بلاول ڀٽو زرداري چارٽر آف ڊيمو ڪريسي کي نئين سر ٺاهڻ جي گهر ڪري ڇڏي
بلاول ڀٽو زرداري هڪ نئون چارٽر آف ڊيمو ڪريسي ٺاهڻ جي گهر ڪري ڇڏي آهي. جنهن سان شهرين جي بنيادي آئيني حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. ڪالهه هڪ پريس ڪانفرنس سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري هن خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته هو سڀني سياسي پارٽين سان ڳالهائڻ لاءِ به تيار آهي. هن اهو به چيو ته اڳوڻي چارٽر آف ڊيمو ڪريسي ٺهڻ سان اسان جي پارٽي کي نواز شريف ۽ شهباز شريف پاران ناڪاري رويو ڏسڻو پيو هو. جنهن ڪارڻ اسان جي پارٽي کي ان مان اڻوڻندڙ تجربو حاصل ٿيو هو. ياد رهي ته اڳوڻي چارٽر آف ڊيمو ڪريسي نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو وچ ۾ 2006 ۾ جنرل مشرف جي دور ۾ صحيح ڪيو ويو هو. ان چارٽر ۾ ٻنهي اڳواڻن هڪٻئي جي خلاف کنيل قدمن کي غلط فيصلو قرار ڏنو هو. ساڳي وقت اهو به اعلان ڪيو ويو هو ته اهي ٻئي ڄڻا ايندڙ وقتن ۾ ملڪ اندر ادارن ۾ بهتري آڻيندا، جنهن ۾ ملٽري، عدليه ۽ نيب شامل هوندا. جنهن بعد 2007 ۾ بينظير ڀٽو جي قتل کانپوءِ 2008 ۾ نئين حڪومت اچڻ کانپوءِ هڪٻئي تي چارٽر آف ڊيمو ڪريسي کي ٽوڙڻ جا الزام هڻندا رهيا ۽ ٻنهي ان ڳالهه جو ارادو ظاهر ڪيو هو ته اهي نيب کي ختم ڪندا پر ان تي عمل درآمد نه ڪري سگهيا. بلاول چيو آهي ته هن وقت سڀني پارٽين وچ ۾ اتفاق هجڻ گهرجي ته جيئن اهي چارٽر آف ڊيمو ڪريسي ذريعي شهرين جي آئيني حقن، پريس جي آزادي ۽ عدليا جي آزادي لاءِ ڪم ڪري سگهن.

