پاڪستان ۾ هنزه ويلي جي خوبصورت ڍنڍ عطا آباد جيڪا سياحن جي لاءِ هڪ پرڪشش جڳهه آهي، جيڪا هن وقت ماحولياتي گدلاڻ جو شڪار ٿي رهي آهي. 17 جون 2025 تي هڪ پرڏيهي سياح ولاگر جارج بڪلي ڍنڍ اندر بوٽنگ ڪندي محسوس ڪيو ته ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ اوسي پاسي جي هوٽلن جو ويسٽ شامل ٿي رهيو آهي، جنهن جي ڪري پاڻيءَ ۾ بدبو پيدا ٿي رهي آهي ۽ پاڻيءَ کي گدلو ڪري اتي ايندڙ سياحن کي تڪليف ڏيئي رهي آهي، جنهن جي شڪايت هن پنهنجي هڪ وڊيو ذريعي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِG B انتظاميه حرڪت ۾ اچي هڪ هوٽل جو هڪ حصو سيل ڪري ڇڏيو ۽ نالي ماتر ڪارروائي ڪري ڇڏي.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اسان جي حڪومت چاهي اها وفاق جي هجي يا صوبائي حڪومتون هجن ڪنهن به سطح تي ماحوليات جي خطرن کي محسوس ڪري انهن جي لاءِ ڪا ٺوس پلاننگ ڪندي نظر اچن ٿيون يا نه، جواب ملندو ته نه. ڏٺو وڃي ته اسان هڪ بيحس قوم آهيون، اسان هن سخت گرميءَ کي منهن ڏيئي رهيا آهيون پر وڻ پوکڻ ڏانهن قدم نه پيا وڌايون، پر اسان جا ظالم حڪمران ۽ اختيارين وارا ادارا چند پئسن جي ڪري جتي جتي وڻ بيٺل آهي انهن کي به وڍي وڪڻي ڇڏين ٿا، جنهن جي ڪري سڄي ملڪ ۾ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ گرمي پد تمام گهڻو وڌي ويو آهي.
ان بيحسيءَ مان اسان تڏهن ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون ٿا، جڏهن اسان هڪ قوم جي حيثيت سان پنهنجي آبهوا ۽ پنهنجي ماحول جي باري ۾ حساسيت محسوس ڪري ڳالهائينداسين، لکنداسين ۽ احتجاج ڪري ستل حڪومت کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. شاباس آهي ان پرڏيهي ولاگر کي جيڪو هنزه ريزارٽ ۾ ترسيل آهي ۽ عطا آباد ڍنڍ ۾ گٽر جو پاڻي شامل ٿيندي ڏٺائين ته سندس دل ان ڳالهه کي برداشت نه ڪري سگهي ۽ هن خوبصورت ڍنڍ جي قدرداني ڪندي پنهنجو آواز سڄي دنيا جي اڳيان پيش ڪيو ۽ پاڪستان جي سياحتي مرڪز ۾ جنهن بيحسيءَ کان ڪم ورتو پيو وڃي، ان کي دنيا آڏو نمايان ڪيو.
مجبور ٿي گلگت بلتستان انتظاميه تمام تيزيءَ سان قدم کڻندي 15 لک ڏنڍ وجهي هوٽل جو هڪ حصو سيل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هوٽل انتظاميه کي بين الاقوامي ماحولياتي معيارن مطابق پنهنجو ويسٽ ٺڪاڻي تي لڳائڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا آهن. جڏهن ته هوٽل انتظاميه ان الزام کي رد ڪندي چيو آهي ته ڍنڍ جو پاڻي ٻين سببن جي ڪري خراب ٿيو آهي ۽ سندن دعويٰ آهي ته هنن ماحوليات جي مطابق جيڪي به معيار مقرر ڪيا ويا آهن انهن کي مڪمل طور تي اختيار ڪندي پنهنجو ويسٽ ٺڪاڻي لڳايو آهي.
گلگت بلتستان پاڪستان جو اهو اتريون علائقو آهي جنهن جي خوبصورتي سڄي دنيا ۾ مشهور آهي نه صرف اتان جي خوبصورتي سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، پر اتان جا ماڻهو، اتان جي ثقافت، اتان جي صاف آبهوا سڄي دنيا جي سياحن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي. سٺي ڳالهه اها آهي ته هتي سياحت دنيا جي ٻين مغربي ملڪن جي مقابلي ۾ تمام گهڻي سستي آهي ۽ گلگت بلتستان جي ماڻهن جو گذر سفر سياحت تي هجڻ جي ڪري هو پنهنجي اوسي پاسي تمام گهڻي صفائي به رکن ٿا ۽ سياحت کي واڌ ويجهه ڏيڻ جي لاءِ جيڪي به قدم کڻي سگهجن ٿا انهن تي عمل ڪيو وڃي ٿو، پر ڪجهه سرمائيدارن جي لاپرواهيءَ جي ڪري هن واقعي سياحن کي هن پاسي اچڻ کان ضرور روڪيو هوندو.
