوس ڪري رهيو هو ته ان قسم جي واقعن تي خاموشي اختيار ڪرڻ به هڪ ڏوهه آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي ڪار ساز تي هڪ پرامن احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ سڄي سنڌ مان سول سوسائٽي حصو ورتو جيڪا پنهنجو مثال پاڻ هئي. نيٺ ان جو اثر سنڌ حڪومت تي پيو ۽ سنڌ جي وڏي وزير ذاتي دلچسپي وٺي قاتل خلاف ايف آءِ آر ڪٽرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ کيس گرفتار ڪيو ويو. ان سڄي واقعي کانپوءِ هڪ خوف جو احساس وڌي ويو ته هاڻ شايد ان جي رد عمل ۾ ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻو آهي. اهو ئي ٿيو ته نئون ديرو ۾ ٽن معصوم مزدورن جي خون ٿيڻ تي سڄي سنڌ اداس آهي ۽ ان ڳالهه جي گهر ڪري رهي آهي ته قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي. اسان سڀني باشعور ماڻهن کي انهن مظلوم مزدورن جي حق ۾ آواز بلند ڪرڻ کپي ڇو ته اسان ڪنهن به قوم جا دشمن نه آهيون، اسان ظلم ۽ جبر جي خلاف آهيون. اهو جبر چاهي ڪو سنڌي پنهنجي سنڌي ڀاءُ مٿان ڪري يا وري اهو جبر ٻي ڪنهن قوم طرفان سنڌي قوم يا فرد تي ڪيو وڃي يا ڪنهن ٻئي مظلوم انسان مٿان ڪيو وڃي ان جي خلاف آواز بلند ڪرڻ ۽ پرامن احتجاج ڪرڻ اسان جو حق به آهي ته اسان جي تاريخ به آهي. اسان پنهنجي ڌرتيءَ تي ڪنهن به قسم جي رتو ڇاڻ جي حق ۾ نه آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *