بلاگنئون

حيدرآباد جي سدا بھار شاعر اڪرم بخارائي سان ڪچهري

حيدرآباد جي ويجھو بخاري سادات بزرگ ھستين جي وسندي ڳوٺ محمد خان باگراڻي “ديھ شاھ بخاري” جي صوفي رنگن سان ڀريل درويشي وڻندڙ ماحول ۾ 2 مارچ تي جنم وٺندڙ سدا بھار شاعر اڪرم بخارائي ھڪ يار ويس مولائي طبيعت رکندڙ دلبر شخص آھي. نه منجھس زماني گيري واري ٺشن بازي ڏسڻ ۾ ايندي نه غرور ۽ تڪبر واري طبيعت محسوس ٿيندي. منجھانئس سادگي، نوڙت جي خوشبو جي سرهاڻ جو لطف اچڻ ڪري ساڻس ڪچھري دوران وقت جي خبر ئي نه پوندي، صبح منجهند ۽ شام جا پھر گذرندي رات جي اونداھي ليا پائڻ لڳندي آهي. خبرون چارون، عشق، شاعري، ڪلام، موسيقي جا سڀ رنگ ھن سٻاجھڙي شاعر ۾ موجود ملندا. محمد اڪرم سان ڪچھري جي سڳنڌ سان ائين لڳندو آهي ڀلي پيو وقت گذري جيئن ڪچھري جي لطف سان دل ۽ دماغ کي ويٺو ٺارجي.
بخارائي تخلص بابت پاڻ واضح ڪيو ته: جنهن ڳوٺ ۾ پاڻ رھي ٿو اهو درويش بزرگ ولي الله “حضرت ابراهيم شاھ بخاري” جو علائقو ديھ شاھ بخاري جي نالي سان سڏجي ٿو. بزرگ جي هتي وڏي درگاهه پڻ آهي هر سال 21 کان 24 ربيع الاول تائين ساليانو عرس مبارڪ ٿئي ٿو. (بخاري سادات مديني کان بخارا کان ٿيندا هجرت ڪندا سنڌ ۾ آباد ٿيا تڏهن هي بخاري سيد سڏائين ٿا) ديھ شاهه بخاري ۾ رھڻ جي حوالي سان “بخارائي” تخلص رکيو آھي۔
محمد اڪرم، ڳوٺ باگراڻي جي ڳوٺاڻي ماحول واري وسنديءَ جي پرائمري اسڪول ۾ تعلم جا پنج درجا پاس ڪري نور محمد ھاءِ اسڪول، حيدرآباد مان مئٽرڪ پاس ڪئي. معاشيات جي علم واري شوق سبب پاڻ انٽر ڪامرس ڪاليج حيدرآباد ۽ گريجوئيٽس سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪندي بي ڪام ۽ ايم اي اڪنامڪس جي ڊگري حاصل ڪري علم جي روشنيءَ سبب پنهنجو ۽ پنهنجي اباڻي ڳوٺ جو نالو روشن ڪيو.
ان بعد کيس وڏن ڪشالن سان “سوئي سدرن گئس ڪمپني” ۾ نوڪري نصيب ٿي جتي پاڻ موجوده وقت ۾ بلنگ ڊپارٽمينٽ ۾ زونل آفيسر طور فرض ادا ڪري رھيو آھي، سندس پروموشن نه ٿيڻ جا احساس آھن.
ڀلوڙ طبيعت رکندڙ محمد اڪرم جو شاعريءَ طرف لاڙو ڪنهن ماھ لقا سان اکيون چار ٿيڻ ڪري سندس شوق سان ياد، ملاقات جي اڻ تڻ، انتظار واري بيقراري کيس اندر ۾ لڪل شاعر کي منظر عام تي آڻي ڇڏيو. شاعر اڪرم ڪو بازاري عام سستو شاعر ناھي، پر پنهنجي خلوص ڀري ڏات سان سخي جي دعائن سان نوازيل شاعري جو مجموعو صوفي رنگ پڌرو ڪري شاعرن جي فهرست ۾ باقاعدہ صاحبِ ڪتاب جي حيثيت ۾ باوقار انداز سان شمار ٿيڻ لڳو.