پاڪستان دنيا جي انهن خوشنصيب ملڪن مان هڪ آهي جتي چار موسمون ڀرپور نموني سان ملي سگهن ٿيون، پر گرمين جي موسم ۾ اترئين علائقن ۾ ٿڌ هجڻ جي ڪري گرم علائقن کان ماڻهو وڃي ٿڌن علائقن ۾ ڪجهه ڏينهن آرام سان گهمي ڦري آبهوا تبديل ڪري پنهنجي مزاج کي خوشگوار بڻائي پنهنجن پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽي سگهن ٿا، پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ ايڪو سسٽم جي اهميت کي اتر کان وٺي ڏکڻ تائين نظر انداز ڪيو پيو وڃي، جنهن جي ڪري نه صرف پاڻي گندو ٿي رهيو آهي، پر اسان جي هوا به گدلي ٿيندي وڃي.
هن وقت ڪراچي دنيا جي گدلاڻ وارن شهرن ۾ سڀ کان اڳڀرو نظر اچي ٿو. جڏهن ته نومبر، ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروري جا مهينا لاهور ۾ هوا جي گدلاڻ جا مک مهينا هوندا آهن ۽ انهن مهينن ۾ ڪوبه ماڻهو جنهن کي دم، سلهه يا ڦڦڙن جي ڪا بيماري آهي، اهو لاهور ۾ رهڻ جو تصور نٿو ڪري سگهي. اها سڄي صورتحال صرف ان ڪري پيدا ٿي آهي جو اسان ماحول کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کڻي رهيا آهيون بلڪه هن وقت ماحول جي تباهيءَ جي لاءِ تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيا آهيون. وڻ ۽ ٻيلا وڍجي رهيا آهن، فطرت جي سونهن غائب ٿي رهي آهي.
انهن جي جاءِ تي سيمينٽ جون ڊگهيون ڊگهيون عمارتون پنهنجو ڄار پکيڙي رهيون آهن، جن ۾ اسان قيدي بڻجي پنهنجون زندگيون گذاري رهيا آهيون. هائوسنگ سوسائٽين ۾ ٻارن جي لاءِ راند کيڏڻ جي ميدانن تي بلڊر مختلف بلڊنگون قائم ڪري انهن کي ختم ڪري ڇڏين ٿا ۽ اسان جي ٻار کي ڪٿي به ڪوبه سائو ٽڪر يا باغ باغيچو نٿو ملي جتي هو کيڏي سگهي ۽ صاف سٿري هوا پنهنجن ڦڦڙن ۾ لاهي سگهي. اسان هڪ بيمار نسل پيدا ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آهيون. گلگت بلتستان جتي سياحتي علائقو آهي اتي ان جي مٿان تمام گهڻيون ذميداريون به عائد ٿين ٿيون ته اهو پنهنجو پاڻ کي صاف سٿرو رکي ۽ جيڪي صفائي ۽ سٿرائي جا قائدا ۽ قانون آهن انهن مطابق ويسٽ ٺڪاڻي لڳائي.
هڪ ذميدار اليڪٽرانڪ چئنل جي رپورٽر مطابق گلگت بلتستان جي هوٽلن جو گندو پاڻي مختلف ندين ۽ نالن ۾ بنا ڪنهن ٽريٽمينٽ جي داخل ٿئي ٿو ۽ پوءِ اهو سنڌو درياءَ ۾ ڪري ٿو، جيڪو سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ کي به گدلو ڪري ٿو، جيڪا هڪ تمام گهڻي ڳڻتيءَ جهڙي ڳالهه آهي، ان جي لاءِ نه صرف گلگت بلتستان جي انتظاميه کي بلڪه وفاق، پنجاب ۽ سنڌ حڪومت کي سنجيدگيءَ سان ويهي هڪ ٺوس پلان جوڙڻ کپي ته جيئن اها گدلاڻ گلگت بلتستان ۾ ئي دفن ٿي وڃي ۽ اڳتي پاڻيءَ جي ذريعي ٻين صوبن تائين نه پهچي سگهي.
ان جي لاءِ ضروري آهي ته انهن ملڪن جي صفائي جي انتظامن کي ڏٺو وڃي جتي سياحت جا گهڻا ماڳ آهن ۽ روزانو جي بنياد تي لکين ماڻهو انهن ملڪن جو سفر ڪن ٿا، مختلف هنڌن تي رهن ٿا، مختلف ماڳن تي گهمن ڦرن ٿا ۽ پوءِ انهن جو فضلو به صحيح طريقي سان ٺڪاڻي لڳايو وڃي ٿو ۽ ماحول جي گندگي به نظر نٿي اچي. مسلمان ملڪ جي حيثيت سان صفائي اسان جي اصولن ۽ زندگيءَ جي ايمان جو اڌ حصو آهي، پر عملي طور تي اسان جي قوم ۽ اسان جو ملڪي نظام ڪٿي به صفائي جي لاءِ سنجيده نظر نٿو اچي. اميد آهي ته اسان پنهنجي زندگين ۾ جتي جتي صفائيءَ جي ضرورت آهي اتي صفائيءَ جو خيال رکنداسين ۽ ماحول کي گدلاڻ کان پاڪ بنائڻ لاءِ جيڪي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، اهي کڻنداسين.