لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نواز خاندان جي سزائن خلاف ٻڌڻي اڄ ٿيندي
نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر کي مليل سزائن خلاف اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿيندي. درخواست جي ٻڌڻي جسٽس علي اڪبر قريشي ڪندو. هيءَ درخواست ايڊووڪيٽ اي ڪي ڊوگر جمع ڪرائي آهي. جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب قانون غير موثر ٿي ويو آهي ۽ ان تحت سزا نٿي ٻڌائي سگهجي. ان لاءِ نيب جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.