خاصنئون

زرداري نيب جو ڪال اپ نوٽيس چئلينج ڪري ڇڏيو

اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري نيب جي ڪال اپ نوٽيس کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. نيب آصف علي زرداري ۽ سندس پٽ بلاول ڀٽو زرداري کي 20 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي. پنهنجي درخواست ۾ آصف زرداري عدالت کي چيو آهي ته عدالت نيب جي ڪال اپ نوٽيس کي ڪالعدم قرار ڏئي. هن موقف اختيار ڪيو آهي ته ٻن پرائيويٽ ڪمپنين جي معاملي ۾ نيب مداخلت نٿي ڪري سگهي. آصف علي زرداري جي درخواست جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي. نيب مطابق آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري پارڪ لين اسٽيٽ ڪمپني جي 25، 25 سيڪڙو شيئرن جا مالڪ آهن.