کاڌي جا سامان گهر تائين پهچائيندڙ روبوٽ
چين جي هڪ هوٽل ۾ هوم ڊليوري لاءِ خاص روبوٽ خريد ڪيا آهن هي روبوٽ کاڌي پيتي جا سامان ماڻهن جي گهر تائين پهچائڻ جو ڪم ڪرڻ لاءِ رکيا ويا آهن. هن روبوٽ جي رفتار 12 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ آهي. 30 ڪلو گرام وزني هن روبوٽ ۾ ڪئمرا ۽ جي پي ايس جا اوزار به لڳل آهن. هن کي ريسٽورينٽ ۾ ويٺل مانيٽر ڪنٽرول به ڪري سگهي ٿو. روبوٽ ۾ چار ڪئمرائون لڳل آهن جن جي مدد سان اهو هر طرف کان ٽريفڪ تي نظر رکي سگهي ٿو. هن روبوٽ ۾ پاڻ مرادو سسٽم لڳل آهي جيڪو هن کي رستي تي ساڄي کاٻي مڙڻ جا حڪم به ڏيندو رهندو آهي. هن وقت هن روبوٽ کي آزمائشي بنياد تي ٺاهيو ويو آهي. جنهن ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد ڪجهه تبديلين کانپوءِ هن روبوٽ جا وڌيڪ نمونا تجارتي بنيادن تي به تيار ڪيا ويندا. جنهن کانپوءِ هن کي شهر کان ٻاهر به آرڊر پهچائڻ لاءِ موڪليو ويندو.