بلاگ

مــعــمــول اعجاز علي سوڍر

انسان جي زندگي روزاني مختلف قسمن جي ڪم ڪارين ۾ مصروف گذري ٿي، سندس سمورو ڏينهن ۽ رات ڪن مخصوص ڪمن ۾ گذرندا آهن، اهو سندس معمول هوندو آهي. انسان زندگيءَ ۾ معمول تمام گھڻي اهميت جو حامل هوندو آهي. انساني زندگي جنهن ترتيبوار مرحلن منجهان گذري ٿي، انهن ۾ معمول جو هڪ گھرو اثر هوندو آهي. انساني فطرت به زندگيءَ ۾ معمول کي چاهيندي آهي. معمول کي عادت يا روزاني جي ڪمن جي ترتيب به چئي سگھجي ٿو. ان معمول ۾ ڪنهن نئين ڪم جو شامل ٿيڻ يا ڪنهن ڪم جو ڪٽجڻ شروع ۾ ڏاڍو عجيب محسوس ٿيندو آهي. پوءِ آهستي آهستي زندگي ان عمل کي معمول ۾ قبول ڪرڻ شروع ڪندي آهي. آخر هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو آهي جو اهو عمل معمول ۾ شامل ٿي ويندو آهي يا معمول مان نڪري ويندو آهي. انساني زندگيءَ جي شروعات ۾ گهر جي زندگي سندس معمول هوندي آهي. جيئن جيئن سندس عمر وڌندي آهي تيئن تيئن اسڪول جي زندگي به سندس معمول ۾ شامل ٿي ويندي آهي. ان کانپوءِ هاءِ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي زندگي معمول جو حصو بڻجي ويندي آهي. تعليمي دور کان بعد آفيس جا ڪم يا ڪاروباري مصروفيت سندس زندگيءَ جو معمول بڻجي ويندا آهن. ٻهراڙين ۾ وري پرائمريءَ کانپوءِ اڪثر ڪري هارپي جا ڪم يا محنت مزدوري معمول ۾ مقدر بڻجي وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح عورتن جي زندگي به هڪ معمول جي ڍانچي ۾ جڙيل رهي ٿي. وري جڏهن شاديءَ جو مرحلو طئي ڪري عورت ٻئي گهر اچي ٿي ته کيس ان ماحول ۾ پنهنجو معمول بنائڻ لاءِ ڪجھ وقت گهربل هوندو آهي. هوءَ هڪ بلڪل نئين زندگيءَ جي شروعات ڪندي آهي جنهنڪري سندس معمول بلڪل تبديل ٿي ويندو آهي. نئون ماحول ۽ نوان واسطا سامهون هوندا آهن. کيس نئين ماحول ۾ نئون معمول ٺاهڻ ۾ ڪافي وقت گھربل هوندو آهي ته وري ان ذهني ڪيفيت کي منهن ڏيڻ لاءِ پيار ڀرئي سهاري جي پڻ ضرورت هوندي آهي ته جيئن هوءَ آهستي آهستي ان ماحول ۾ پنهنجي زندگيءَ جو معمول ٺاهي سگھي. اهڙيءَ طرح مرد به هڪ شادي شده زندگي ۽ ان کانپوءِ اولاد جي پرورش جي ذميواريءَ کي به مرحليوار معمول ۾ شامل ڪرڻ ڪري ڪجھ وقت عجيب ڪيفيت ۾ گذاري ٿو. ان لاءِ ڪافي وقت گذرڻ ڪري کيس احساس به نه ٿيندو آهي ته سندس معمول ڪيئن بدلجي ويو ۽ ڪيئن هي نوان ڪم سندس معمول بڻجي ويا. عمر جي لحاظ سان معمول ۾ ڪجھ رد و بدل ٿيندي رهندي آهي، جيڪا وقت جي گذرڻ سان معمول جو حصو بڻجي وڃي ٿي. وقت جي گذرڻ سان ان جو احساس به نه ٿيندو آهي ته اهو ڪيئن معمول ۾ شامل ٿي ويو. مطلب ته زندگيءَ ۾ ڪنهن ڪم کي معمول بڻجڻ ۾ ڪجھ وقت ضرور لڳندو آهي. وري جڏهن انسان کي پنهنجي معمول کان يڪدم تبديل ڪيو وڃي يا هٽايو وڃي ته اهو سندس لاءِ ذهني اذيت جو سبب بڻجي وڃي ٿو. ان جو تازو مثال ڪورورنا وائرس جي وبا کان بچڻ لاءِ لڳايل لاڪ ڊائون ۾ هرهڪ انسان ڏٺو. هرهڪ جي زندگي معمول کان هٽي ڪري هلڻ لڳي، جنهنڪري اڪثر ذهن اذيت واري ڪيفيت ۾ رهيا. حالانڪه پهريان دل فرصت ۽ واندڪائي لاءِ چوندي هئي مگر معمول کان هٽي ڪري ڪم ڪار ڪرڻ تي دل بيوس بڻيل رهي. ڪابه ڳالھ سمجھ ۾ نٿي آئي. ڪوبه ڪم ڪرڻ تي دل نه پئي چاهيو. ذهن اذيت ۾ وقت گذاريندو رهيو. ڪجھ مهينن کانپوءِ وري واپس ساڳئي معمول تي اچڻ کان بعد زندگيءَ کي ڪجھ وقت لڳو ته هو پراڻي معمول کي قبول ڪري. هرهڪ انسان معمول جي سانچي ۾ رهي ٿو. تنهنڪري هر انسان کي سوچي سمجھي سٺين ڳالهين ۽ سٺن ڪمن کي پنهنجي زندگيءَ جي معمول ۾ شامل ڪرڻ گھرجي. ايئن ڪرڻ سان اسان کي سٺو ٿيڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش نه ايندي ۽ هو ٻين جي نظرن ۾ به قابل احترام رهندو. جيڪڏهن ڪنهن جي معمول ۾ بريون عادتون شامل ٿي ويون هونديون آهن ته انهن کي ڇڏڻ ۾ به ڪافي ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جيڪڏهن ڪو پنهنجي معمول ۾ ڪا تبديلي آڻڻ چاهي ته ان کي ڪجھ وقت ذهني اذيت ۽ صبر کان ڪم وٺڻو پوندو. جيئن مشهور چوڻي آهي ته: “ڪجھ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجھ وڃائڻو پوندو آهي” وانگر ڪجھ تڪليف برداشت ڪري معمول کي مٽائي سگھجي ٿو.

aijazsodhar58@gmail.com

***

 

روز مره جي زندگي جي حوالي سان فوٽو