خاصنئون

آصف علي زرداري ۽ بلاول اڄ نيب آڏو پيش ٿيندا

آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري اڄ نيب راولپنڊي آڏو پيش ٿيندا. ٻئي ڄڻا ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نيب راولپنڊي کي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندا. خبرن مطابق چيو پيو وڃي ته نيب 100 سوالن تي ٻڌل سوال نامون به تيار ڪري ورتو آهي. اڳوڻي صدر ۽ بلاول ڀٽو زرداري کان پارڪ لين ڪمپني بابت سوال ڪيا ويندا ۽ نيب جون ٻه ٽيمون آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو جا بيان ڌار ڌار رڪارڊ ڪنديون. پيشي جي موقعي تي پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي. ٻئي طرف نيب آفيس جي چوڌاري سيڪيورٽي کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڊي چوڪ کان پارليامينٽ تائين واري رستي کي به پوليس پاران بند ڪيو ويو آهي.