سندس شاعري جو مجموعو صوفي رنگ ڇپجي پڌرو ٿيل آھي جڏھن ته ٻيو ڪتاب به تيار ۽ جلد پڌرو ٿيڻ وارو آھي. بخارائي جي شاعري ۾ غزل، عارفاڻا ڪلام، نعتيه ڪلام، سوز وَ سلام شامل آھن، جيڪي ڪيترن فنڪارن جن ۾: استاد مظھر حسين، استاد ذوالفقار علي، ماسٽر تعمير حسين، سوڍو جوڳي، برڪت فقير ۽ ٻين راڳين طرفان پنهنجي پنهنجي انداز سان سر سنگيت جا بخملي ويس ڍڪائي پيش ڪري خوب داد وصول ڪيو. بخارائي صاحب شاعري سان گڏ پنهنجي ملازمت جي مصروفيتن کانسواءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن تي بطور ڪمپيئر پنهنجا جوھر ڏيکاري ٿو.
شاهه جا 30 سر نصير مرزا صاحب رڪارڊنگ ڪرائي ريڊيو تي مرتب ڪيل ڪتاب ڪيٽلاگ ۾ ڪيل شاعري جو سربستو احوال شامل ڪيو آهي جيڪو ريڊيو جي تاريخ جي ورڪن ۾ سڀ ڪجھ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي۔ اھڙيءَ ريت ايف ايم ريڊيو تي پروگرام ڪرڻ سان گڏوگڏ خاص طور شاھ لطيف جي شاعريءَ کي تحت الفظ ۾ پڙھندي ان جي بھترين انداز سان تشريح ڪرڻ جو ھڪ جدا انداز سان نوازيل آھي جيڪو سندس مقبوليت کي چار چنڊ لڳائي روشن ڪري ٿو. نوجوان شاعر اڪرم بخارائي سنڌي ادبي سنگت، بَزمِ روح رھاڻ جو ميمبر ۽ سنڌ پيپلز آرگنائيزيشن جو سرگرم محبتي ڪارڪن طور خدمتون سرانجام ڏئي ٿو. ادبي خصوصن شاعري جي پروگرامن ۾ سندس، شرڪت ضرور رھي ٿي. شاھ عبداللطيف ڀٽائي، لال شھباز قلندر جي ولادت جي مناسبت سان سرڪاري سطح تي ملھايا ويندڙ ادبي پروگرام ۾ ٻين شاعرن سميت کيس به شرڪت جي ڪوٺ ڏني وڃي ٿي.
حيدرآباد چيمبر آف ڪامرس جي طرفان سن 2012ع ۾ 50 سالن واري گولڊن جوبلي ملھائڻ وارن پروگرامن ۾ بين الاقوامي مشاعرو به ڪرائڻ جا انتظام ڪيا ويا جنهن ۾ چند ٻاھرين ملڪن جي ناميارن شاعرن کي شرڪت جو سڏ ڏنو ويو ھو، جنهن ۾ سنڌ جي شاعرن جي نمائندگي وارو اعزاز، اڪرم بخارائي کي حاصل ٿيو. پاڻ اردو سنڌي ۽ سرائيڪي ٻولين ۾ پنهنجي شاعري پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو. ھتي ساڻس ايران، ھندستان، بنگلاديش، سريلنڪا، برطانيه ۽ ڪيناڊا مان آيل مهمان شاعرن سان ملاقات ٿي جن پنهنجي اظھار ۾ بخارائي جي شاعري کان متاثر ٿيندي ان کي خوب پسند ڪيو. ھن محبوبي مزاج رکندڙ مصروف شاعر لاء دل سان دعائون آھن ته، پاڻ جتي ھجي خوش ھجي.
جهان جي جوڙڻ جو وستار ڪيو ستار،
نڪا ڪن فيڪون نه هئي ٻِي ڪا گفتار,
وَحدت جي وائي جي ملڪن هئي پڪار،
محبوب جي آڌار!
جوڙي جوڙ جهان ڏنو. (بخارائي)