آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جا نالا اِي سي ايل مان خارج
عبوري حڪومت پاران هڪ اهم فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جا نالا اِي سي ايل مان خارج ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ چيف جسٽس ثاقب نثار اها ڳالهه ڪئي هئي ته مٿن مني لانڊرنگ جو ڪيس ثابت نه ٿيو آهي. ان حوالي سان حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته وزارت داخلا پاران آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جا نالا اِي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيا آهن ۽ ان نوٽيفڪيشن جي ڪاپي سڀني لاڳاپيل ادارن کي موڪلي وئي آهي. واضح رهي ته 35 ارب رپين جي فرضي ڏي وٺ واري معاملي ۾ ٻنهي جا نالا ايف آءِ اي جي درخواست تي اِي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا هئا. هن ڪيس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هن اسڪينڊل ۾ سنڌ بينڪ، يونائيٽيڊ بينڪ پاڪستان ۽ سمٽ بينڪ شامل آهن. ٻنهي ڄڻن جو نالو باقي 5 ملزمن سان گڏ 8 جولاءِ تي شامل ڪيو ويو هو. جڏهن ته وزارت داخلا چيو هو ته ٻنهي جا نالا سپريم ڪورٽ جي چوڻ تي شامل ڪيا ويا هئا.

