اڄ کان ڏھه سال اڳ پيرس ۾ گڏيل قومن جي ماحولياتي اداري طرفان ھڪ ميٽنگ جو انعقاد ڪيو ويو، جنھن جو مقصد دنيا ۾ رونما ٿيندڙ موسمياتي تبديليءَ کي روڪڻ لاءِ موثر اپاءُ وٺڻ ھو. ھن ميٽنگ ۾ دنيا جي 195 ملڪن جي وچ ۾ ھڪ معاھدي تي صحيحون ڪيون ويون ۽ اھو معاھدو 4 نومبر 2016 کان نافذ ڪيو ويو. ان معاھدي جو بنيادي مقصد “گرمي پد جي واڌ کي صنعتي دور کان اڳ جي سطح کان 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود ڪرڻ” جي ڪوششن کي جاري رکڻ ھو. ھن جو وڏو ۽ مکيه سبب اھو ھو ته 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ جي حد کي پار ڪرڻ سان موسمياتي تبديليءَ جي وڌيڪ سخت اثرن جو خطرو پيدا ٿي سگھي ٿو، جنهن ۾ سخت خشڪ سالي، گرميءَ جي لهر ۾ اضافو ۽ برسات جي شدت ۾ گھٽ وڌائي شامل آهن. عالمي گرمي پد کي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود ڪرڻ لاءِ گرين هائوس گئسن جو اخراج 2025 جي اخراج جي مقابلي ۾ 2030 تائين 43 سيڪڙو گھٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پيرس معاهدي جي حيثيت ھڪ اھڙي سنگ ميل جي سمجھي ويندي آهي، جنھن موسمياتي تبديليءَ جي عمل کي منھن ڏيڻ لاءِ سڄي دنيا جي قومن کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪيو. پيرس معاهدي کي ضرورتمند ترقي پذير ملڪن جي مالي ۽ فني مدد لاءِ هڪ فريم ورڪ جي حيثيت پڻ ڏني وئي. پيرس معاهدي کانپوءِ دنيا ۾ صاف توانائيءَ جي حصول لاءِ ڪوششون تيز ٿي ويون ۽ شمسي توانائي ۽ ھوا جي توانائيءَ جي استعمال ۾ تيزي اچڻ شروع ٿي وئي. نه صرف حڪومتي سطح تي انھن جي استعمال ۾ واڌارو ٿيو، پر عوام پنھنجن گھرن، فارمن ۽ فيڪٽرين ۾ پڻ اھڙا سسٽم لڳائڻ شروع ڪيا جنھن سان دنيا ڪافي حد تائين بهتريءَ طرف وڌڻ لڳي، پر جنھن رفتار سان صاف توانائيءَ جو استعمال وڌيو اھا پنھنجا حدف پورا ڪرڻ لاءِ ناڪافي ثابت ٿي. اڄ ڌرتي، صنعتي دور کان اڳ جي سطح جي مقابلي ۾ 1.41 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ گرم ٿي چڪي آهي. “ڪوپرنيڪس ڪلائيميٽ چينج” جي اڳڪٿيءَ مطابق پيرس معاھدي ۾ طئي ڪيل 1.5 ڊگري واڌ 2029 ۾ حاصل ٿي ويندي جنھن تي اسان کي 13 سال بعد يعني 2042 ۾ پھچڻو ھو. صاف ظاھر آھي ته آباديءَ ۾ بي تحاشا واڌ جي ڪري ٽرانسپورٽ ۽ صنعتن ۾ واڌ ناگزير ٿيندي پئي وڃي جيڪا گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ ڏينھون ڏينھن اضافي جو باعث بڻجي رھي آھي.